رياض منگي

رياض منگي

رياض منگي

رياض منگي: مصور، رياض ولد محمد انور منگيءَ 14 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم. اي فائن آرٽس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائين. کيس مصوريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو. سندس لاڙو مجسمي سازيءَ طرف وڌيڪ هو. سندس مجسمي سازيءَ جي شوق اڳتي هلي کيس بھترين مجسمي ساز بڻائي ڇڏيو. سندس پينٽنگس جو محور ۽ مرڪز اڪثر معاشري جا اهڙا ڏک درد آهن، جيڪي هاڻي ناسور بڻجي چڪا آهن. رياض منگي، معاشرتي مسئلن کي پنھنجي فن پارن جو روپ ڏئي مهارت سان ڏسندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. اهو اندازو سندس پينٽنگن ۽ مجسمن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. رياض منگيءَ جي تصويرن جون نمائشون 1984ع ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين ڪيترين هنڌن تي منعقد ٿي چڪيون آهن. سندس لاڙڪاڻي واري گهر ۾ هڪ ننڍڙي آرٽ گئلري موجود آهي، جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اڄڪلھہ پي. آءِ. اي ڪراچي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.09.14  عيسوي

مصور، رياض ولد محمد انور منگيءَ 14 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
سيد شفيق حيدر موسوي
غلام حيدر صديقي
دودو مهيري
ايشور آنچل
ابراهيم بلوچ
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
شاھہ فيصل
اياز علي شاھہ شيرازي
قاضي اياز مهيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون