ريتي1: ريتي، تعلقي اٻاوڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي هڪ ديھہ آهي. ’ريتي معنيٰ واريءَ جي ڀٽن وارو علائقو.‘ ريتي نالي سان هتي هڪ شھر بہ آهي، جنهن کان اٽڪل ڇھہ ڪلوميٽر اوڀر طرف انگريزن هڪ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي هئي. هتي پنجاھہ ايڪڙن جي ايراضيءَ تي انگريز سرڪار فوجي مقصدن لاءِ هوائي اڏو بہ قائم ڪيو هو، جنهن کي حر گوريلن جي حملن نقصان پھچايو ۽ انگريزن اڳتي هلي هيءُ فوجي اڏو ختم ڪري ڇڏيو.