روهي
روهي
روهي (علائقو): روهي لفظ جي معنيٰ آهي ’صحرا جو گل‘. پنجاب جي بهاولپور ضلعي ۾ هي صحرائي علائقو 26300 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جيڪو سنڌ کان ٿيندو هندستان ۾ داخل ٿئي ٿو. هن کي ’چولستان‘ به چوندا آهن. ماضيءَ ۾ هاڪڙو درياهه هتان لنگهندو هو، جنهنڪري هاڪڙي درياهه جا ڪيترا سڪل پيٽ روهيءَ ۾ آهن، جن تي 410 سنڌو تهذيب جا ماڳ موجود آهن، جن کي ڊاڪٽر رفيق مغل ڳولي لڌو آهي. هي ماڳ سڄي روهيءَ جي علائقي ۾ پکڙيل آهن. هن خطي کي خواجه غلام فريد پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو ڳايو آهي. هتان جي عام ماڻهن جي ٻولي سرائڪي آهي. هن خطي کي پنهنجو تاريخي پسمنظر آهي. هتي لهندا ٻولي به ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي. عالمن جو خيال آهي ته لهندا سنڌي ٻوليءَ جي ڀيڻ آهي. هتي جا ماڻهو ٻني ٻاري سان گڏ اٺن، رڍن ۽ ٻڪرين جي به پالنا ڪن ٿا. هزارن سالن جي ثقافت رکندڙ هي خطو، مغلن جي دور تائين پنهنجي نج ثقافت سانڍيو آيو، پر اڪبر جي حملن، هتان جي ثقافت ۾ ڪافي ردوبدل آندي. هتي کيسن ۽ غاليچن جي اڻاوت جو عاليشان ڪم ٿئي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: چولستان، جلد چوٿون.)
نامور شاعر ۽ بزرگ ميان غلام فريد ڪوريجو، ويهه سال ’روهيءَ‘ ۾ رهيو. هن روهيءَ کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪافي ڳايو آهي:
چيتر بهار خزان ڏسيجي،
جھوڪ سپون ويران ڏسيجي.
نا ڪوئي علم نه ڪوئي بان ڏسي،
روهي ڏيڻ ڏريندي هي!
(بهار جا ڏينهن به خزان جا ڏينهن معلوم ٿيندا آهن. آباديون ائين لڳنديون آهن ڄڻ ويرانيون آهن، جتي نه علم حاصل ٿئي ٿو ۽ نه ڪا اميد رهي ٿي. روهي ڏانئڻ بڻجي ڊيڄاري رهي آهي).
روهي چولسـتـان جي نباتاتي پيـداوار: ضلعي بهاولپور جي روهي علائقي جي نباتاتي پيداوار منفرد حيثيت رکي ٿي. هتي جا وڻ ٻوٽا ۽ ٻوٽيون روهيءَ جي خاص آبهوا، زمين جي خاصيت، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ وارياسي ماحول سبب مختلف قسمن ۽ عجيب خاصيتن وارا ٿين ٿا. روهيءَ ۾ عام طور کار، کپ، لاڻي ۽ ڦوڳ جا ٻوٽا ملن ٿا. هتي جا ماڻهو اهڙن ٻوٽن مان هر قسم جو ضرورتون پوريون ڪن ٿا. کار ۽ کپ مهانگا ٻوٽا آهن.
(1) کار: کار، روهي جي ناڻي واري ٻوٽي آهي، جڏهن کار جي ٻوٽي پچي ٿي ته اُن کي لڻبو آهي ۽ ان کي ٿورو سُڪائي خاص طريقي سان هڪ کڏي تي سڌو بيهاري ساڙبو آهي. هن جي سڙڻ سان پيدا ٿيندڙ پاڻياٺو مادو کڏي ۾ جمع ٿيندو ويندو آهي، جڏهن کڏو ڀرجي ويندو آهي ته ان مادي کي پوري ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ دڪل (تودو) بڻجي پوندو آهي ۽ ان کي کار سڏبو آهي. کار کي کڏي مان ڪڍي استعمال ڪيو وڃي ٿو. کار روهيءَ جي ماڻهن جي اُپت واري پيداوار آهي. تيار شده ڪنگڻ کار صاف سُٿري ۽ گلابي چِٽي رنگ جي ۽ ڪافي تيز اثر رکندڙ ٿئي ٿي.
(2) کِپ: روهيءَ جي ٻي قيمتي ٻوٽي ’کپ‘ آهي. کپ تمام ڪمائتي آهي، هن جي ٽارين مان ٽوڪرا ۽ ٽوڪريون ٺاهيون وڃن ٿيون. کپ جي کل ريشي واري ٿئي ٿي. هيءَ ٻوٽي چٽي رنگ جي ۽ مضبوط ٿئي. هن ٻوٽيءَ جي ريشي مان واڻ وٽيو وڃي ٿو. هيءَ ٻوٽي روهيءَ وارن لاءِ سڻيءَ جو بهترين نعم البدل آهي، جيڪڏهن سائنسدان هن پاسي ڌيان ڏين ته کپ روهيءَ جو قيمتي اَثاثو ۽ آمدنيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي. کپ جي گُلن جي ڀاڄي به تيار ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي روهيءَ وارا وڏي شوق سان کائين ٿا. هن ٻوٽيءَ جون ڪاٺيون جهوپڙين جي ڇتين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
روهيءَ جي ٻين عام ٻوٽن ۾ لاڻو ۽ ڦوڳ وغيره مشهور آهن، اِهي ٻوٽيون اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون شوق سان کائن ٿيون. روهيءَ وارا هنن ٻوٽين کي ٻارڻ طور ڪم آڻين ٿا. روهيءَ ۾ برسات پوندي آهي ته هن بياباني علائقي ۾ اهڙين ٻوٽين جي رونق ۽ بهار ڏسڻ لائق ٿي پوندي آهي.
(3) ڇپري: ڇپري ٻوٽي روهيءَ جي سوغات آهي، خاص طور مهمانن کي سوکڙيءَ طور پيش ڪئي ويندي آهي. اعصابي طاقت لاءِ مفيد آهي. هن جا لڏون ٺاهي رڍن جي گرم کير ۾ ملائي کاڌا ويندا آهن. هن جو حلوو چيلهه جي سور لاءِ مفيد آهي.
(4) برم ڏنڊي: هيءَ ڪوڙي ٻوٽي آهي ۽ جگر جي گرمي ’صـفـرا‘ لاءِ مـفـيـد آهـي. عام طور دوائن ۾ استعمال ٿئي. هيءَ اُڃ پڻ گهٽائيندي آهي.
(5) ٻوڦلي: هيءَ ٻوٽي به دوا طور استعمال ٿئي. گرم غذا کائڻ وارن کي پيشاب جي نليءَ ۾ سوڄ ٿي پوندي آهي ۽ سور ۽ ساڙو ٿي پوندو آهي. ٻوڦلي جي سُڪي ٻوٽيءَ کي رات جو پُسائي صبح جو سوير کنڊ ملائي پيئڻ سان آرام اچي ويندو آهي. جريان لاءِ به فائديمند آهي.
(6) گورک پان: هيءَ هڪ ٿڌي ٻوٽي آهي، هن جي سُڪل پنن کي اُٻاري قهوو ٺاهي پيئبو آهي. هيءَ ٻوٽي چانهه نما آهي، جيڪا جگر جي ڪمزوريءَ لاءِ مفيد دوا آهي. شهرن ۾ هن کي چانهه طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن جو استعمال ڪيترين بيمارين کان بچائي ٿو.
(7) قطرن: هيءَ هڪ گاهه وانگر خوشبودار ٻوٽي آهي. هن جون پاڙون ڪول گهگهي يا مٽيءَ جي ڪوري ٿانَو ۾ پُسائي رکبيون آهن، سفر تي وڃڻ وقت اُٺ جي پاکڙي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ اڃ لڳڻ جي صورت ۾ پاڙون وات ۾ وجهي چوسبيون آهن. مٽيءَ وانگر هن طرح به تريهو گهٽ لڳي ٿو. هن ٻوٽي جو عرق به مريض لاءِ فائديمند آهي. صفراء وارا به هن عرق کي پيئن ته آرام اچي ويندو آهي.
انهن ٻوٽين کانسواءِ به روهيءَ ۾ بيشمار ٻوٽيون ملن ٿيون. روهيءَ جي علائقي ۾ انگريزي دوائن جي ڀيٽ ۾ هي ٻوٽيون گهڻيون استعمال ٿين ٿيون. مثال طور: ’بکڙا‘ سوڄ لاءِ، گندي ٻوٽي بواسير ۽ نزلي زڪام لاءِ ’ڪوڙتمه‘ ڏندن ۽ مهارين لاءِ، ’ڦوڳ‘ پيچش ۽ جسم جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ، ’لاڻو‘ مٿي ۽ بدن جي سُور لاءِ، سونا ٻوٽي سنياسن جي ضرورت جي شيءِ آهي ۽ اهڙي طرح ڍوڍڪ به ڪيميادانن جي ڪم جي ٻوٽي آهي وغيره وغيره.
(8) سڱريون: سڱريون روهيءَ جي علائقي جي هڪ خاص پيداوار آهن. سڱريون ڪنڊيءَ جي ٻوٽي جون ڦريون آهن. هي ٻٻر جي ڦرين سان مشابهت رکن ٿيون. عام طور پَچي راس ٿيڻ بعد پَٽ تي ڪِري پونديون آهن. ننڍا ٻار ۽ وڏا به هن کي شوق سان کائين ٿا. ڪافي لذيذ آهن ۽ کائڻ ۾ مزو اٿن. ڪچين سڱرين جي ڀاڄي ڪافي سوادي ٿيندي آهي.
(9) کُنڀي: کنڀي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جي خاص ٻوٽي آهي، جيڪا برسات جي موسم ۾ پيدا ٿئي ٿي. هن جو ڪو ٻج نه ٿيندو آهي. کنڀيءَ ۾ ميوي وانگر ڳر ٿيندو آهي، جنهن جي پَچي وڃڻ کان پوءِ اندران ڪارو اَٽو نڪري ٿو. هن کي پچڻ کان اڳ پٽي ڀاڄي ٺاهبي آهي، جيڪا گوشت وانگي ذائقيدار ٿئي ٿي.
روهيءَ جي معدني پيداوار جپسم آهي، جيڪو اعليٰ قسم جي سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو. جپسم، شور ۽ ڪلراٺي زمين کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. جپسم مان سائونڊ پروف سِرون به ٺهن ٿيون. روهيءَ جي هن معدني پيداوار تي خاص توجهه ڏيڻ سان هتي ڪارخانا لڳي سگهن ٿا ۽ روهي واسين جي معاشي حالت ۾ سُڌارو اچي سگهي ٿو.