رياض

رياض

رياض

رياض (Riyadh): رياض شھر سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سعودي انتظاميا، تعليم، ثقافت ۽ تجارت جو وڏو مرڪز آهي. رياض جي لفظي معنيٰ ’باغ‘ آهي. هيءُ شھر دنيا ۾ تيزي سان ڦهلجندڙ ۽ ترقي ڪندڙ شهرن مان هڪ آهي. 1940ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ملڪ جي تيل جي وڌندڙ آمدنيءَ هن شھر کي جديد شھر بنائڻ ممڪن بڻايو. رياض جي معيشت جو انحصار ڪافي حد تائين سروسز، تعميرات، فوڊ پروسيسنگ ۽ پيٽروليم جي پيداوار تي آهي. ويهين صديءَ کان پهرين هي شھر پکڙيل آبادين ۽ جر جي پاڻي ڪري مشھور ڳوٺ هو. 1824ع کان سعودي حڪمران خاندان جي رهائش جو هنڌ هتي ئي آهي. سعودي خاندان هتي مسمڪ قلعو، هڪ مسجد ۽ ڪافي ديوارون تعمير ڪرايون. رشيدي خاندان هنن کي 1891ع ڌاري هتان بيدخل ڪري ڇڏيو. 1902ع ڌاري عبدالعزيز ابن سعود مسمڪ قلعي ۽ رياض تي ٻيهر قبضو ڪيو ۽ ۽ پنھنجي اثر کي وڌائڻ شروع ڪيو، آخرڪار هن 1932ع ڌاري سعودي عرب جي بادشاهت تخليق ڪئي. رياض بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هئڻ باوجود ڪيترن ڏهاڪن تائين جدي شھر جي مقابلي ۾ ڪجهہ بہ نہ هو. 1985ع ۾ سڀ سرڪاري ادارا ۽ آفيسون رياض منتقل ڪيون ويون ۽ هاڻي هي سعودي عرب جو سڀ کان وڏو شھر آهي.


لفظ رياضھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو