روپا ماڙيءَ جا کنڊر

روپا ماڙيءَ جا کنڊر

روپا ماڙيءَ ۾ دودي سومري جي قبر

روپا ماڙيءَ ۾ دودي سومري جي قبر

روپا ماڙي

روپا ماڙي (ماڳ): بدين شھر کان ڏکڻ طرف 26 ميلن جي پنڌ تي سنڌ جي مشھور سومري حاڪم ۽ قومي سورمي دودي جي ابدي آرامگاھہ سان گڏ ’روپا ماڙيءَ‘ جا آثار اڃا تائين موجود آهن. روپا ماڙيءَ تي سال ۾ ٽي ڀيرا ميلو لڳي ٿو. هڪ ميلو اُتي جا ماڻهو پوھہ مهيني بمطابق ڊسمبر/ جنوريءَ ڌاري دودي ۽ چنيسر جي مزارن تي لڳائيندا آهن. ٻيو ميلو بدين ۽ آسپاس جا ڪڇي سومرا 14 ڦڳڻ/ فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ هر سال ملهائيندا آهن ۽ ٽيون ميلو ’آل پاڪستان سومرا جماعت‘، ڪجهہ سالن کان مارچ جي 25 کان 28 تاريخ تائين لڳائڻ شروع ڪيو آهي. ان کان سواءِ هر سنڌي مهيني جي پهرئين جمعي تي هتي معتقد مولود خواني ڪرڻ ويندا آهن. روپا ماڙيءَ تي اهي ميلا 700ھہ/1300ع کان وٺي لڳندا اچن. ’آل پاڪستان سومرا جماعت‘ ڪجهہ سالن کان ميلو لڳائڻ جو رواج وڌو آهي، باقي ٻيا ٻہ ميلا قديم وقت کان لڳندڙ آهن. روپا ماڙي جنهن جڳھہ تي واقع آهي، ان جاءِ تي اڳي هڪ ننڍو شھر ’ڪونر سر‘ آباد هو، پر ان شھر جي ڪا خاص اهميت نہ هئي.
هي ماڙي ڀونگر بادشاھہ پنهنجيءَ زال روپا راڻيءَ لاءِ تعمير ڪرائي، ان ئي نسبت سان هن کي روپا ماڙي سڏيو. بادشاھہ پنهنجيءَ راڻيءَ لاءِ ڪونر سر ۾ هڪ وڏي ماڙي ٺهرائي، جيڪا راڻيءَ جي نالي پٺيان روپا ماڙي مشھور ٿي. راڻيءَ مان کيس چنيسر پيدا ٿيو. هن پوءِ چنيسر جو سنڀاليندڙ ۽ جنگي سکيا جو استاد، سماٽ ذات جو فوجي سپھہ سالار، دائود شيخ مقرر ڪيو. سومرا قبيلي جو سپھہ سالار سپڙ هو، جيڪو ڀونگر بادشاھہ جي غير موجودگيءَ ۾ وڳھہ ڪوٽ سنڀاليندو هو ۽ وزير ٻارڻ ڀونگر سومري جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. جڏهن بادشاھہ کي ڏاڏي پوٽيءَ مان دودو ڄائو، تڏهن ڀونگر بادشاھہ جو خيال وڳھہ ۽ روپا ماڙيءَ ڏانهن هڪجهڙو ٿي ويو.
687ھہ/ 1288ع ۾ ڀونگر بادشاھہ وفات ڪئي. سندس قبرستان روپا ماڙيءَ جي ڀرسان، ڪاڪ جي ويجهو، ’ڀونگرا‘ نالي مڪان ۾ آهي. ڀونگر جي وفات کانپوءِ 678ھہ/ 1288ع ۾ جڏهن چنيسر گادي نشين ٿيو تہ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ وڳھہ ڪوٽ کان روپا ماڙيءَ ۾ ٿيو. ٺوڙهي ملاح، لاڏڻي گجر، شيخ دائود ۽ ٻين غير سومرن کي چنيسر وٽ حد کان وڌيڪ عزت ملي. شيخ دائود کي هو وڏو معتبر سمجهندو هو. چنيسر پاران وڳھہ ڪوٽ تي دودو راڄ ڪندو هو. سالياني تاجپوشي روپا ماڙيءَ ۾ ٿيندي هئي ۽ اتي ئي حڪومت جا خاص فيصلا ٿيندا هئا ۽ فرمان جاري ٿيندا هئا. جڏهن ’ٻارڻ‘ وزير وفات ڪري ويو، تہ ’سپڙ‘ سپھہ سالار مان چنيسر جي مطمئن نہ هجڻ ڪري سومرن ۾ روپا ماڙيءَ جي راڄ لاءِ ڪجهہ اختلاف ٿيا. اهي ڳالهيون 696ھہ/ 1296ع تائين وڌي وڻ ٿي ويون ۽ چنسير کي تخت ڇڏي، گجرات کان ڪرن واگهيلي جي وزير ماڌو راءِ سان گڏجي، 697ھہ/1297ع ۾ علاءَ الدين جي درٻار ۾ پهچڻو پيو. ماڌوراءِ، ڪرن واگهيلي جو وزير هو ۽ ڪرن واگهيلي جي تڪليفن کان لاچار ٿي، علاءَ الدين کي دانهن ڏيڻ ويو. ان سان گڏ چنيسر بہ علاءُ الدين جي درٻار ۾ پهتو. چنيسر وڃڻ کان پوءِ روپا ماڙيءَ جو انتظام شيخ دائود جي حوالي ڪيو، پر پوءِ ان سان ڳالھہ ٻولھہ کانپوءِ دودي اهو انتظام سنڀاليو ۽ روپا راڻي ۽ ماڙيءَ جي حفاظت ڪئي.
698ھہ/1298ع ۾ گجرات تي قبضو ٿيو. ان کانپوءِ انهيءَ لشڪر جو منهن سنڌ ڏانهن ٿيو. سنڌ تي ٻن هنڌن، هڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگرپارڪر کان حملو ٿيو. ننگرپارڪر واري حملي ۾ ماڌو راءِ جو مکيہ هٿ هو ۽ بکر واري لشڪر جي اڳواڻي محمد خان پٺاڻ، محمد شاھہ ۽ تمر بيگ ڪري رهيا هئا. 699ھہ/ 1299ع ۾ اهو لشڪر سنڌ اندر داخل ٿيو. جيئن تہ انهيءَ لشڪر جو ڪم قتل ۽ غارتگري ڪرڻ هو، انهيءَ ڪري ملڪ کي لٽيندو ۽ ڦريندو، آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. اهو لشڪر جتي بہ رات رهندو هو، اتي سنڌين جي راتاهي جي ڊپ کان، خندقون کوٽي انهن ۾ رهندو هو ۽ هڪ منزل کان نڪري ٻيءَ منزل ڏانهن پهچڻ لاءِ لشڪر کي ڪجهہ وقت لڳندو هو.
ننگر، ڀونگر، محمد سومرو، سپڙ سومرو ۽ ٻيا زبردست فوجي جوان جنگ کي منهن ڏيندا رهيا. سنڌين، ڌارين جي لشڪر تي پنھنجي سگهہ موجب ننڍا ننڍا لشڪر ٺاهي حملا ڪيا ۽ شھيد ٿي پاڻ ملهايو. ويرا واھہ (ننگر پارڪر) واري لشڪر کي سامهون محمد سومرو، هاسو سوڍو ۽ ٻيا ٿيا. ماٿيلي (بکر) کان ايندڙ لشڪر کي سامهون ننگر، مونگر، ڀونگر ۽ ٻيا ٿيا. ڏينهون ڏينهن لشڪر روپا ماڙيءَ ڏانهن اوڀر ۽ اتر کان وڌي رهيو هو ۽ چؤڌاري جنگ ۾ سومرن کي شڪست ٿي رهي هئي. سومرن، خاص ڪري سردار سومرن ۽ حڪومت جي ذميوار خاندانن پنهنجون سامون ابڙي ڏانهن موڪلي ڏنيون، محمد طور (مهاتم تور) جي سومرين، هيرا ۽ موتي، جنڊن ۾ پيهين ضايع ڪري ڇڏيا. وسائي جي ڪوٽ (ماڙيءَ) ۾ ائين ٿيو. وڳھہ ۽ روپا ماڙيءَ جون سومريون ڪڇ ڏانهن ابڙي وٽ سام پوڻ لاءِ روانيون ٿي ويون. ابڙي سمي ڏانهن سومرين کي ’ڀاڳوڀان‘ وٺي وڃي رهيو هو. هوڏانهن ابڙي سمي وٽ جيڪو بہ ڪجهہ هو، سو ٻارائي، مَچ ڪيائين، جيئن سومريون راھہ ڀلجي نہ وڃن. البت روپا راڻيءَ وڃڻ کان انڪار ڪيو. دودو جنگ ۾ پنهنجا جوان مارائيندو، رت روئيندو رهيو، پر روپا ماڙيءَ کان هڪ پير بہ ٻاهر چُري نٿي سگهيو. ڇو تہ هن کي شيخ دائود جي جڳھہ تي روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪرڻي هئي. جنگ ڏينهون ڏينهن ويجهي پوندي وئي. دودو انهيءَ جنگ ۾ بيحد بهادريءَ سان وڙهيو. هو روپا ماڙيءَ کان پري وڃي نٿي سگهيو. ان جي اردگرد جنگ پئي ڪيائين. آخر لشڪر کيس ويجهو اچي گهيرو ڪيو، جنهن ۾ هن روپا ماڙيءَ جي زناني در وٽ روپا راڻيءَ جي حفاظت ڪندي 1300ع ۾ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي. پنھنجي ڀاءُ دودي کي رت ۾ ٻڏل ڏسي چنيسر جي رڳن ۾ جوش اچي ويو ۽ هن خود مغل فوج سان جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ نيٺ پاڻ بہ مارجي ويو. ان حالت ۾ روپا راڻي پاڻ کي باھہ ڏئي ڇڏي ۽ ان سان گڏ سڄي ماڙي سڙي رک ٿي وئي. روپا راڻيءَ جي قبر دودي جي قبر کان ميل مفاصلي تي آهي. دودي کي اتي ئي دفن ڪيو ويو، جتي شھيد ٿيو هو. اڄ بہ روپا ماڙيءَ جي اڳيان دودي جي قبر موجود آهي. چنيسر جي قبر روپا ماڙيءَ کان ميل ڏکڻ طرف آهي. چنيسر جي قبر کان ميل اولھہ طرف، شيخ دائود جي قبر آهي. روپا ماڙيءَ جي خاتمي کانپوءِ مغل فوج ڪڇ ڏانهن ڪاهي وئي. ابڙو سمو سر ڏئي سرهو ٿيو، پر سامون ڪين ڏنائين. ابڙي سمي سان گڏ سمٽ سمو، راهو سمو، ڪاڪريو فقير ۽ مالو ميگهواڙ بہ قربان ٿيا.
روايت آهي تہ ان کانپوءِ بيواھہ سومريون رب کان پناھہ گهرڻ لڳيون، ڌرتي ڦاٽي ۽ سومريون ستيون هميشہ لاءِ ان ۾ سمائجي ويون. ستين جي مقام تي سومرا سال بسال 14 ڦڳڻ/ فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ ميلو ڪندا آهن. ڀاڳوڀان جا پويان اهو ميلو لڳائيندا آهن. ڪڇ مان بہ جڏهن حملو ڪندڙ فوج کي ڪجهہ بہ نصيب نہ ٿيو، تڏهن واپس موٽي وئي. واپس ورندڙ فوج کي هڪ امير صالح سومري ايڏو تنگ ڪيو، جو وڏيءَ مشڪل سان لشڪر جو ٿورو حصو واپس ٿي سگهيو. روپا ماڙي 640ھہ ۾ ٺھي ۽ 700ھہ ۾ تباھہ ٿي وئي.
- ’روپا ماڙي‘ نالي سان حيدرآباد ۾ واڌو واھہ جي ڪپ تي سومرا ڳوٺ ۽ نيرن ڪوٽ ريسٽارنٽ ڀرسان هڪ ريسٽارينٽ قائم آهي، جنهن جا مالڪ نسيم نگر جا مقامي سومرا آهن.


لفظ روپا ماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو