ريت وهنوار

ريت وهنوار (رسم): هن رسم بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’رسمون رواج ۽ ساٺ سوڻ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: .ڏاج يا ڪوٺي جي سامان ڏيکارڻ کانپوءِ گهوٽيتن جو ناٺي، سيڻ يا پريو مڙس ڪنواريتن جي ڪنهن وڏي کي ريت وهنوار جا پئسا ڏيندو، جيڪي سٺ رپيا هوندا، پر اهڙي ريت ڏيندا جو هڪٻئي سان مٽ سٽ ڪئي وڃي. مثلاً: پهرين اسي رپيا ڏنا تہ وٺندڙ وري چاليھہ رپيا رکندو ۽ باقي چاليھہ رپيا واپس ڪندو ۽ ڏيندڙ وري ويھہ رپيا رکي ويھہ رپيا ڪنواريتن کي موٽائيندو. ان رسم جو مطلب اهو ٿيو تہ ڏيندڙ جو هٿ خالي نہ رهي. ان ڏيتي ليتي ۾ چرچو، ڀوڳ ۽ کل خوشي ڪن. ريت وهنوار ڇني ۾ ئي ڪن.“


لفظ ريت وهنوارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو