ريج

ريج (پتو- جائون): ريج جي بيماري ڍڳن، مينهن، رڍن ۽ ٻڪرين ۾ سم، ڍنڍن ۽ درياھہ جي ڪچي وارن علائقن ۾ عام آهي. ٿر ۾ برسات بعد سائو گاھہ کائڻ سبب پڻ هيءَ بيماري ٿيندي آهي. ريج جي بيماري ٻين جانورن ۾ بہ ٿي سگهي ٿي. ريج جي بيماريءَ کي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. جيئن ريج، پتو، جائون، جيرو وغيرہ. هن بيماريءَ جي ڪري ڪينئان جيرو ختم ڪري ڇڏيندا آهن، تنهنڪري هن بيماريءَ کي Liver Rot بہ سڏيندا آهن. هي بيماري جانورن کي گهڻو نقصان پهچائي ٿي.
ريج جي بيماريءَ جا سبب (Causes): هن بيماريءَ جو سبب هڪ قسم جو ڪينئون آهي. هي ڪينئون جانورن جي جيري ۾ رهي ٿو، تنهنڪري ان کي ليور فلوڪ (Liver Fluke) چوندا آهن. هن ڪينئن جا ٽي قسم آهن:
(1) فئشيولا هيپاٽيڪ (Fasciola Hepatica)،
(2) فئشيولا جيگنيٽڪ (Fasciola Gignatica) ۽
(3) ڊڪرو سيلئم ڊينٽريڪم (Dicrocoelim Dentrittum).
هيءُ ڪينئون نم جي پن وانگر ٿيندو آهي ۽ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. اٽڪل هڪ انچ ڊگهو ۽ اڌ انچ ويڪرو، رنگ جو پيلو يا ساواڻ ۽ اڇاڻ مائل ٿئي ٿو. هن مرض جي ڦهلجڻ جو ڪارڻ اهو آهي تہ هيءُ ڪينئون بھار جي موسم ۽ گرمين ۾ آنا ڏيڻ شروع ڪندو آهي. وڏا ڪينئان پتي کان جيري ڏانهن رس آڻيندڙ (Bile Duct) ناليءَ ۾ رهندا آهن ۽ ننڍا ڪينئان جيري ۾ هوندا آهن. آنا آنڊي مان ڇيڻي سان گڏ زمين تي پکڙجي ويندا آهن. آني مان لاروا ڏهن ڏينهن ۾ ٻاهر ايندو آهي، جنهن بعد ڪيترين ئي حالتن مان گذري ٻچي جي صورت اختيار ڪندو آهي ۽ گاھہ تي رهندو آهي. جيئن ئي جانور اهو گاھہ کائيندو آهي تہ اهو ڪينئون بہ پيٽ ۾ هليو ويندو آهي، جتان آنڊي کان جيري ۾ وڃي وري پتي جي رس واري ناليءَ ۾ وڃي آنا لاهيندو آهي، ٻچو ناسازگار حالتن ۾ پنھنجي چوڌاري خول چاڙهيندو آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ 17 مهينن تائين زندہ رهي سگهي ٿو. جانور صرف چند ڪلاڪن ۾ اهڙي چراگاھہ ۾ چرڻ سان مرض ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، جتي متاثر جانور چرندا آهن. اتان جيڪڏهن متاثر جانور ڪڍي بہ ڇڏجن تہ اهو گاھہ 12 مهينن تائين بيماري پکيڙڻ جي قابل رهندو آهي.
بيماريءَ جا قسم ۽ علامتون: عام طور ريج جي بيماري ٻن نمونن جي ٿيندي آهي: (1) هڪ شدت واري بيماري، (2) پراڻي بيماري.
شدت واري بيماري گهڻوڪري رڍن ۽ ٻڪرين ۾ گهڻي ٿيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڍڳين ۽ مينهن ۾ بہ ٿيندي آهي، هر عمر جو جانور ان ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. هن قسم ۾ بنا ڪنهن ظاهري نشانيءَ جي جانور اوچتو مرڻ شروع ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن متاثر جانورن ۾ ڪجهہ علامتون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، جن ۾ جانورن جو بيمار ٿيڻ، کاڌو ڇڏي ڏيڻ، موڳو ٿيڻ، ڪمزوري ٿيڻ، رت جو سُڪي وڃڻ وغيرہ. پوءِ 24 ڪلاڪن اندر ان جو موت واقع ٿيو پوي.
جڏهن تہ پراڻي بيماريءَ ۾ جانور ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ بدبودار دست، کير گهٽجي وڃڻ، رت جو سڪي وڃڻ، اکين ۾ گند ٿيڻ، پيٽ تي سوڄ ٿيڻ، بدن تان وار ڪرڻ، کاڌي کائڻ باوجود ڪمزور ٿيڻ، کل جو ڪمزور ٿيڻ وغيرہ ٻئي قسم جون نشانيون آهن، جنهن سبب ٻن کان ٽن ڏينهن تائين جانور جو موت واقع ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو جانور زندہ بہ رهي ٿو تہ انتهائي ڪمزور ٿي ويندو آهي. سندس پيٽ ۾ پاڻي هوندو آهي، ان جي جيري ۾ گهڻي تبديلي ٿئي ٿي. پتي جون ناليون وڌي ٿلهيون ٿين ٿيون، جن جي کولڻ تي ڪيڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.


لفظ ريجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو