ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو

ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو: ناليواري انگريز ڪاموري ريجيانلنڊ پوڪارڪ آڪسفورڊ ٽرائنٽي ڪاليج مان تعليم ورتي. 1983ع ڌاري چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. 13 نومبر 1885ع تي سندس انتظامي خدمتون بمبئيءَ حوالي ڪيون ويون. 1886ع ۾ بمبئيءَ ۽ سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر، مئجسٽريٽ، سيڪنڊ اسسٽنٽ فاريسٽ سيٽلمينٽ آفيسر، 1900ع ۾ جونيئر ڪليڪٽر، ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ رهيو. ان کانسواءِ هو ڊپٽي ڪمشنر آف پيپر ڪرنسيءَ ڪراچي ۽ سيڪريٽري روينيو جهڙن عهدن تي بہ فائز رهيو. سرڪاري ملازمت جو گهڻو حصو سنڌ ۾ گذارڻ ڪري سنڌي ٻولي بہ سکي ويو. 1909ع ڌاري هو سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران هڪ سال لاءِ هو حيدرآباد ۽ ڪراچي جو ڪليڪٽر بہ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو