روپلو ڪولهيءَ جي هڪ خيالي تصوير

روپلو ڪولهيءَ جي هڪ خيالي تصوير

روپلو ڪولهي

روپلو ڪولهي: انگريزن خلاف بغاوت ۽ ويڙهه ڪندڙ سنڌ جي قومي سورمي شهيد روپلي ڪولهيءَ، ننگرپارڪر کان 15 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ڳوٺ ڪونڀاريءَ ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو شامتو ۽ ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي هو. هُو ڪولهين جي گوئيل نک مان هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو. رعيت ۽ مقامي حاڪمن مان ڪن کي دٻاءَ سان ۽ ڪن کي لالچن ذريعي زير ڪرڻ لڳا، پر پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريزي راڄ کي نه قبوليو ۽ ڪنهن به قسم جو ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سوڍن پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي بحال رکيو. انگريزن کين آڻ مڃرائڻ ۽ مٿن انتظامي حڪم نافذ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. انگريز ريزيڊنٽ جنرل تروٽ مختلف ٽئڪسن جي وصوليءَ لاءِ ڏيئو مل کي مختيارڪار ڪري ننگرپارڪر موڪليو، پر سوڍا، ڪولهي ۽ کوسا پنهنجي هوڏ تي برقرار رهيا. پارڪر جو بهادر انسان روپلو ڪولهي به پنهنجن ساٿين سميت ويراواهه جي راڻي لاڌو سنگهه ۽ سندس پٽ اڌيسنگهه سان گڏجي ڌرتيءَ جي بچاءَ خاطر سنڀري بيٺو. 1843ع کان 1859ع تائين انگريز، سوڍن ۽ سندن ساٿاري ڪولهين کي زير نه ڪري سگهيا. 15 اپريل 1859ع تي روپلي ڪولهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن خلاف وڏي بغاوت شروع ڪئي وئي. ڪولهين انگريزي ڪئمپ تي حملا ڪيا، خزانا لٽيا، سرڪاري آفيسن کي باهيون ڏنيون، جنهن ۾ انگريز جنرل جارج بوٿ تروٽ جي فوج جو وڏو جاني نقصان ٿيو ۽ اڌيسنگهه جي اوچتي حملي سبب تروٽ اتان فرار ٿي پورڻ واهه ڳوٺ ۾ لاڌي ميگهواڙ جي گهر ۾ جانورن جي ڇوڙن هيٺان وڃي لڪو، جتان کيس لاڌي ميگهواڙ ۽ ڀوڏيسر جي ٺڪرن، رات جو اٺ تي ويهاري، حيدرآباد روانو ڪيو (وڌيڪ ڏسو: تروٽ، جارج بوٿ، جلد ٻيو). اهڙيءَ ريت سوڍن ۽ ڪولهين، اڌيسنگهه ۽ روپلي ڪولهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ننگرپارڪر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. سوڍا ۽ ڪولهي انهيءَ سوڀ تي بي اونا ٿي ويٺا. ڀٽن ۽ چارڻن هن واقعي تي دوها ۽ ڇند ٺاهيا، جهڙوڪ: اڌيسنگهه اچي اوچتو، ڀُورو ڀَڄايو، ڪَر ڀوڏي را ڪنپئا، موچيءَ لڪايو. راڻن ۽ ڪولهين جي سوڀ ۽ جشنن کي ڏسي، ڏيسا ڏانهن ڀڄي ويل انگريز فوج ٻيهر گڏ ٿي ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ طرف راڻاسر تلاءَ وٽ خيما اچي کوڙيا ۽ ننگرپارڪر تي حملي جي تياري ڪرڻ لڳي. حيدرآباد مان ڪرنل تروٽ، ڪراچيءَ جي ڪرنل ايونس سان ملي احمدآباد ۽ ڏيسا مان آيل تازي فوجي ڪُمڪ سان گڏجي ننگرپارڪر تي حملو ڪري ڏنو. هن شديد حملي ۾ سوين ڪولهي ۽ سوڍا وطن تان گهورجي ويا. ويراواهه جو راڻو لاڌوسنگهه گرفتار ٿي ويو. روپلو ۽ سندس ساٿي مڏو ۽ ڏجو، ڪارونجهر ۾ مورچا ٺاهي ويهي رهيا. هي وجهه ملندي ئي انگريزن جي آفيسن تي حملا ڪندا هئا ۽ وري ڪارونجهر ۾ لڪي ويندا هئا. راڻن جنرل تروٽ جي ڪافي ڳولا ڪئي، پر هو هٿ اچي نه سگهيو. هنن ڪن انگريز سپاهين کي ماري ڇڏيو. ان تي ڏمرجي ڪرنل ايونس جي فوج ننگرپارڪر جي اتر طرف ڏيڻسي ڳوٺ ڀرسان راڻن ۽ ڪولهين خلاف وڏو حملو ڪيو، پر ناڪام رهيا. راڻا ۽ ڪولهي ڪارونجهر ۾ مورچابند هئا. انگريز جڏهن پنهنجا قدم پوريءَ ريت ڄمائي نه سگهيا ته تنگ ٿي ڪن غدارن کي وڏيون رقمون ڏئي پاڻ سان ملايو، جن انگريزن لاءِ جاسوسي ڪئي. انهن ۾ ساڙڌري مندر جو پوڄاري هنس پُري ٻاوو، ڪاسٻي جو رهاڪو سيٺ مهاوجي لوهاڻو ۽ ٻيا شامل هئا، انهن جي ڏس تي ساڙڌري جي واٽ تي قائم کوهه تان پاڻي ڀريندي، روپلي ڪولهيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. قيد دوران روپلي تي سخت تشدد ڪيو ويو. هٿن جي آڱرين تي ڪپهه جون وٽيون ٺاهي باهه ڏني وئي. طرح طرح جا عذاب ڏنا ويا، پر روپلي نه آڻ مڃي ۽ نه ئي پنهنجن لڪل ساٿين جو ڏَس ڏنو. ان دوران روپلي جي زال ميڻاوتيءَ کي گهرايو ويو ته جيئن هوءَ روپلي جي حالت ڏسي، روپلي کي بغاوت تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري، پر ميڻاوتيءَ روپلي کي چيو ته ”روپلا! جي تو ڌرتيءَ ۽ قوم سان غداري ڪئي ته مون کي ماڻهو مهڻا ڏيندا. تون انياءَ خلاف وطن لاءِ سر ڏئي سرهو ٿجان. ان سان آءٌ بهادر جي بيوهه سڏائي فخر سان جي سگهنديس.“ ٻئي طرف روپلي جي ساٿين جون ڪارونجهر ۾ ڪارروايون جاري رهيون. پارڪر جي هن عظيم سورهيه روپلي ڪولهيءَ کي 22 آگسٽ 1859ع جي رات 8 وڳي گوڙڌرو نئن جي ڪناري تي بيٺل ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگي، بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي سرعام ڦاهي ڏني وئي. روپلي جي شهادت کان پوءِ به سندس ساٿي وڙهندا رهيا. غدارن کي انگريزن جاگيرون ڏنيون. راڻي ڪرڻ سنگهه کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. روپلي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪرائيندڙ انگريزن جي جاسوس هنس پوري ٻاوي کي ڪارونجهر ويجهو، مهاوجي لوهاڻي کي ڪاسٻي ويجهو ۽ تروٽ کي پناهه ڏيندڙ لاڌي ميگهواڙ کي پورڻواهه ويجهو جاگيرون انعام طور ڏنيون ويون. امر روپلي ڪولهيءَ جي اولاد مان ڪي گهر اڄ به ڪونڀاريءَ ۾ رهن ٿا، جتي روپلي جي گهر جا نشان اڃا موجود آهن. روپلي ڪولهيءَ کي سنڌي شاعرن به خوب ڳايو آهي. مشهور ڊراما نويس علي بابا سندس ڪردار تي ’ڪارونجهر جو قيدي‘ نالي سان ڊرامو پڻ لکيو. ان کان سواءِ روپلي تي سوين مضمون ۽ درجنين ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.


لفظ روپلو ڪولهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1859.08.22  عيسوي

هن عظيم سورهيه روپلي ڪولهيءَ کي 22 آگسٽ 1859ع جي رات 8 وڳي گوڙڌرو نئن جي ڪناري تي بيٺل ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگي، بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي سرعام ڦاهي ڏني وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن بن صباح
الله ورايو محمدي ڏيپلائي
درس محمد سچل
پرسرام پارو مل
جوڻيجو محمد خان
سيٺ نانڪرام
شاهه محمد شاهه1
مير علي مراد خان ٽالپر
شيرين عظيم
ڀليڏنو کٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون