
ري شهر
ري (شھر): ري، ايران جو قديم ۽ مقدس شھر مڃيو وڃي ٿو. هن شھر جا قديم کنڊر تھران شھر جي ڏکڻ اوڀر طرف تقريباً پنجن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهن، جيڪي جبال البرز کان ميدان ڏانهن نڪرندڙ هڪ ٽڪريءَ واري علائقي ۾ ڏکڻ طرف واقع آهن. شاھہ عبدالعظيم جو ڳوٺ ۽ مزار انهن کنڊرن جي عين ڏکڻ ۾ موجود آهي.
ري شھر جي جاگرافيائي اهميت اها آهي تہ هي شھر جبلن ۽ ريگستان جي وچ تي هڪ اهڙي زرخيز خطي ۾ واقع هو، جتي قديم زماني کان ايران الهندي ۽ اڀرندي علائقن ۾ آمدورفت جو رابطو ۽ سلسلو قائم ٿيو هو. مارندان کان ڪيترا رستا اتر ۾ ’ري‘ شھر طرف نڪرن ٿا. هي شھر ٻيهر آباد ٿيو آهي.
مشھور ايراني مفڪر زردشت/ زرتشت بہ هن شھر ۾ ڄائو هو.