هڪ خوبصورت ماڙيي: روهڙي
بکر جو قلعو
ستين جو آستان
روهڙي (شهر): روهڙي، سنڌ جو هڪ قديم شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي، سکر جي بلڪل سامهون واقع آهي. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ سنڌو درياهه آهي. ٻنهي شهرن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ 1888ع ۾ هڪ خوبصورت پُل ’لئنسڊائون پل‘ ٺاهي وئي. ان کان پوءِ ساڳيءَ پل سان ريلوي ٽرين لاءِ هڪ نئين پل 1962ع ۾ تعمير ڪئي وئي، جنهن جو نالو ’ايوب پل‘ آهي.
هي شهر آڳاٽي وقت کان وٺي آباد آهي، جنهن کي سوا لک اوليائن جو شهر به سڏيو وڃي ٿو، هتي کجيءَ جا وڏا باغ آهن، ان ڪري هن شهر کي ’سنڌ جو چمن‘ به چون ٿا.
هينري پاٽينجر لکيو آهي ته: ”کجين جي وڻن جا جھڳٽا ۽ باغ پري پري تائين هليا ٿي ويا.“ پوسٽنس لکي ٿو ته: ”روهڙيءَ ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن، خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي.“
انگريزن جي اچڻ کان اڳ جيڪي سياح هتان لنگھيا، تن هن شهر جي ميون ۽ گلن جي وڏي تعريف ڪئي آهي.
1885ع ۾ ’ايشياٽڪ سوسائٽي‘ بنگال جي رسالي ۾ ٻه مضمون مسٽر ٽريموا رائل انجينئر ۽ مسٽر جان ٽيٽ، روهڙي شهر جي ٽڪريءَ جي معائني ڪرڻ کانپوءِ لکيا هئا، جن ۾ هنن راءِ پيش ڪئي هئي ته: ”پٿر جي دؤر ۾ هن ٽڪريءَ تي هڪ قديم قوم رهندي هئي، جيئن ميڪسيڪو جي جبلن ۾ پٿر جي دور جا قديم رهاڪو Neolithic رهندا هئا.“ انهن محققن کي روهڙيءَ جي هيٺان وهندڙ مهراڻ (سنڌو درياهه) جي پيٽ مان ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ شيون هٿ لڳيون هيون، جن جي آڌار تي هنن اهڙو بيان جاري ڪيو هو. روهڙي ڪيترائي دفعا آباد ٿيو ۽ ويـران ٿيـو ۽ هـاڻـوڪـو شهـر به سـاڳيءَ پر فضا ۽ رونقدار ٽـڪريءَ تي آباد آهي.
سـنـڌ گـزيٽيـئر ۾ هـن شهر جو نالو ’لـوهـري‘ لکيل آهي. ڪپتان جي. اي. ويسٽ ميڪاٽ، ’ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال‘ رسالي ۾ 1841ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”روهڙي جو قديم نالو ’لوهرڪوٽ‘ هو. هاڻوڪو نالو روهڙي دراصل ’روڙي‘ آهي جيڪو ڀاشا جو هڪ لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ننڍو پٿر، يعني ٽڪري.
روهڙيءَ کان اتر ۾ ڪجهه ميلن جي پنڌ تي اروڙ جو شهر آباد هو ۽ سنڌو درياهه ان جي ڀرسان وهندو هو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ اروڙ تي راجا ڏاهر جي حڪومت هئي. 712ع ۾ عرب حملي آور محمد بن قاسم، راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي اروڙ کي فتح ڪيو هو.
335هه/47-946ع ۾ سنڌو درياهه پنهنجو رستو بدلايو ۽ اتان وهڻ لڳو، جتي اڄڪلهه بکر جو ٻيٽ موجود آهي. درياهه جي ان رخ بدلائڻ جي ڪري اروڙ جي رونق ختم ٿي وئي ۽ اتان جا ماڻهو لڏي موجوده ٽڪرائين هنڌ تي اچي رهيا، جنهن کي روهڙي چئجي ٿو. ان زماني ۾ پٿر کي روڙي چئبو هو. هن نئين بستيءَ جو نالو شايد روڙي لفظ تان پيو ۽ زماني جي گردش سان بگڙي روهڙي بنجي ويو. هي هڪ پراڻو شهر آهي. ٺٽي ۽ سيوهڻ جو همعصر چيو وڃي ٿو ۽ هي ٽئي شهر پنهنجي دور ۾ علم ۽ عرفان جا اهم مرڪز رهي چڪا آهن.
