روپيو
روپيو
روپيو: روپيو اصل ۾ هندستاني سڪي جو نالو هو. پندرهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۽ سورهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ دهلي سلطنت جو نقرئي تنڪو (چانديءَ جو روپيو) اگهه ۽ حيثيت وڃائي ويٺو. شيرشاهه سوري (1539ع کان 1545ع) تائين ان چانديءَ جي روپئي ۾ سڌارو آندو، پر اهو هلي نه سگهيو، ان ڪري هن پنهنجي چانديءَ جي سڪي جو نالو ’نقرئي روپيو‘ رکيو، جيڪو ’چانديءَ جي روپيي‘ طور مشهور ٿيو. روپيي جو وزن 178 گرين هو. مغلن جي دور ۾ به چانديءَ جو روپيو عام هو ۽ تاريخ ۾ اچي ٿو ته چانديءَ جو روپيو هندستان جي 100 کان به وڌيڪ ضرب خانن ۾ ٺپيو ويندو هو. مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن به چانديءَ جي روپئي کي جاري رکيو. سترهين صدي عيسويءَ ۾ اڪبر ۽ جهانگير بادشاهه به چورس شڪل وارا ڪيترا چانديءَ جا روپيا تيار ڪرايا. اڪبر بادشاهه جي هڪ سڪي ۾ روپيي جو نالو ملي ٿو. جهانگير بادشاهه ٿوري عرصي لاءِ 200 گرين وزني روپيو هلايو هو. اڳتي هلي هن روپئي جي وزن ۾ گهٽتائي آئي. احمد شاهه درانيءَ جڏهن خودمختيار حاڪم ٿيو ته هن روپيي کي پنهنجي سڪي طور اختيار ڪيو. افغانستان ۾ معياري سڪو اهو هو. آسام جي هندو بادشاهن وٽ به چانديءَ جي روپئي وارو سڪو رائج هو. هندستاني روپيو جيئن ته برطانوي مشرقي آفريڪا ۾ رائج هو. انهي ڪري جرمن مشرقي آفريڪا ۾ به اهو رائج هو. اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾ انگريزن مقامي روپيي جو رواج ختم ڪري پنهنجا روپيا جاري ڪيا ۽ ڪيترا ضربخانا بند ڪرائي ڇڏيا.
ورهاڱي کانپوءِ به ڀارت ۽ پاڪستان جو معياري سڪو روپيو ئي رهيو. چانديءَ جو سڪو ’ڊينگلو‘ سڏبو هو، ۽ اڪثر ماڻهو ’نورن‘ جي پٽي ۾ اهي روپيا کڻندا هئا. سٺ واري ڏهاڪي ۾ پاڪستاني روپيو ڪاغذ جي نوٽ ۾ تبديل ڪيو ويو، پر اُن جو نالو ساڳيو روپيو رهيو. هن سڪي جو هاڻي ڪاغذي روپ يا نوٽ وڌيڪ عام آهي، جيڪو پنجن، ڏهن، ويهن، سوَ، هزار ۽ پنج هزار روپين جي نوٽن جي صورت ۾ واهپي ۾ آهي.