روپاڻي (ذات): روپاڻي، هندن جي هڪ ذات يا نک آهي. هن آڪھہ وارا نوابشاھہ، ٽنڊي آدم ۽ ميرپورخاص ۾ رهن ٿا. اصل ويٺل ڳوٺ چانهين تعلقي نوشهري فيروز جا هئا. هن آڪھہ وارا زميندار آهن ۽ سڀ آسودا ماڻهو آهن.
روپاڻي، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ جنجهي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ رهندڙ سوٽهڙ قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو بہ آهي. ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر پرڌان روپاڻي بہ هن پاڙي سان تعلق رکي ٿو.