ريجھه علي شاهه (ثالث)
ريجھه علي شاهه جي درگاهه
ريجھه علي شاهه (ثالث): سيد ريجھه علي شاهه لڪياري عرف ريجهل شاهه، کهڙا شهر، ضلعي خيرپور ۾، 14 جمادي الاول 1319 هه مطابق 1901ع ڌاري سيد ڇتن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس حسب نسب جو سلسلو ستين امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو، جنهنڪري ڪاظمي سيد به سڏجن ٿا. هن گهراڻي جا وڏا لڪيءَ جي مشهور ولي الله شاهه صدرالدين جي خاندان مان هئا. شاهه صدر کي ٻه پٽ سيد راشد شاهه ۽ شاهه حسين ٿيا. ريجهل شاهه جي خاندان جو سلسلو شاهه حسين مان آهي. هن خاندان جي کهڙن واري درگاهه جو باني سيد ريجهل شاهه (اول) لڪياري آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي دور ۾ لڏي اچي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻيلهاڙي ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ اُتان لڏي کهڙن ۾ اچي رهيو. ريجهه علي شاهه (اول) جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ٻڍل شاهه گاديءَ تي ويٺو. هن بزرگ کي ٽي پٽ: ريجهه علي شاهه (ٻيو)، دين محمد شاهه ۽ سيد علي اڪبر شاهه ٿيا، جيڪي به وقت جا عارف ٿي گذريا آهن. سيد ٻڍل شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ريجهه علي شاهه (ٻيو) فقيريءَ جي مسند تي ويٺو. جيئن ته هن کي ڪو به اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ دين محمد شاهه جو پٽ ڇٽن شاهه (اول) فقيراڻي گاديءَ تي ويٺو. سيد ڇٽن شاهه (اول) جي وفات کانپوءِ سندس پٽ دين محمد شاهه (ٻيو) مسند نشين ٿيو. سيد دين محمد شاهه (ٻئي) جي وفات کان پوءِ ڇتن شاهه (ٻيو) مسند تي ويٺو، جنهن کي ٽي پٽ: سيد سچيڏنو شاهه، ٻڍل شاهه (ٻيو) ۽ سيد ريجهه علي شاهه (ٽيون) ٿيا. سيد ريجهل شاهه وقت جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
سيد ريجهه علي شاهه جي پالنا وڏي لاڏڪوڏ سان ٿي، ڇهن سالن جي ڄمار ۾ کيس مروج تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو ۽ صرف ٽي درجا پڙهيا ۽ وري ڪڏهن اسڪول نه ويو، البت پنهنجي منهن لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشق ۽ مطالعو جاري رکيائين. سندس هٿ اکر به ڏاڍا سٺا هئا. يارهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ ٻڍل شاهه ڪئي. جواني اميراڻي انداز ۾ گذاريائين، ڀلا گهوڙا رکيائين ۽ سٺو گهوڙيسوار هو. خوش پوشاڪ ۽ والي بال راند جو به شوقين هو. جڏهن سندس ڀاءُ ٻڍل شاهه گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ گادي ريجهه علي شاهه جي حوالي ڪيائين ته هن پڻ هر شيءِ ترڪ ڪري فقيري اختيار ڪئي، جنهن جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو اٿس:
شاهي شان ۽ شوق ڇڏياسين،
محبت نال ملياسين، رمز رلياسين،
طعنا مهڻا ماڻهن جا،
جهوليءَ سڀ جهلياسين، رمز رلياسين!
فقيري اختيار ڪرڻ سان گڏ ڀاءُ جي صحبت مان رڱجي چڪو هو. تصوف ۽ مذهبي ڪتابن جي مطالعي سندس زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي.
20 ورهين جي عمر ۾ اهل بيت جي حب ۾ عراق، ايران ۽ شام جو سفر ڪري مقدس مقامن جون زيارتون ڪيائين. پنجويهن سالن جي عمر ۾ حج ڪيائين. ائين سندس زندگيءَ ۾ تبديلي آئي ۽ ويراڳ وٺي، اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين.
ڇڏي مال محل، وڃي رس ريجهل شاهه چئي،
دنيا جي دور جا، ترڪ ڪر طبل،
چڙهي چوٽ جبل، بانگ ڏي برهه جي.
ريجهل شاهه روشن خيال ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ ۽ انڪساريءَ جو مجسمو هو. فقيري اختيار ڪرڻ بعد ڪجهه عرصو پير ڪٽپر جي جهنگ ۾ مجذوبيءَ ۾ گذاريائين. جڏهن سندس طبيعت اعتدال ۾ آئي ته مذهبي پرچار ۽ عام ماڻهن سان ڪچهرين ۾ وقت گذارڻ لڳو، خلق جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنايائين. ريجهل شاهه سيلاني طبع هو. ان ڪري عراق، ايران، شام کانسواءِ لاهوت لامڪان جا به سفر ڪيائين. هر سال صفر مهيني جي 14 ۽ 15 تاريخن تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي قافلي سميت حاضري ڀريندو هو. زندگيءَ جي آخري سال سخت بيمار هوندي به حاضريءَ تي آيو ۽ وڏي فرزند کي به هدايت ڪيائين ته ڀٽائيءَ تان ڪڏهن به ڀيرو ڀڃڻ نه وسارجو.
سيد ريجهه علي شاهه، 20 صفر 1375هه/ 8 آڪٽوبر 1955ع تي ڇنڇر ڏينهن ڳوٺ فيضل مهر (لڳ کهڙا) ۾ وفات ڪئي.کيس وصيت موجب گمبٽ اسٽيشن ۽ شهر جي وچ تي، اسٽيشن روڊ وٽ اباڻي زمين ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس درگاهه قائم آهي، جتي هر سال سندس عرس جي موقعي تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. هن وقت سندس پٽ سيد امام علي شاهه گادي نشين آهي.