
روپڪ
روپڪ (تال): راڳ جو هي تال، مسلمان نائڪن جو ايجاد ڪيل آهي. هي تال مغليه دور ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو، ان ڪري هن تال جو ٻيو نالو مغلئي تال آهي. هي تال علم موسيقيءَ جي خاص صنفن جھڙوڪ: ٺمري، غزل ۽ قواليءَ ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي. هن تال پوريءَ دنيا ۾ وڏي شھرت ماڻي آهي. هن کي سنڌ ۾ تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي، خاص ڪري ڪافي ۽ ڪلامن سان گڏوگڏ غزلن ۾ پڻ گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي موسيقارن فلمي گانن جون نيون ڌنون ٺاهڻ ۾ هن تال کي گهڻو استعمال ڪيو آهي. نورجھان جي ڳايل مشھور فلمي غزل ’چن ليا ميني تمهين سارا جھان رهني ديا‘، عابدہ پروين جي ڳايل سنڌي ڪافي ’من گهرئي مشتاق سان جيئري جدايون ڪين ڪر‘ پڻ روپڪ تال ۾ ڳايل آهن. انهيءَ کان اڳ ۾ خانصاحب حاجي خير محمد خان انهيءَ تال ۾ هڪ ڪافي ’منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري، اهي اوٺي اچن جيڪي خير ڪري‘ پڻ هن تال ۾ ڳايو هو.
هن تال کي سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي. هن تال جو اڪوائي تال وانگر سم خالي تي رکيل آهي. روپڪ/ مغلئي تال جا ٻول هن ريت آهن:
تن- تا-ڪ- ڌن ڌن- ڌاڌا- ڌن ڌن- ڌاڌا سم ٽن ماترن تائين ڏيڍي جو رنگ ملي ٿو ۽ باقي چئن ماترائن ۾ ٻيڻ واري گنتڪاري ڪيل آهي.