روهيڙو

روهيڙو

روهيڙو

روهيڙو (Tecoma): روهيڙو، جنهن کي لوهيڙو بہ چون ٿا، وچولي قد جو هڪ وڻ آهي، جيڪو ٿر ۽ ڪوهستان ۾ عام جام ٿئي ٿو. روهيڙي جو ڪاٺ عمارتي ڪاٺ ۽ جٽادار فرنيچر طور ڪم ايندو آهي. هي وڻ گجرات، راجسٿان، مارواڙ، سنڌ، هرياڻا، پنجاب، بلوچستان ۽ عرب علائقن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هي وڻ ٿر، ڪاڇي ۽ کيرٿر جي جابلو علائقن ۾ ملي ٿو. روهيڙي جو ڪاٺ ڳرو، نهرو ۽ پائيدار ٿئي ٿو، جنهن تي چٽساليءَ ۽ جنڊيءَ جو سٺو ڪم ۽ پالش ٿي سگهي ٿي. روهيڙي کي ’ريگستاني ساڳوان‘(Desert Teak) بہ چيو وڃي ٿو.
روهيڙو پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي. هي وڻ ڪن حالتن ۾ غير هموار (Undulated areas) زمينن، جابلو چڙهاين ۽ درياهي گهارن يا ڦاٽن (Ravines) ۾ بہ ٿيندو آهي. هي وڻ گهٽ بارش ۽ اڻ ريجيل ايراضين ۾ بہ ٿيندو آهي. اهڙا علائقا جتي برسات 150 کان 500 ملي ميٽر پوي ۽ اتان جو گرمي پد 35 کان 48 سينٽي گريڊ هجي، اتي بہ روهيڙو ٿيندو آهي. هن وڻ ۾ خشڪي، پاري، باھہ ۽ تيز هوا کي برداشت ڪرڻ جي سگهہ آهي. روهيڙو عرب علائقن، ڏکڻ پاڪستان ۽ اتر اولھہ هندستان ۾ 1200 ميٽر بلنديءَ تي ملي ٿو، جڏهن تہ هي وڻ زرعي ٻيلن (Agro forestry) طور سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پوکي سگهجي ٿو.
روهيڙو زرعي زمينن ۾ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هي وڻ ٻيلي جي زمينن ۾ ڪنڊيءَ، ڪرڙ، ٻٻر ۽ کٻڙ سان گڏ وڌي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو روهيڙو، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. روهيڙو لٽاسي ۽ وارياسين زمينن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو، پر هي وڻ واريءَ جي مستقل دڙن تي وڌيڪ جٽاءُ ڪري ٿو. روهيڙو جابلو علائقن ۾ بارش وارن هنڌن ۽ خشڪ علائقن ۾ بھار يا وسڪاري ۾ وڻڪاريءَ جي مھم دوران بہ اپايو ويندو آهي. روهيڙي جي وڻ/ ڪاٺ ۾ هڪ ڪيميائي جزو Quinoid ٿئي ٿو. روهيڙي جو ڪاٺ ٻارڻ ۽ ڪوئلي ٺاهڻ لاءِ تمام سٺو آهي. روهيڙي جا پن چوپائي مال ۽ ٻڪرين جي چاري لاءِ ڪم ايندا آهن. اٺ، ٻڪريون ۽ رڍون، روهيڙي جا گل ۽ ڦريون دلچسپيءَ سان کائينديون آهن.
روهيڙي جو وڻ ماحوليات جي بچاءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هي وڻ هوا روڪ (Wind break) ۽ واريءَ جي دڙن کي مضبوط رکڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. زمين کي پختو رکي ٿو. پکين جي پناھہ گاھہ آهي. ٿر ۾ اونهاري جي مند ۾ ريگستاني ۽ جهنگلي جيوَت، چوپائي مال، ٻڪرين ۽ اٺن لاءِ ڇانورو پڻ مهيا ڪري ٿو.
روهيڙي جا پن ڄار جي پنن کان وڏا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. هن جا گل ڇڳي (Corymb) جي شڪل ۾ ننڍين ٽارين تي ڳاڙهي، نارنگي ۽ پيلي رنگ جا مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ ٿين ٿا ۽ ڏاڍا خوبصورت لڳن ٿا.
هن وڻ جي واڌويجهہ ٻج ذريعي ٿئي ٿي، جيڪي ٻج هوا ذريعي پکڙجن ٿا. هن وڻ ۾ 4 کان 8 انچن جون ڊگهيون ڦريون ٿينديون آهن، جن مان ٻج ڦُٽندو آهي. روهيڙي جو ڪاٺ ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ تمام مهانگو ٿيندو آهي. ان ڪري ڪيترن سالن کان خاص ڪري ٿر ۾ هن وڻ جي واڍيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. واڍيءَ کي روڪڻ لاءِ ضلعي حڪومت ٿرپارڪر مختلف وقتن تي 144 قلم لاڳو ڪندي رهي ٿي. هي وڻ ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ عام ٿئي ٿو، پر مٺي ۽ ڇاڇري تعلقن ۾ گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو. ٿر واري پاسي هندو عقيدي موجب هن وڻ جي واڍي پاپ آهي. ان ڪري مقامي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪهاوت مشھور آهي تہ:
ارٿ پکيڻو اَڪ نہ وڍجي، نيم نہ ڪجي گهاءِ،
جِڪان وڍيا روهيڙا، اُوئان رِي رهي نہ ڪاءِ.
شيخ اياز بہ روهيڙي جي وڻ توڙي گل جي سونهن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي:
روهيڙي جي رنگ جون، ٻُڪڙ واريءَ تي،
ڍڪيون ڄڻ تہ مٿي، لويون لوئڙيارين!
-
سٿجي ويندو ساٿيو، روهيڙي وانگر،
گل گل ٿيندو گهر، ايندي باک بسنت جي!
هن وڻ جي طبي اهميت بہ آهي، جنهن ۾ روهيڙي جي ٿڙ جي کل سوزاڪ يا پرميل (Sypililis) ۽ پيشاب جي خرابيءَ جي علاج لاءِ ڪم اچي ٿي. هيءَ کل جريان (Gonorrhoea) ۽ جيري جي بيمارين لاءِ بہ علاج طور ڪم ايندي آهي. هن وڻ جا ٻج ڦرڙين (Abscess) جي علاج لاءِ ڪارائتا آهن.


لفظ روهيڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو