ريجهو مل لاهوري

ريجهو مل لاهوري: سماجي ڪارڪن ريجهو مل لاهوريءَ، 1893ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ڪندن داس لاهوريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ سان ڏاڍو چاھہ هو، ايم. اي، ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ان وقت لاڙڪاڻي جو هي پهريون شخص هو، جيڪو ايـتـرو گهـڻـو پڙهيو هو. منجهس نمرتار، نوڙت ۽ سادگي هوندي هئي. دادا ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي شخصيت جو مٿس وڏو اثر هو، ان ڪري هڙان وڙان غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو هو. هڪ ڀيرو کيس سنڌ ڪانگريس جو چيئرمئن پڻ چونڊيو ويو. 1929ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا پئي تہ شهرين لڏپلاڻ ڪئي، مگر ريجهو مل لڏڻ بجاءِ شهرين جي خدمت ڪندو رهيو. سندس دوستن کيس گهڻو ئي سمجهايو تہ جان جوکي ۾ نہ وجهه، پر چيائين تہ ميدان ڇڏي نہ مربو. نيٺ خود بہ ڪالرا جو شڪار ٿيو ۽ ڦوھہ جوانيءَ ۾ 12 آگسٽ 1929ع تي وفات ڪيائين.
سندس خدمتن کي ڏسندي لاڙڪاڻي ميونسپل پاران شھر جي چؤڪ تي سندس مجسمو لڳرايو ويو. سندس اهو مجسمو ڪيترو وقت يادگار طور لڳل رهيو، پر پاڪستان ٺھڻ بعد اهو مجسمو ڪن متعصب ماڻهن ڀڃي ڇڏيو. بعد ۾ ميونسپل انتظاميا اهو مجسمو لاهي پنھنجي تحويل ۾ رکيو، جيڪو 1975ع تائين سلامت هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو