ريحان شيخ: بزرگ شيخ ريحان بابت تاريخ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سومرا قبيلي جي خفيف پيڙهيءَ مان هو ۽ سندس اصل نالو شيخ غياث الدين هو.
شيخ ريحان جي پونيرن مان ميان حسام الدين جي روايت موجب سندس اصل نالو سلطان غياث الدين بن سلطان فخرالدين هو ۽ سندن نسب حضرت عليعه سان ملي ٿو. سندس وڏا عراق کان سنڌ ۾ آيا هئا. هن بزرگ بادشاهه پير دستگير کان فيض ورتو ۽ پنهنجي فرزند عبدالرزاق شاهه کان خلافت جو خرقو وٺي ڍڪيائين، جنهن بعد پاڻ ابو پهاڙ طرف به ويو ۽ اتي وڃي فيض ڏنائين.
سنڌ ۾ سندس اوائلي چلو، دروات جي لڪ (ٿاڻي بولا خان) کان ڏاکڻي طرف ٽڪر تي هو، جتي موجود هڪ چشمي کي ’شيخ ريحان جو ڪرو‘ سڏيندا آهن. اُن ڪوهستاني ماڳ جا رهواسي شورا، نومڙيا، رونجها، پالاري ۽ جاکرا سندس معتقد ٿيا. پوءِ اچي موجوده هنڌ، ديهه رڪڻ پور، تپي ٽنڊي حيدر، ضلعي حيدرآباد ۾ رهيو، جتي اڄ به ڳوٺ بهاول زونئر ۽ پٻڻ شريف جي وچ ۾ سندس مزار آهي. هن بزرگ بغداد ۾ چلي واري جاءِ تي ’نازبوءِ‘ (ريحان) جا ٻوٽا پوکيا هئا، جنهنڪري سندس ڪُنيت ’ابو ريحان‘ سڏي وئي. سنڌ ۾ جتي اچي رهيو، اتي جهنگل هو، جنهنڪري کيس ’شيخ ريحان جنگلي‘ به سڏيو وڃي ٿو. قلندر شهباز ۽ شيخ رڪن الدين سان ملاقات واريءَ هڪ روايت موجب هن بزرگ کي ’شيخ ريحان جگري‘ به ڪوٺيو وڃي ٿو. رڪن نالي سان سڏجندڙ رڪن جو دڙو موجوده ريحان ڳوٺ جي اتر طرف آهي.
شيخ ريحان کي چار پٽ ٿيا: (1) سلطان ابراهيم، (2) سلطان ڪرن، (3) شيخ محمد قطب (قطب الدين)، ۽ (4) دودو حقاني.
شيخ ريحان کي هڪ نياڻي به هئي. سندس فرزند سلطان ابراهيم سندس ڀرسان دفن آهي. دودو حقاني وچ تي آهي ۽ ڳوٺ جي ڀرسان شيخ محمد قطب جي مزار آهي.
سندس اولاد وٽ روايت موجود آهي ته شيخ رڪن الدين ملتاني، شيخ محمد قطب وٽ، شيخ ريحان جي فاتحه لاءِ آيو هو. ان اهڃاڻ موجب شيخ ريحان، ستين صدي هجريءَ ۾ حال حيات هو. پنهنجي پٽ دودي حقانيءَ کي شيخ ريحان، پُٽيلو ڪري قلندر شهباز کي ڏئي ڇڏيو هو، جنهن کيس سيدن مان پرڻايو هو. قلندر شهباز جي وفات کان پوءِ سيدن، دودي حقانيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان ڪري هو ’دودي شهيد‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. اڳتي هلي سيدن، شيخ ريحان جي نياڻي کڻڻ جو ارادو ڪيو، پر هن پاڪ دامن عورت خدا کي ٻاڏايو ۽ راوي چون ٿا ته زمين ڦاٽي پئي ۽ مائي زمين ۾ هلي وئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت روايت آهي ته، شيخ ريحان ۽ شيخ قطب جي مزارن تي آيو هو ۽ سندن اولاد مان ميان يوسف ۽ ميان هاشم کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ انهن ٻنهي ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. انهن مان ميون شيخ هاشم ريحان پوٽو، شاهه جي رسالي جي ڪاتبن مان هڪ هو. شيخ ريحان کي عوامي لهجي ۾ ’شيخ ريحان‘ ۽ سندس اولاد کي ’ريحان پوٽا‘ سڏيو وڃي ٿو. سندس درگاهه جو هن وقت گادي نشين ميون عبدالله ريحان پوٽو آهي.
ريحان شيخ جو قبرستان: ريحان شيخ جو قبرستان نهايت قديم آهي، ۽ اندازاً 800 هه جو ٿيندو. هي قبرستان سرڪاري رڪارڊ موجب 85 ايڪڙن تي مشتمل آهي. هن قبرستان جي ويجهو هڪ تاريخي پڊ موجود آهي، جتي تاريخي ڳوٺ رڪن ناريجو آباد هو، جيڪو هن وقت دڙن جي صورت ۾ آهي.