ريسو: ڀرت جو قسم. ڀرت ڪپڙن تي ڀرڻ مهل ڦلڙين جي ٽاڪڻ ۽ ڳاني جو عمل پورو ڪرڻ بعد اڇي رنگ جي مُڪي جي هڪ پٽي ٺاهبي آهي، جيڪا پٽي مُڪي جي تقريباً ڇهن تندن کان ڏهن تندن جي ٿيندي آهي. ان کي سنڌ جون سگھڙ زالون ’ريسو‘ سڏينديون آهن. ريسي ۾ مُڪي جون ٻڌايل تندون ڳاني جي نموني رکبيون وڃبيون ۽ کين ناسي يا نيري ڪشميري جو سيبو ڏبو آهي. ان کي ريسو ان ڪري چون ٿا، جو اهو ڳاني جي نموني ٿئي ٿو. ان کي ’ريسارو‘ به سڏين ٿا. ’ريسو‘ سفيد ڪپڙي، ڌاڳي ۽ ڪشميري سان به ڀري سگھجي ٿو، پر ان ۾ اها سونهن ڪانه ٿيندي آهي، جيڪا مُڪي جي ڪڙڻ سان ٿئي ٿي. ريسي کي مضبوط بنائن لاءِ بارڊر ڏبا آهن، جن کي ’آنڪ‘ سڏبو آهي. اهي آنڪون ٻن قسمتن جون ٿين ٿيون: (1) ڪچي آنڪ ۽ (2) پڪي آنڪ.
ڪچي آنڪ ۾ هڪ ننڍو بارڊر ڪڙيو ويندو آهي، جنهن تي سخت محنت نه ٿيندي آهي، پر آنڪ ۾ ٻٽيون تندون استعمال ڪيون وينديون آهن. آنڪن کي ڀرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو سٽ يا ڪشميرو استعمال ڪبو آهي، ڇاڪاڻ ته مُڪي سان سونهن نه ٿيندي آهي. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٽين آنڪ به ٿئي ٿي، جيڪا چرين تي ڪڙي ويندي آهي. هن آنڪ کي ٺاهڻ لاءِ انتهائي مهارت سان هڪ ئي ڌاڳي سان ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي ٻه بارڊر ٺاهيا ويندا آهن. وچ ۾ خوبصورت گلڪاري به ڪئي ويندي آهي.