
رياض خان استاد:
رياض خان، استاد: استاد رياض خان خانداني طور تي هڪ طبلي نواز خاندان سان واسطو رکي ٿو، پر هن وقت هو طبلي ٺاهڻ جو ڪاريگر آهي. استاد رياض حسين دهل، ڍولڪ ۽ طبلي جي ڪٽنب وارا 16 ساز ٺاهيندڙ ڪاريگر آهي، ان سان گڏوگڏ هو طبلي وڄائڻ جو پڻ وڏو ڪاريگر آهي. پر ڍولڪ ٺاهڻ واري ڪم ڪرڻ ڪري هن جي هٿ جون ڪيئي هڏيون ڀڄي پيون آهن، ان ڪري هو هاڻي طبلي وڄائڻ جي قابل نہ رهيو آهي. استاد رياض خان 1944ع ڌاري انڊيا جي امرتسر واري علائقي ۾ ڄائو، ورهاڱي کانپوءِ هن جو خاندان حيدرآباد سنڌ لڏي آيو، هونئن بہ حيدرآباد ۾ سريگهاٽ وارو علائقو ڳائڻن، ناچن، ڊانسرز، ڪمپوزرس، طبلا نواز، بينجا نواز ۽ ٻين موسيقيءَ جي دنيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو مرڪز رهيو آهي. هن جو والد استاد فياض علي خان پنھنجي دور جو وڏو طبلي نواز هو، استاد رياض پنھنجي والد سان گڏ سڄي سنڌ ۾ راڳ سان چاھہ رکندڙ خاندانن وٽ ڳائڻ وارين محفلن ۾ شريڪ رهيو آهي. خانداني طور تي هن جي ڏاڏي کي مهارت سان طبلو وڄائڻ سبب رياست راءِ ڳڙھہ جي مهاراجا پنڊت پاٽڪر رائو هاٿي انعام ۾ ڏنو هو ۽ هن جي پيءُ استاد فياض خان کي ڪيترائي گهوڙا انعام ۾ مليا هئا، ڇاڪاڻ تہ هنن جي خانداني اها روايت هئي تہ ڪوبه کين انعام ڏيڻ چاهيندو هو تہ هو صرف انعام ۾ گهوڙو گهرندا هئا. هن جي والد استاد فياض خان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واري نوڪري بہ گهوڙي جي ڪري وڃائي. ڇو تہ هو روزانو گهوڙي تي چڙهي ريڊيو آفيس ويندو هو ۽ گهوڙو آفيس جي گيٽ تي ٻڌندو هو. استاد رياض خان حيدرآباد ۾ طبلي ٺاهڻ جو ماهر ڪاريگر آهي، هن جو دڪان پڻ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ آهي. استاد رياض هن دڪان تي ايندڙ، فن سان دلچسپي رکندڙ ڪيترن ئي نوجوانن جي همت افزائي پڻ ڪندو رهي ٿو، ڇو تہ هو طبلي ٺاهڻ سان گڏوگڏ طبلي جي ڪٽنب جا 16 ساز وڄائڻ پڻ ڄاڻي. استاد رياض لئي ۽ انب جي ڪاٺ تي ٻڪر جي کل چاڙهي طبلو جوڙڻ وارو ڪم ڪري ٿو، جنهنجي ٻاهران اٺ جي کل جون ڏوريون چاڙهي ٿو. طبلي جي ٺاهڻ لاءَ ڪاٺ پنجاب جي ڪارخانن ۾ ٺھي ٿو، طبلي جي ماديءَ تي ٻڪري ۽ نر تي ٻڪر جي کل چاڙهي ٿو. سندس خيال موجب ماديءَ جو آواز زنانو ۽ نر جو مرداڻو رڌم هجڻ گهرجي. هن وٽ پنھنجي وڏن جا 19 سونا تمغا ۽ وڏن گوين سان ڳائڻ وارا فوٽو تاريخي رڪارڊ طور موجود آهن.
استاد رياض خان هن وقت حيدرآباد ۾ سريگهاٽ واري علائقي ۾ پنھنجي فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دڪان کولي طبلي جو ڪم ڪندو رهي ٿو.