اي. ڊبليو. هيوز، سنڌ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”روهڙيءَ جو شهر سيد رڪن الدين 996هه/1297ع ۾ تعمير ڪرايو.“
راورٽيءَ ڪتاب ’مهراڻ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”روهڙي هڪ جھونو شهر آهي، جنهن جو هندي نالو ’روراپور‘ يا ’رورانگر‘ هو. انهن ٻنهي نالن جي هڪڙي معنيٰ ’جبلن تي ٺهيل شهر‘ نڪري ٿي.“ هو اڳتي هلي اهو ڄاڻائي ٿو ته: ”اڳي آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ مهراڻ (سنڌو درياهه) پنجاهه فوٽن جي بلنديءَ تي شهر جي ديوارن هيٺان وهندو هو، جنهن جي پاڻيءَ جا نشان اڄ به ٽڪريءَ تي نظر اچن ٿا.“
هن شهر جي ڀر ۾ ئي بکر جو قلعو واقع آهي، جتان بيهي روهڙيءَ تي نظر ڪبي ته روهڙيءَ جو شهر ماڙين جي ڪري بيحد حسين محسوس ٿئي ٿو. اسلامي دور ۾ هن شهر واپار، صنعت ۽ علم ۾ بيحد ترقي ڪئي. سنڌ جي سري وارن شهرن مان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ کي سياسي، تجارتي ۽ صنعتي اهميت حاصل رهي آهي. آڳاٽي زماني ۾ سکر ۾ خراسان جا قافلا مال آڻيندا هئا ته روهڙيءَ ۾ آگري جا قافلا سورهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. ٻنهي شهرن ۾ واپاري مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي. بکر ڪنهن زماني ۾ تختگاهه ۽ وڏي فوجي ڇانوڻي هئي. ڪنڊيارو، درٻيلو، گمبٽ ۽ روهڙي، ڪپڙي جي صنعتن ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور هئا. روهڙيءَ جو ڪپڙو ’دريائي‘ ديسان ديس مشهور هو.
جوزف سئلبئنڪ 1609ع ۾ روهڙيءَ جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”هتي جا شهري محنتي، ڪڙمي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن، جيڪي سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سنوان ۽ امن پسند ماڻهو آهن.“
روهڙي هونئن ته ايڏو وڏو شهر نه آهي، پر ريلوي جي وڏي جنڪشن هئڻ ڪري تمام اهم شهر آهي. روهڙيءَ ۾ پاڪستان جي ٻيو نمبر وڏي ريلوي اسٽيشن موجود آهي. هتي جون مٺائيون، کجور ۽ ڇوهارا تمام گهڻو مشهور آهن. هتي سيمينٽ جو هڪ وڏو ڪارخانو آهي. گهرو صنعتون گهٽ آهن، پر رلي ۽ ڀرت جو ڪم سٺو ٿئي ٿو. هتي ڪيتريون مسجدون تاريخي اهميت جون حامل آهن، جن ۾ جامع مسجد (اڪبري مسجد)، مسجد اورنگزيب، آخوند مسجد، قاضي مسجد، قادري مسجد، حيدر شاهه حقاني مسجد ۽ قديمي مسجد پنهنجي اڏاوتي طرز جي خيال کان مشهور آهن. هتي ڪيتريون وڏيون بازارون آهن، جهڙوڪ: شاهي بازار، ڍڪ بازار، انصاري مارڪيٽ، موسيٰ بازار، لالا بازار، لوهار بازار وغيره. تعليمي سهوليتن جي خيال کان عطا حسين شاهه موسوي ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول، گورنمينٽ ريلوي گرلس اسڪول کان سواءِ مڊل اسڪول موجود آهي. هتي شاهه لطيف ٽائون هال به موجود آهي، جتي علمي ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن. ديني مدرسن ۾ عربيه، دارالعلوم، شرعيه ۽ جامعه الرضا اهم آهن. روهڙيءَ جا شهري پنهنجون موڪلون سنڌو درياهه جي ڪناري تفريح ڪندي گذاريندا آهن. چانڊوڪي راتين ۾ ٻيڙين تي درياهه جو سير ڏاڍو لطف وارو ٿيندو آهي، سنڌو درياهه ۾ ٽي ٻيٽ خواجه خضر، ساڌ ٻيلو ۽ بکر تفريحي مرڪزن طور مشهور آهن. شهر کان پنج ڇهه ميل اتر طرف اروڙ جا کنڊر موجود آهن، جتي چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم هڪڙي مسجد جوڙائي هئي، جنهن جا آثار اڃا تائين موجود آهن. هتي جي مشهور آثارن، مسجدن وغيره جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
جامع مسجد: هيءَ مسجد وار مبارڪ واري درگاهه جي ويجهو آهي ۽ درياهه جي ڪناري تي پر فضا جاءِ تي قائم آهي. هن جي تعمير سٺي قسم جي ٿيل آهي، ٽي گنبذ اٿس. ڪاشيءَ جو ڪم جھجھو ٿيل هوس، مگر نئين مرمت سبب اصلي حالت ۾ وڏي تبديلي آئي اٿس. هيءَ مسجد اڪبري نواب فتح خان 1584ع ۾ جوڙائي هئي، جيڪو بکر جو نواب هو.
مسجد وار مبارڪ: هيءَ مسجد، جيڪا جامع مسجد جي ڀر ۾ آهي، جامع مسجد کان به اڳ جي ٺهيل آهي. هن مسجد جي تعمير 1545ع جي ٿيل آهي. مسجد 25 چورس فوٽن ۾ آهي. مخدوم عبدالباقي صديقيءَ عرب خاتون سان شادي ڪئي هئي. کيس سندس سهري نظام الدين، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وار مبارڪ ڏنو هو. هر سال ذوالحج جي نائين تاريخ ان جي زيارت ڪرائي ويندي آهي.
ستين جو آستان (قاسم خاني): درياهه جي روهڙي شهر واري ڪناري تي بکر جي قلعي جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ جي سڌ ۾ ننڍي ٽڪري آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان درياهه جو پاڻي ۽ چوٿين پاسي کان خشڪ زمين آهي. ان ٽڪريءَ کي عام طرح ستين جو آستان چون ٿا. مگر تاريخي ڪتابن ۾ ان جو نالو قاسم خاني آيو آهي. بلا ڪمن صاحب (مترجم: آئين اڪبري، جلد اول ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال)، ماثر الامراء ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان لکي ٿو: ’لوهري جي قريب ڏکڻ طرف درياهه جي ان شاخ تي (جنهن شاخ کي ’کارماتري‘ جي نالي سان سڏين ٿا) هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جنهن تي امير ابوالقاسم ’نمڪين‘ چانڊوڪيءَ وارين راتين ۾ مشاعرو ڪرائيندو هو. هن وصيعت ڪئي ته مرڻ کانپوءِ کيس اتي دفن ڪيو وڃي. هينئر مير ابوالقاسم نمڪين جي خاندان جو اتي قبرستان آهي. فارنٽن پنهنجي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته: ”روهڙي، آباد شهر هو، جو ٽالپري دؤر ۾ اتان جا شاهوڪار ماڻهو خوف سبب شهر ڇڏيندا ويا. 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون اتر سنڌ فتح ڪري بکر جي رضوي ساداتن کي اتان لڏائي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون، جيڪي هينئر ڪوٽائي سيد سڏجن ٿا. شاهه بيگ سان گڏ وچ ايشيا جا گھڻائي سادات سنڌ ۾ آيا.
999هه/91-1590ع ۾ اڪبر بادشاهه مير معصوم کي بکر شهر جاگير طور ڏنو، جنهن سکر ۽ روهڙيءَ کي سينگارڻ ۾ ڪا گھٽتائي ڪانه ڪئي. روهڙي، قيامِ پاڪستان تائين گھڻائي انقلاب ڏٺا، مگر هر دور ۾ هن شهر جي اهميت نه گھٽي آهي. هتي روهڙي سيمينٽ فيڪٽري آهي. روهڙيءَ جي ٽڪرين مان هزارين ٽن چن جو پٿر ملي ٿو. هتي جي کجين جي باغن مان ساليانو هزارين مڻ ڪتل ۽ ڇوهارا ديسان ديس وڃن ٿا. هتي کجي جي وڏي ۾ وڏي ڇوهارا منڊي آهي. روهڙيءَ ۾ پاڪستان جي وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن ۽ انجڻ شيڊ به آهي. هي شهر لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل ذريعي سکر ۽ پوري پنجاب سان ڳنڍيل آهي.