ريجھه علي شاهه (ثالث)

ريجھه علي شاهه (ثالث)

ريجھه علي شاهه جي درگاهه

ريجھه علي شاهه جي درگاهه

ريجهه علي شاھہ ثالث

ريجهه علي شاھہ (ثالث): سيد ريجهه علي شاھہ لڪياري عرف ريجهل شاھہ، کهڙا شهر، ضلعي خيرپور ۾، 14 جمادي الاول 1319 ھہ مطابق 1901ع ڌاري سيد ڇتن شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس حسب نسب جو سلسلو ستين امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو، جنهنڪري ڪاظمي سيد بہ سڏجن ٿا. هن گهراڻي جا وڏا لڪيءَ جي مشھور ولي شاھہ صدرالدين جي خاندان مان هئا. شاھہ صدر کي ٻہ پٽ سيد راشد شاھہ ۽ شاھہ حسين ٿيا. ريجهل شاھہ جي خاندان جو سلسلو شاھہ حسين مان آهي. هن خاندان جي کهڙن واري درگاھہ جو باني سيد ريجهل شاھہ (اول) لڪياري آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي دور ۾ لڏي اچي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻيلهاڙي ۾ ويٺو. ڪجهہ وقت کان پوءِ اُتان لڏي کهڙن ۾ اچي رهيو. ريجهہ علي شاھہ (اول) جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ٻڍل شاھہ گاديءَ تي ويٺو. هن بزرگ کي ٽي پٽ: ريجهہ علي شاھہ (ٻيو)، دين محمد شاھہ ۽ سيد علي اڪبر شاھہ ٿيا، جيڪي بہ وقت جا عارف ٿي گذريا آهن. سيد ٻڍل شاھہ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ريجهہ علي شاھہ (ٻيو) فقيريءَ جي مسند تي ويٺو. جيئن تہ هن کي ڪو بہ اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ دين محمد شاھہ جو پٽ ڇٽن شاھہ (اول) فقيراڻي گاديءَ تي ويٺو. سيد ڇٽن شاھہ (اول) جي وفات کانپوءِ سندس پٽ دين محمد شاھہ (ٻيو) مسند نشين ٿيو. سيد دين محمد شاھہ (ٻئي) جي وفات کان پوءِ ڇتن شاھہ (ٻيو) مسند تي ويٺو، جنهن کي ٽي پٽ: سيد سچيڏنو شاھہ، ٻڍل شاھہ (ٻيو) ۽ سيد ريجهہ علي شاھہ (ٽيون) ٿيا. سيد ريجهل شاھہ وقت جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
سيد ريجهہ علي شاھہ جي پالنا وڏي لاڏڪوڏ سان ٿي، ڇھن سالن جي ڄمار ۾ کيس مروج تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو ۽ صرف ٽي درجا پڙهيا ۽ وري ڪڏهن اسڪول نہ ويو، البت پنھنجي منهن لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشق ۽ مطالعو جاري رکيائين. سندس هٿ اکر بہ ڏاڍا سٺا هئا. يارهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ ٻڍل شاھہ ڪئي. جواني اميراڻي انداز ۾ گذاريائين، ڀلا گهوڙا رکيائين ۽ سٺو گهوڙيسوار هو. خوش پوشاڪ ۽ والي بال راند جو بہ شوقين هو. جڏهن سندس ڀاءُ ٻڍل شاھہ گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ گادي ريجهہ علي شاھہ جي حوالي ڪيائين تہ هن پڻ هر شيءِ ترڪ ڪري فقيري اختيار ڪئي، جنهن جو اظهار پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو اٿس:
شاهي شان ۽ شوق ڇڏياسين،
محبت نال ملياسين، رمز رلياسين،
طعنا مهڻا ماڻهن جا،
جهوليءَ سڀ جهلياسين، رمز رلياسين!
فقيري اختيار ڪرڻ سان گڏ ڀاءُ جي صحبت مان رڱجي چڪو هو. تصوف ۽ مذهبي ڪتابن جي مطالعي سندس زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي.
20 ورهين جي عمر ۾ اهل بيت جي حب ۾ عراق، ايران ۽ شام جو سفر ڪري مقدس مقامن جون زيارتون ڪيائين. پنجويهن سالن جي عمر ۾ حج ڪيائين. ائين سندس زندگيءَ ۾ تبديلي آئي ۽ ويراڳ وٺي، اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين.
ڇڏي مال محل، وڃي رس ريجهل شاھہ چئي،
دنيا جي دور جا، ترڪ ڪر طبل،
چڙهي چوٽ جبل، بانگ ڏي برھہ جي.
ريجهل شاھہ روشن خيال ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ ۽ انڪساريءَ جو مجسمو هو. فقيري اختيار ڪرڻ بعد ڪجهہ عرصو پير ڪٽپر جي جهنگ ۾ مجذوبيءَ ۾ گذاريائين. جڏهن سندس طبيعت اعتدال ۾ آئي تہ مذهبي پرچار ۽ عام ماڻهن سان ڪچهرين ۾ وقت گذارڻ لڳو، خلق جي خدمت کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بنايائين. ريجهل شاھہ سيلاني طبع هو. ان ڪري عراق، ايران، شام کانسواءِ لاهوت لامڪان جا بہ سفر ڪيائين. هر سال صفر مهيني جي 14 ۽ 15 تاريخن تي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاھہ تي قافلي سميت حاضري ڀريندو هو. زندگيءَ جي آخري سال سخت بيمار هوندي بہ حاضريءَ تي آيو ۽ وڏي فرزند کي بہ هدايت ڪيائين تہ ڀٽائيءَ تان ڪڏهن بہ ڀيرو ڀڃڻ نہ وسارجو.
سيد ريجهہ علي شاھہ، 20 صفر 1375ھہ/ 8 آڪٽوبر 1955ع تي ڇنڇر ڏينهن ڳوٺ فيضل مھر (لڳ کهڙا) ۾ وفات ڪئي.کيس وصيت موجب گمبٽ اسٽيشن ۽ شھر جي وچ تي، اسٽيشن روڊ وٽ اباڻي زمين ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس درگاھہ قائم آهي، جتي هر سال سندس عرس جي موقعي تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. هن وقت سندس پٽ سيد امام علي شاھہ گادي نشين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو