روپا راڻي

روپا راڻي: سنڌ جي سومرا دؤر سان تعلق رکندڙ ڪردار ۽ ڀونگر بادشاھہ جي گهر واري ’روپا راڻيءَ‘ جي پيءُ جو نالو لاڏڻو هو. هوءَ هڪ گجر سردار جي دين جي ڌيءَ هئي، جيڪو ’ڪونرسر‘ ۽ ’ريڻ‘ علائقي مٿان راڄ ڪندو هو ۽ ڀونگر بادشاھہ جي مکيہ سردارن مان هو. روپا راڻيءَ جا مائٽ گجر هئا ۽ جيئن تہ ’لوهڻ‘ جي ڀرسان اهي گجر سٺيون تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان ٺاهيندا هئا، انهيءَ ڪري ’لوهر‘ سڏبا هئا. گهڻن ماڻهن جي اصلي ذات ڌنڌي جي ڪري بدلجي ويندي آهي، سو روپا راڻي بہ گجر مان ’لهارڻ‘ سڏجڻ لڳي.
سومرن ۽ ٻين گهڻن جي مخالفت هوندي بہ لاڏڻي گجر جي ڌيءَ روپا راڻي جي شادي ڀونگر بادشاھہ سان ٿي وئي. بادشاھہ پنھنجي راڻيءَ لاءِ ’ڪونرسر‘ ۾ هڪ وڏي ماڙي ٺهرائي، جيڪا راڻيءَ جي نالي پٺيان ’روپا ماڙي‘ مشھور ٿي. ڀونگر سومرو انهيءَ راڻيءَ سان گڏ ڇهـه مهينا روپا ماڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ ڇھہ مهينا وڳھہ ڪوٽ ۾ رهندو هو. بادشاھہ کي روپا راڻيءَ مان چنيسر پيدا ٿيو ۽ ڏاڏي پوٽيءَ مان دودو ڄائو، تڏهن ڀونگر بادشاھہ جو خيال وڳھہ ۽ روپا ماڙيءَ ڏانهن هڪجهڙو ٿي ويو.
687ھہ/1288ع ۾ ڀونگر بادشاھہ وفات ڪري ويو. ڀونگر جي وفات کان پوءِ جڏهن چنيسر تخت نشين ٿيو تہ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ وڳھہ ڪوٽ مان مٽائي روپا ماڙي ڪيائين. چنيسر پاران وڳھہ ڪوٽ تي دودو راڄ ڪندو هو. روپا ماڙيءَ جي راڄ لاءِ ڪجهہ اختلاف ٿيڻ کانپوءِ چنيسر تخت ڇڏي علاؤالدين جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو ۽ روپا ماڙيءَ جو انتظام شيخ دائود جي حوالي ڪري ويو. جنهن روپا راڻي ۽ چنيسر جي زال کي سومرن جي ٽوڪن کان بچايو ۽ انهن کي روپا ماڙيءَ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏنو. ان کان پوءِ دودو روپا ماڙي هلي آيو ۽ شيخ دائود سان ڳالھہ ٻولھہ ڪيائين، جنهن جو مقصد هو تہ هو سومرن جي ڳالهين ۾ نہ پوي. شيخ دائود کيس چيو تہ: ”روپا راڻي ۽ چنيسر جي لڄ، منهنجون نياڻيون آهن، چنيسر انهن جو مون کي محافظ ڪري ڇڏي ويو آهي، سومرا انهن جي گهٽتائي ڪن ٿا، مون انهيءَ ڪري اهڙن ماڻهن کي روپا ماڙيءَ ۾ اچڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي.“ پوءِ دودي روپا راڻي سان گفتگو ڪئي ۽ نتيجي طور شيخ دائود کي روپا راڻي پنھنجي ڳوٺ وڃڻ تي آمادہ ڪيو ۽ دودي خود شيخ دائود واري جڳھہ تي روپا ماڙيءَ جو محافظ ٿي ويهڻ قبول ڪيو.
698ھہ/ 1298ع ۾ دشمن فوج گجرات تي قبضو ڪيو. ان کانپوءِ انهيءَ لشڪر جو منهن سنڌ ڏانهن ٿيو. سنڌ تي ٻن هنڌن، هڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگر پارڪر کان حملو ٿيو ۽ ائين اهو لشڪر سنڌ اندر داخل ٿيو. سنڌين، ڌارين جي لشڪر تي پنھنجي سگهہ موجب ننڍا ننڍا لشڪر ٺاهي حملا ڪيا، پر چوڌاري جنگ ۾ سومرن کي شڪست ٿي رهي هئي. اها حالت ڏسي دودي سومرن کي ابڙي سمي ڏانهن سام ڪري موڪليو، پر روپا راڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو. هن دودي کي چيو تہ مون ڀونگر بادشاھہ سان واعدو ڪيو هو تہ جيسين جيئري هونديس، هن ماڙيءَ مان پير ٻاهر نہ ڪڍنديس. چنيسر منهنجي حفاظت لاءِ شيخ دائود کي بہ انهيءَ لحاظ کان ڇڏي ويو هو، هاڻي جيڪڏهن منهنجي توهان کان سنڀال نہ ٿي ٿئي تہ پوءِ اها جوابداري سر تي ڇو ٿي کنيوَ. پوءِ دودي هن تي زور نہ رکيو ۽ مردانگي سان روپا ماڙيءَ جي حفاظت ڪندو رهيو. دودو انهيءَ جنگ ۾ بيحد بهادريءَ سان وڙهيو ۽ هن روپا ماڙيءَ جي زناني در وٽ روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪندي پنھنجي جان قربان ڪئي.
پنھنجي ڀاءُ دودي کي رت ۾ ٻڏل ڏسي چنيسر جي رڳن ۾ جوش اچي ويو ۽ هن خود دشمن فوج سان جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ نيٺ پاڻ بہ مارجي ويو. روپا راڻي جهروڪن مان اهو حال اکين سان پئي ڏٺو، تنهن کان پوءِ هن سڄي ماڙيءَ کي باھہ ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ بہ ان ۾ سڙي مري وئي. روپا ماڙي تي سال ۾ ٽي ڀيرا ميلو لڳي ٿو ۽ ان کان سواءِ هر سنڌي مهيني جي پهرئين جمعي تي هتي معتقد مولود خواني ڪرڻ ايندا آهن.


لفظ روپا راڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو