
روهتاس قلعو

روهتاس قلعو

روهتاس قلعو
روهتاس قلعو (تاريخي ماڳ): هيءُ قلعو، پنجاب صوبي جي جھلم جي اتر اولھہ ۾ 16 ڪلوميٽر ۽ ’دينه‘ ڳوٺ کان ستن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هي قلعو زميني سطح کان 91 ميٽر اوچائيءَ تي ۽ سامونڊي سطح کان 818 ميٽرن جي بلنديءَ تي آهي. مستطيل ۽ بي ترتيب بناوٽ سان 51،100 چورس ميٽرن تي پکڙيل هيءُ قلعو چوڪنڊن گهڙيل پٿرن جي تعمير جو نادر نمونو آهي. پري کان هي قلعو آڏين ٽيڏين لڪيرن سان لهرون هڻندو نظر ايندو. قلعي جو گهيرو 5.2 ڪلوميٽر آهي. هن قلعي ۾ ڪُل 68 برج ٿوري ٿوري مفاصلي تي آهن، جنهن سان ديوار جي مضبوطيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو. ديوارون بنيادن ۾ 30 کان 40 فوٽ ٿلهيون ۽ 30 کان 50 فوٽن تائين ڊگهيون آهن. ديوارن سان لاڳاپيل بُرج نہ صرف ديوارن جي مضبوطي، پر خوبصورتيءَ ۾ نظر رکي تعمير ڪيا ويا هئا. قلعي جي اندرئين حصي ۾ ٽن قطارن تي مشتمل حفاظتي ديوارون ٺهيل آهن، جيڪي هڪٻئي سان ڏاڪڻين وسيلي ڳنڍيل آهن. قلعي جي ديوارن جو مٿيون حصو ڪنگري نما پلويڙن سان ڍڪيل آهي. قلعي جي ديوارن تي دفاع خاطر هنڌ هنڌ تي مورچي طور ڳڙکا ڇڏيل آهن، جن مان بندوق بردار سپاهين جو جٿو دشمنن تي آسانيءَ سان حملو ڪري سگهندا هئا، ان کان سواءِ ڀت جي مٿان لڳ ڀڳ بچاءُ لاءِ ٺاهيل پلويڙن تان تيراندازيءَ ۽ ڳرين توپن رکڻ جي جاءِ لاءِ دڪا پڻ ٺهيل آهن.
درن جي ويجهو قلعي جي فصيل ۾ حملہ آورن تي پٿر يا ڳريل شيهو وسائڻ لاءِ جهروڪا ٺهيل آهن. قلعي جي حفاظت ۽ سپاهين جي اچ وڃ لاءِ ديوارن ۾ مختلف ماپن جون بالڪنيون ٺهيل آهن. جنگي حڪمت عملي ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ خاطر قلعي ۾ ڪُل ٻارهن در (دروازا) آهن، جن کي مختلف نالن سان منسوب ڪيو ويو آهي. قلعي جي اولھہ طرف کان ڪابولي، شيشي، لنگر خاني، تلاقي، دروازا، اترئين طرف موري يا ڪشميري، خواص خاني، گتالي (ڏاکڻين پاسي) سُهيل، دروازا آهن، جڏهن تہ اوڀر کان تُلا موري ۽ پيپل دروازا شامل آهن. ٻارهون ۽ آخري وڏو دَر شاھہ چند والي جي نالي سان مشھور آهي. بناوٽ جي لحاظ کان هيءُ سڄو قلعو وڏيءَ جسامت واريءَ ڀت سبب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ديوار ۾ هڪ دَرُ بہ نصب ٿيل آهي. قلعي جو پهريون حصو اولھہ واري پاسي کان ڪجهہ مٿاڇري تي ڪاهان درياھہ طرف اندرڪوٽ (Andarkot) نالي سان شھر پناھہ، شاهي مسجد ۽ راجا من سنگهہ جي حويلي تي مشتمل هو، جڏهن تہ هيٺئين حصي ۾ جنگي سپاهي، هڪ باؤلي، هڪ کوھہ ۽ پنج حوض (تلاءُ) ٺهيل هئا. قلعي ۾ قائم شاهي مسجد ڪابولي (قبولي) دَرُ جي ويجهو واقع آهي، مسجد جي عمارت جي مھڙ واري حصي ۾ ٽي ونگاوان دَرَ تعمير ٿيل آهن. نماز جي ادائيگيءَ لاءِ 63 x 24 فوٽن تي مشتمل ننڍڙو اڱڻ موجود آهي. مسجد جي ڇت مستطيل انداز ۾ گنبذ کانسواءِ ٺهيل آهي. مسجد ۾ سينگار جو ڪم نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ آهي. مسجد جي مٿئين حصي ۾ ڪٽهڙو ٺهيل آهي، جيڪو ’ﷲ‘ جي نالي سان گل نما ڪنگرن سان سينگاريل آهي. محراب جي ٻاهرئين ونگ جي هڪ پاسي ڀت ۽ ڇت جي گڏجڻ سان ٺهيل ٽڪنڊي شڪل تي گلاب نما گلن جي ول ۽ ڪناري تي رنگين (Lillies) ڪنول نقش ٿيل آهن.
