روهڙيءَ جا روشن ستارا

روهڙيءَ جا روشن ستارا

روهڙيءَ جا روشن ستارا

روهڙيءَ جا روشن ستارا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ روهڙيءَ ڄائي، ڊاڪٽر هدايت پريم جِي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ روهڙي شھر جي ماضيءَ ۾ گذريل توڙي حال ۾ موجود 35 اهم علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن بابت الڳ الڳ مضمون شامل آهن، جيڪي سندن زندگين ۽ علمي توڙي ادبي ڪارنامن جو احاطو ڪن ٿا. انهن شخصيتن ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، مير يعقوب علي شاھہ رضوي، مير جان شاھہ اول، مير جان ‘عاشق‘، فقير قادربخش ’بيدل‘، فقير محمد محسن ’بيڪس‘، فقير ايسر لال، ڀائي پارو شاھہ، ڀائي وسڻ رام، نواب شاھہ ’سڪايل‘، آخوند فيض محمد، قاضي غلام مهدي، قاضي غلام حيدر ’بسمل‘، قاضي محمد ’قانع‘، هاسارام پمناڻي، وڌيل شاھہ مُوسوِي، قاضي غلام علي، آخوند رسول بخش، مراد علي ’ڪاظم‘، ڊاڪٽر روچلداس، قاضي عبدالرزاق، عطا حسين شاھہ موسوي، عبدالحسين شاھہ موسوي، قاضي علي رضا، قاضي علي اڪبر درازي، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، درگاهي ميراڻي، گدو مل هرجاڻي، خالد شھيد آخوند، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، امر جليل، مولانا عبدالوهاب چاچڙ، قاضي مختيار ۽ اختر درگاهي شامل آهن. هر شخصيت تي لکيل مضمون ان شخصيت جي باري ۾ بنيادي اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. هن ڪتاب کي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ روهڙيءَ جي زرخيز علمي ۽ ادبي منظرنامي جو خاڪو چڱيءَ ريت جڙي ٿو.
هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ ٻالڪ سنگت، خيرپور، جنوري 2011ع ۾ شايع ڪيو. قربان منگيءَ ڪتاب جو پبلشر نوٽ لکيو آهي. جڏهن تہ ڪتاب جو پيش لفظ، ڪتاب جي مصنف، ڊاڪٽر هدايت پريم لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مُشتمل، پڪي بائينڊنگ ۽ چار رنگي ٽائيٽل سان سينگاريل هن ڪتاب جو ملھہ 200 روپيا آهي.
ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب، محقق ۽ روهڙيءَ ڄائي، ڊاڪٽر هدايت پريم جِي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ روهڙي شھر جي ماضيءَ ۾ گذريل توڙي حال ۾ موجود 35 اهم علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن بابت الڳ الڳ مضمون شامل آهن، جيڪي سندن زندگين ۽ علمي توڙي ادبي ڪارنامن جو احاطو ڪن ٿا. انهن شخصيتن ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، مير يعقوب علي شاھہ رضوي، مير جان شاھہ اول، مير جان ‘عاشق‘، فقير قادربخش ’بيدل‘، فقير محمد محسن ’بيڪس‘، فقير ايسر لال، ڀائي پارو شاھہ، ڀائي وسڻ رام، نواب شاھہ ’سڪايل‘، آخوند فيض محمد، قاضي غلام مهدي، قاضي غلام حيدر ’بسمل‘، قاضي محمد ’قانع‘، هاسارام پمناڻي، وڌيل شاھہ مُوسوِي، قاضي غلام علي، آخوند رسول بخش، مراد علي ’ڪاظم‘، ڊاڪٽر روچلداس، قاضي عبدالرزاق، عطا حسين شاھہ موسوي، عبدالحسين شاھہ موسوي، قاضي علي رضا، قاضي علي اڪبر درازي، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، درگاهي ميراڻي، گدو مل هرجاڻي، خالد شھيد آخوند، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، امر جليل، مولانا عبدالوهاب چاچڙ، قاضي مختيار ۽ اختر درگاهي شامل آهن. هر شخصيت تي لکيل مضمون ان شخصيت جي باري ۾ بنيادي اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. هن ڪتاب کي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ روهڙيءَ جي زرخيز علمي ۽ ادبي منظرنامي جو خاڪو چڱيءَ ريت جڙي ٿو.
هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ ٻالڪ سنگت، خيرپور، جنوري 2011ع ۾ شايع ڪيو. قربان منگيءَ ڪتاب جو پبلشر نوٽ لکيو آهي. جڏهن تہ ڪتاب جو پيش لفظ، ڪتاب جي مصنف، ڊاڪٽر هدايت پريم لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مُشتمل، پڪي بائينڊنگ ۽ چار رنگي ٽائيٽل سان سينگاريل هن ڪتاب جو ملھہ 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو