ريخته

ريخته: ’ريخته‘ جو لفظ هونئن ته هندي ۽ قديم اردوءَ ۾ مختلف منظوم ادبي صنفن لاءِ ڪم ايندو رهيو آهي، پر خاص ڪري اردو غزل سان ’ريخته‘ جو گهرو تعلق هو، ان کي سڏيو ئي ’ريخته اردو‘ ويندو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سچل سرمست، بيدل ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ پڻ ’ريخته اردو‘ ۽ ’ريخته هندي‘ جا مثال ملن ٿا.
’ناسخ‘ پهريون شخص/ شاعر هو، جنهن ’ريخته‘ جو استعمال ختم ڪري، ’غزل‘ جو اصطلاح مروج ڪيو. اهڙيءَ ريت ’ريخته‘ جا قديم ترين نمونا امير خسرو (وفات 1324ع) جي غير فارسي ڪلام ۾ ملن ٿا. ’ريخته‘ جو لفظ خسرو جي دور کان اڳ موجود هو. ان جون معنائون: ’ڪري پيل شيءِ‘، گِچ ۽ چُن ٺاهڻ‘، ’ايجاد ڪرڻ‘، ’موزون ڪرڻ‘ (وزن ۾ آڻڻ) آهن. ان مان ئي ’ريخته گر‘ لفظ جڙيو آهي، جيڪو شين کي قالب ۾ وجهندو ۽ ٺاهيندو هو. ’مصرع ريخته‘ ۽ ’معنيٰ ريخته‘ جو مطلب هوندو هو، اهڙيون مصرائون يا معنائون، جيڪي بنا ڪنهن تڪلف يا حجاب جي ذهن ۾ اچي وڃن. امير خسرو دهلويءَ، ايراني ۽ هندستاني موسيقيءَ جي سنگم سان هڪ نئين شيءِ ٺاهي ۽ ان لاءِ هن ڪيترا اصطلاح به جوڙيا، جهڙوڪ: قول، ترانو، معروفي، صوت، بسيط، ٻه بحر، چار اصول، نقش فارسي ۽ غزل. ان ڏس ۾ هن ’ريخته‘ جو اصلاح به جوڙيو ۽ ان جو مقصد اهو قرار ڏنو ويو ته جيڪو فارسي خيال هندوي (هنديءَ) مطابق هجي ۽ جنهن ۾ ٻنهي زبانن جا سُر هڪ تال ۽ هڪ راڳ ۾ ٻڌل هجن، ان کي ’ريخته‘ چئجي ٿو. موضوعن جي خيال کان ’ريخته‘ جي قديم مثالن ۾ فارسيءَ جي غزل کان الڳ هڪ روايت ملي ٿي ۽ اهو عشق جي اظهار جو تخاطب آهي.
هندي شاعريءَ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته ان ۾ عشق جو اظهار عورت جي واتان ٿيندو آهي ۽ مرد کي سندس مطلوب ۽ محبوب قرار ڏنو ويو آهي. هيءَ روايت پهرين ’ريخته‘ ۾ ملي ٿي ۽ پوءِ دکني دور ۾ سمورن ’غزلن‘ ۾ گهٽ وڌ هيءَ روايت موجود آهي. محمد قلي قطب شاهه کان وٺي ولي دکنويءَ تائين ڪن شاعرن وٽ اهڙا نمونا ملن ٿا.


لفظ ريختهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو