روپا راڻي: سنڌ جي سومرا دؤر سان تعلق رکندڙ ڪردار ۽ ڀونگر بادشاهه جي گهر واري ’روپا راڻيءَ‘ جي پيءُ جو نالو لاڏڻو هو. هوءَ هڪ گجر سردار جي دين جي ڌيءَ هئي، جيڪو ’ڪونرسر‘ ۽ ’ريڻ‘ علائقي مٿان راڄ ڪندو هو ۽ ڀونگر بادشاهه جي مکيه سردارن مان هو. روپا راڻيءَ جا مائٽ گجر هئا ۽ جيئن ته ’لوهڻ‘ جي ڀرسان اهي گجر سٺيون تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان ٺاهيندا هئا، انهيءَ ڪري ’لوهر‘ سڏبا هئا. گهڻن ماڻهن جي اصلي ذات ڌنڌي جي ڪري بدلجي ويندي آهي، سو روپا راڻي به گجر مان ’لهارڻ‘ سڏجڻ لڳي.
سومرن ۽ ٻين گهڻن جي مخالفت هوندي به لاڏڻي گجر جي ڌيءَ روپا راڻي جي شادي ڀونگر بادشاهه سان ٿي وئي. بادشاهه پنهنجي راڻيءَ لاءِ ’ڪونرسر‘ ۾ هڪ وڏي ماڙي ٺهرائي، جيڪا راڻيءَ جي نالي پٺيان ’روپا ماڙي‘ مشهور ٿي. ڀونگر سومرو انهيءَ راڻيءَ سان گڏ ڇهـه مهينا روپا ماڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ ڇهه مهينا وڳهه ڪوٽ ۾ رهندو هو. بادشاهه کي روپا راڻيءَ مان چنيسر پيدا ٿيو ۽ ڏاڏي پوٽيءَ مان دودو ڄائو، تڏهن ڀونگر بادشاهه جو خيال وڳهه ۽ روپا ماڙيءَ ڏانهن هڪجهڙو ٿي ويو.
687هه/1288ع ۾ ڀونگر بادشاهه وفات ڪري ويو. ڀونگر جي وفات کان پوءِ جڏهن چنيسر تخت نشين ٿيو ته سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به وڳهه ڪوٽ مان مٽائي روپا ماڙي ڪيائين. چنيسر پاران وڳهه ڪوٽ تي دودو راڄ ڪندو هو. روپا ماڙيءَ جي راڄ لاءِ ڪجهه اختلاف ٿيڻ کانپوءِ چنيسر تخت ڇڏي علاؤالدين جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو ۽ روپا ماڙيءَ جو انتظام شيخ دائود جي حوالي ڪري ويو. جنهن روپا راڻي ۽ چنيسر جي زال کي سومرن جي ٽوڪن کان بچايو ۽ انهن کي روپا ماڙيءَ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. ان کان پوءِ دودو روپا ماڙي هلي آيو ۽ شيخ دائود سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين، جنهن جو مقصد هو ته هو سومرن جي ڳالهين ۾ نه پوي. شيخ دائود کيس چيو ته: ”روپا راڻي ۽ چنيسر جي لڄ، منهنجون نياڻيون آهن، چنيسر انهن جو مون کي محافظ ڪري ڇڏي ويو آهي، سومرا انهن جي گهٽتائي ڪن ٿا، مون انهيءَ ڪري اهڙن ماڻهن کي روپا ماڙيءَ ۾ اچڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي.“ پوءِ دودي روپا راڻي سان گفتگو ڪئي ۽ نتيجي طور شيخ دائود کي روپا راڻي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ تي آماده ڪيو ۽ دودي خود شيخ دائود واري جڳهه تي روپا ماڙيءَ جو محافظ ٿي ويهڻ قبول ڪيو.
698هه/ 1298ع ۾ دشمن فوج گجرات تي قبضو ڪيو. ان کانپوءِ انهيءَ لشڪر جو منهن سنڌ ڏانهن ٿيو. سنڌ تي ٻن هنڌن، هڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگر پارڪر کان حملو ٿيو ۽ ائين اهو لشڪر سنڌ اندر داخل ٿيو. سنڌين، ڌارين جي لشڪر تي پنهنجي سگهه موجب ننڍا ننڍا لشڪر ٺاهي حملا ڪيا، پر چوڌاري جنگ ۾ سومرن کي شڪست ٿي رهي هئي. اها حالت ڏسي دودي سومرن کي ابڙي سمي ڏانهن سام ڪري موڪليو، پر روپا راڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو. هن دودي کي چيو ته مون ڀونگر بادشاهه سان واعدو ڪيو هو ته جيسين جيئري هونديس، هن ماڙيءَ مان پير ٻاهر نه ڪڍنديس. چنيسر منهنجي حفاظت لاءِ شيخ دائود کي به انهيءَ لحاظ کان ڇڏي ويو هو، هاڻي جيڪڏهن منهنجي توهان کان سنڀال نه ٿي ٿئي ته پوءِ اها جوابداري سر تي ڇو ٿي کنيوَ. پوءِ دودي هن تي زور نه رکيو ۽ مردانگي سان روپا ماڙيءَ جي حفاظت ڪندو رهيو. دودو انهيءَ جنگ ۾ بيحد بهادريءَ سان وڙهيو ۽ هن روپا ماڙيءَ جي زناني در وٽ روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي.
پنهنجي ڀاءُ دودي کي رت ۾ ٻڏل ڏسي چنيسر جي رڳن ۾ جوش اچي ويو ۽ هن خود دشمن فوج سان جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ نيٺ پاڻ به مارجي ويو. روپا راڻي جهروڪن مان اهو حال اکين سان پئي ڏٺو، تنهن کان پوءِ هن سڄي ماڙيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ به ان ۾ سڙي مري وئي. روپا ماڙي تي سال ۾ ٽي ڀيرا ميلو لڳي ٿو ۽ ان کان سواءِ هر سنڌي مهيني جي پهرئين جمعي تي هتي معتقد مولود خواني ڪرڻ ايندا آهن.