مسجد جي مهاڙيءَ ۾ مڙيل سِرن سان جهل جي هيٺان ڇپر (ڇڄو) پڻ ٺهيل آهي. شاهي مسجد کانسواءِ قلعي جي اندر شهنشاھہ اڪبر ۽ سندس پٽ جھانگير جي دؤر جي خاص منصب دار راجا مانسنگهہ جي حويلي قلعي جي وچ تي واقع آهي. هن قلعي اندر ڪُل ٻہ باؤليون (Baolies: ڏاڪڻ وارا کوھہ) تعمير ٿيل آهن، جن مان هڪ ڪابولي/ قبولي دَرَ ۽ ٻيو تلا موري دَرُ جي ويجهو آهي، اهي کوھہ گرميءَ جي موسم ۾ تفريحي ماڳ طور استعمال ٿيندا هئا. انهن کوهن/ باؤلين ۾ هيٺ لھڻ لاءِ ڏاڪڻ جو استعمال ڪيو ويندو هو. ڪابولي/ قبولي دَر وٽ قائم باؤلي/ کوھہ ۾ هيٺ لھڻ لاءِ 60 ڏاڪا، جڏهن تہ تُلا موري دَر جي ويجهو قائم باؤليءَ ۾ 148 ڏاڪا آهن. روهتاس قلعي جي تعمير جي سن/ سال متعلق ڪا مستند تاريخ نہ ٿي ملي، ان هوندي بہ ششي دَرُ تي فارسيءَ ۾ درج تاريخ مان اندازو ٿئي ٿو تہ روهتاس قلعو 948ھہ/ 1541ع ۾ تعمير ٿيو هو. هن قلعي کي مغل سلطنت جي شهنشاھہ همايون کي شڪست ڏيندڙ شير شاھہ سوريءَ جوڙايو هو، کيس اعليٰ ۽ نادر تعميراتي فن ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي. هن پنھنجي دور ۾ بھترين تعميراتي فن جا ڪيترا قلعا، مسجدون، روڊ رستا ۽ سرائون جوڙايون. روهتاس قلعو تعمير ڪرائڻ جو بنيادي سبب پنھنجي حاڪميت جي استحڪام ۽ مغل بادشاهت جي حاڪم همايون جي ٻيهر حڪومت ڪرڻ جي خواهش کي ناڪام بنائڻ هو.
قلعي جي ڪل تعميراتي لاڳت جي باري ۾ بہ تضاد ملن ٿا. هڪ اندازي موجب قلعي جي هڪ دَر جي ڀرسان مڙهيل پٿر تي قلعي جي تعميراتي لاڳت 16,10,00,000 درهم ڄاڻايل آهي. هڪ ڪتاب ’تاريخ دائوديءَ‘ موجب روهتاس قلعي جي مجموعي تعميراتي لاڳت ان وقت جي حساب سان اٺ ڪروڙ، پنج لک ۽ اڍائي سو درهم آهي، جيڪا قلعي جي در تي بہ ڄاڻايل آهي.