روگزانه جي خيالي تصوير

روگزانه جي خيالي تصوير

روگزانه

روگزانه: سڪندراعظم مقدونيءَ جي گهر واري روگزانه/ روگزين (Goxane)، 343 ق. م ڌاري بلخ (افغانستان) ۾ Oxyartes جي گهر ۾ جنم ورتو. ايشيا تي ڪاھہ دوران روگزانه کي ٻين ڪيترين عورتن سان گڏ اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ سڪندراعظم ساڻس شادي ڪئي. ان وقت هوءَ 16 سالن جي هئي. بلخ ان وقت ايراني سلطنت جو آخري پرڳڻو هو، جڏهن سڪندراعظم اُن تي ڪاھہ ڪئي هئي. قديم تاريخن ۾ سڪندر جي روگزانه سان محبت جو ذڪر ملي ٿو. هوءَ 326 ق. م ۾ اتر هندستان تي ڪاھہ وقت بہ ساڻس گڏ هئي. سڪندر جي بيبلان ۾ 326 ق. م ۾اوچتي وفات وقت روگزانه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اليگزيندر-IV ائگس رکيو ويو. سڪندر جي موت کان پوءِ روگزانه سندس ٻيءَ بيوھہ اسٽيٽريا-2 ۽ سندس ڀيڻ کي قتل ڪيو. روگزانه ۽ سندس پٽ سڪندراعظم جي ماءُ جي پناھہ ۾ رهيا، جيڪا مقدونيه ۾ رهائش پذير هئي، پر اها 316 ق. م ۾ قتل ٿي تہ ڪسينڊر کي بادشاهت حاصل ٿي ۽ ان 310 ق. م ڌاري روگزانه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
روگزانه کي فارسي اُچار ۾ ’رخسانه‘ لکيو ويندو آهي. هوءَ خوبصورت هئي، ان ڪري ان ڪردار ۽ نالي سان ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا ويا. رخسانه/ روگزانه سڪندراعظم سان گذاريل وقت ۽ پنھنجي زندگيءَ جون يادگيريون لکيون هيون، جيڪي قديم پارسي زبان ۾ ’من که رخسانه‘ عنوان سان ڪتابي صورت ۾ هيون، جن جو پوءِ انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيو. هن ڪتاب ۾، سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”هندستان تي ڪاھہ دوران سيوهڻ ۾ رهڻ وقت مون سڪندراعظم کي گهڻو پريشان ۽ خوفزده ڏٺو. هو اڌ رات جو اٿي ڇرڪ ڀري چوندو هو تہ الائي ڪير اسان جي ڪئمپ تي حملو ٿو ڪري . . . !“


لفظ روگزانهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو