روهڙيءَ جي لڙائي

روهڙيءَ جي لڙائي: ’تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو تہ: روهڙيءَ وٽ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ۽ سندس ٻن ڀائرن ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جي وچ ۾ جنگ لڳي. اها لڙائي 30 رمضان المبارڪ 1171ھہ/7 جون 1758ع تي روهڙيءَ کان ٻاهر امرڪس واھہ جي ڪناري تي لڳي هئي. لڙائيءَ ۾ ڀائر آمهون سامهون ٿيا هئا. هن لڙائيءَ ۾ ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جي فوج جا هزارين سپاهي مارجي ويا، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي امير راڄو ليکيءَ جو ڀاءُ راڄو حمزہ پڻ مارجي ويو هو. ميان غلام شاھہ لشڪر جي ٿورائيءَ باوجود مخالف ڌر کي شڪست ڏني. مير بھرام خان ٽالپر، جنهن جيسلمير ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، سو روهڙيءَ جي لڙائيءَ وقت اچي ميان جي خدمت ۾ پهتو. ميان غلام شاھہ سندس اڳوڻي خطا کي درگذر ڪيو ۽ مير بھرام خان کي قبول ڪيو. انهيءَ کانپوءِ مير بھرام خان جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ آيو. هن جنگ ۾ ميان غلام شاھہ کي فتح حاصل ٿي.


لفظ روهڙيءَ جي لڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو