روپڪ
روپڪ (تال): راڳ جو هي تال، مسلمان نائڪن جو ايجاد ڪيل آهي. هي تال مغليه دور ۾ تمام گھڻو مشهور ٿيو، ان ڪري هن تال جو ٻيو نالو مغلئي تال آهي. هي تال علم موسيقيءَ جي خاص صنفن جهڙوڪ: ٺمري، غزل ۽ قواليءَ ۾ گھڻو استعمال ٿيندو آهي. هن تال پوريءَ دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. هن کي سنڌ ۾ تمام گھڻو استعمال ڪيو ويو آهي، خاص ڪري ڪافي ۽ ڪلامن سان گڏوگڏ غزلن ۾ پڻ گھڻو استعمال ڪيو ويو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي موسيقارن فلمي گانن جون نيون ڌنون ٺاهڻ ۾ هن تال کي گھڻو استعمال ڪيو آهي. نورجهان جي ڳايل مشهور فلمي غزل ’چن ليا ميني تمهين سارا جهان رهني ديا‘، عابده پروين جي ڳايل سنڌي ڪافي ’من گھرئي مشتاق سان جيئري جدايون ڪين ڪر‘ پڻ روپڪ تال ۾ ڳايل آهن. انهيءَ کان اڳ ۾ خانصاحب حاجي خير محمد خان انهيءَ تال ۾ هڪ ڪافي ’منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري، اهي اوٺي اچن جيڪي خير ڪري‘ پڻ هن تال ۾ ڳايو هو.
هن تال کي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل آهي. هن تال جو اڪوائي تال وانگر سم خالي تي رکيل آهي. روپڪ/ مغلئي تال جا ٻول هن ريت آهن:
تن- تا-ڪ- ڌن ڌن- ڌاڌا- ڌن ڌن- ڌاڌا سم ٽن ماترن تائين ڏيڍي جو رنگ ملي ٿو ۽ باقي چئن ماترائن ۾ ٻيڻ واري گنتڪاري ڪيل آهي.