ريختي

ريختي: ’ريختي‘ اردوءَ جي هڪ اهڙي صنف سخن آهي، جيڪا ٻين زبانن ۾ گهٽ ملي ٿي. ’ريختي‘ مان مراد اهڙو ڪلام آهي، جنهن ۾ عورتن جي زبان ۾، سندن خاص جذبات ۽ خيال منظوم ٿيندا آهن. جيڪڏهن ’ريختي‘ مان مراد عورتن جي زبان ۾ شاعري آهي ته دکني شاعري، خاص ڪري غزل جو خاص حصو ’ريختي‘ جي وصف ۾ اچي وڃي ٿو، ڇو ته هتي تخاطب عام طور عورت جي واتان آهي ۽ مرد اُن جو مطلوب ۽ محبوب قرار ڏنو ويو آهي. هڪ صنف ’باره ماسه‘ مردن جي چيل آهي، پر ان ۾ هڪ فراق جي ڦٽيل عورت جي وڇوڙي جا وڍ، عورت جي زباني بيان ٿين ٿا. ’ريختي‘ جو هڪ مفهوم ٻيو به آهي ته عورتن، خاص ڪري بازاري عورتن بابت نظم لکيا وڃن. هندستان ۾ لکنؤ ۾ جان صاحب ان فن جو علمبردار هو ۽ سندس اهڙو ديوان به موجود آهي. جيتوڻيڪ ’ريختي‘ ذهني زوال ۽ اخلاقي هيڻائيءَ جي ترجمان سڏي وئي آهي، پر اُن جي هڪ تاريخي اهميت پڻ آهي. جيتوڻيڪ ’ريختي‘ کي قلعهء معليٰ يا لکنؤ جي ’بيگمات‘ جي زبان جو نمونو نه ٿو چئي سگهجي، تڏهن به جن شاعرن ’ريختي‘ کي اختيار ڪيو آهي، تن وڏيءَ حد تائين ’بيگماتي محاوري‘ جو خيال رکيو آهي. مطلب ته دکن جي ابتدائي دور ۾ ڪجهه نمونا اهڙا ملن ٿا، جن کي تذڪري نگارن ’ريختي‘ جي ضمن ۾ آندو آهي. مثال طور: سلطان محمد قلي قطب شاهه جي ڪُليات ۾ چار مختلف غزل، هڪ ئي قافيي ۾ الڳ الڳ آهن، جن کي ’ريختي‘ جو عنوان ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو