روهڙيءَ جي عيدگاھہ

روهڙيءَ جي عيدگاھہ (ماڳ): هيءَ عيدگاھہ مغل دؤر جو اڏاوتي يادگار آهي. روهڙي شھر جي اولھہ ڏکڻ ۾ هڪ ٽڪري تي قائم هيءَ عيدگاھہ ٻن ايڪڙن تي محيط آهي. عيدگاھہ کي چئني طرفن کان احاطو ڏنل آهي. عيدگاھہ جي ديوار ٽن طرفن کان اُرھہ جيتري ۽ اولھہ طرف واري پاسي کان ڪجهہ وڏي آهي. ديوار جي وچ ۽ ٻنهي ڪنڊن تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. وچين گنبذ ۾ محراب نصب آهي. ان محراب جي ٻاهرين طرف کان ديوار ۾ هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جيڪو مير معصوم بکريءَ جو ڪتبو آهي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ جي مصنفن هن ماڳ جو دؤر 1004ھہ ڄاڻايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو