روپ ڪمار گهايل

روپ ڪمار، گهايل: اديب ۽ شاعر روپ ڪمار، 17 جون 1930ع تي ڳوٺ عامر، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس خاندان ۾ ادبي ماحول هئڻ ڪري هن شاگرديءَ واري دؤر کان لکڻ جو آغاز ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪجهہ سال پوءِ لڏي هندستان ويو، جتي ڀوپال جي ڀرسان سنڌي وسندي بيراڳڙھہ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي بہ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪيائين. روپ ڪمار ڪيترن ئي ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڪيو ۽ سندس ڪيترن ڪتابن جا هندستان جي ٻين ٻولين ۾ بہ ترجما ٿيا آهن.
هن ساميءَ جي 108 سلوڪن کي هنديءَ ۾ ترجمو ڪري هندستان ۾ کيس سنت ڪويءَ طور متعارف ڪرايو. روپ ڪمار شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ شاعريءَ ۾ ’گهايل‘ تخلص استعمال ڪيو آهي. هن پهاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ نصاب جي مختلف موضوعن تي ڪتاب پڻ لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو