ريال

ريال

ريال

ريال: سعودي عرب ۽ ڪجهہ ٻين اسلامي ملڪن ۾ رائج الوقت سڪو/ ڪرنسي ريال آهي. سعودي عرب جي قيام کان اڳ حجاز جي ناڻي تي اهو نالو پيل هو، جيڪو بعد ۾ بہ قائم رکيو ويو.
عثمانيه خلافت دوران حجاز ۾ هڪ ريال 20 قرشن جي برابر هو. پهريون سعودي ريال، حجاز جي معيار مطابق عثمانيه سڪن سان گڏ 1925ع ڌاري جاري ٿيو، جنهن جي قيمت 22 عثمانيه قرشن جي برابر هئي ۽ هڪ ريال کي 22 قرشن ۾ ورهائي سگهبو هو. 1960ع ڌاري سعودي حڪومت ناڻي جي روايتي نظام کي تبديل ڪري هڪ ريال کي 20 قرشن برابر مقرر ڪيو ۽ 1963ع ۾ نئون سڪو حلالہ متعارف ڪرائيندي 1 ريال جي قيمت هڪ سئو حلالہ مقرر ڪئي وئي.
سعودي عرب ۾ اڃا بہ قرش جو استعمال ٿئي ٿو، پر اڳ جيترو عام ڪونهي. 1925ع ڌاري مڪي شريف مان سرڪاري حڪمنامي تحت محمد عيان قادري، ٽامي جا سڪا ۽ قرش تيار ڪيا، تنهن کان پوءِ 1926ع ۾ ٽامي ۽ نڪل جو مٺ 3:1 جي تناسب سان قرش (سڪو) تيار ڪيو ويو، جيڪو حجاز جي بادشاھہ جي نالي هو.
1927ع ۾ ساڳئي سڪي کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪندي ٽامي ۽ نڪل (Cupro-nickel) جا هڪ قرش جا سڪا ۽ چانديءَ ۾ هڪ ريال جا سڪا جاري ٿيا. 1935ع ڌاري سعودي عرب جي بادشاھہ جي نالي سان چانديءَ جا ريال جاري ڪيا ويا، جيڪي روايتي ريالن کان وزن ۾ 50 سيڪڙو هلڪا هئا. 1946ع ۾ ٽامي ۽ نڪل جا ڪجهہ سڪا تيار ڪيا ويا، جن تي عربي عدد (65) ٺپيل هو. 1963ع دوران ڪنجهي (Bronze) جا سڪا تيار ڪري حلالہ جي نالي سان متعارف ڪرايا ويا، جنهن تحت 5، 10، 25 ۽ 50 جا حلالہ ٺپيا ويا، جيڪي 1972ع تائين هليا. اهي حلاله، هڪ، ٻن، اڌ ۽ چوٿائي ريال جي برابر هئا. 1999ع ۾ هڪ ريال جو سڪو آندو ويو، جنهن کي 100 حلالہ جي برابر رکيو ويو. 1953ع ۾ سعودي عرب مونيٽري ايجنسي (SAMA) حج جي پانڌيئڙن کي 10 ريالن جي رسيد جاري ڪئي، جيڪا 1956ع تائين جاري ٿيندي رهي. اها رسيد دراصل سعودي نوٽ جي ابتدائي شڪل هئي، جيڪا پوءِ پرڏيهي مٽاسٽا ۾ اچڻ لڳي، ترت پوءِ 1961ع ۾ 1، 5، 50 ۽ 100 ريالن جا نوٽ جاري ٿيڻ لڳا. 500 ريالن جو نوٽ 1983ع ۾ متعارف ڪرايو ويو. 2000ع کان پوءِ ٻيا ريال جا نوٽ بہ جاري ڪيا ويا، جيئن 20 ريالن جو نوٽ ۽ 200 ريالن جو نوٽ، جن تي شاھہ عبدالله جي تصوير ڇاپيل هئي. 1960ع تائين قطر ۾ رڳو هندستاني سڪو استعمال هيٺ هوندو هو، 1966ع کان قطر ۽ ان سان لاڳاپيل رياستن ۾ سعودي ريال کي رائج ڪيو ويو. هن وقت هڪ سعودي ريال 25.77 پاڪستاني روپين جي برابر آهي، جڏهن تہ هڪ سعودي ريال 0.2667 آمريڪي ڊالر جي برابر آهي.


لفظ ريالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو