رونتي (ڳوٺ): تعلقي اوٻاوڙي ضلعي گهوٽڪي جو هڪ قديمي شھر آهي. هي شھر رونتي ڏهر نالي هڪ هندوءَ آڳاٽي دؤر ۾ وهندڙ ڍوري جي ڪناري تي ٻڌرايو هو. هن وقت هتي ڏهر، چاچڙ، ملڪ، شر، ڪوش، سولنگي ۽ هندو ڪميونٽي جا ماڻهو آباد آهن.رونتي ضلعي گهوٽڪيءَ جي سڀ کان وڏي يونين ڪائونسل بہ آهي، جنهن ۾ 16 ديهون آهن. هتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پرائمري اسڪول، اسپتال، ٿاڻو ۽ مارڪيٽ وغيرہ بہ آهن.