ريشم
ريشم: ريشم هڪ سنهو چمڪدار ۽ نرم ڌاڳو آهي، جيڪو ڪينئن ذريعي حاصل ٿيندو آهي. قديم زماني ۾ ريشم سون جي برابر وڪرو ٿيندو هو. مصري مقبرن مان ريشم جا ٽڪرا مليا آهن. ريشم جي ڪينئن جو اصل وطن چين آهي، هن وقت ايشيا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ريشم جا ڪينئان ملن ٿا. ڪيڙن مان پيدا ٿيندڙ ريشم جي سنڌ ۾ ابتدا سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري ٿي، پهرين ٽنڊي الهيار، پوءِ حيدرآباد، ماتلي، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي باگي ۾ ريشم تيار ٿيڻ لڳو. ان وقت ٺٽي کي ريشم جي پيداوار ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. ريشمي لونگيون سوکڙين طور موڪليون وينديون هيون. ريشم کي ’پٽ‘ به سڏيو ويندو آهي، ان ڪري ريشم جي واپارين کي ’پاٽولي‘ يا ’ريشم فروش‘ ڪوٺيو ويندو آهي. اڳي واپاري ڪچو ريشم بمبئيءَ کان گهرائيندا هئا، جيڪو بمبئيءَ ۾ چين ۽ بخارا کان ايندو هو. چين جي ڪچي ريشم کي ’ڳاڙهو گل‘ ۽ بخارا جي ڪچي ريشم کي ’اڇو گل‘ سڏيو ويندو هو. ريشم جي هلڪي قسم کي ’بانٺ‘ ۽ اُچي قسم کي ’گل‘ چئبو آهي، جڏهن ته ان ريشم جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ نڪتل کوٿ کي ’ڏُڪري‘ چئبو آهي. ڪچي ريشم کي اوبرن تي اوبي اُن جون پهرين چڳون ٺاهيون وينديون آهن، بعد ۾ سوڊا سان ديڳ ۾ ڪاڙهي، ڦرهن تي ڌوئي، رنگ چاڙهيندا آهن. هن کي مختلف رنگ ڏنا ويندا آهن. رنگ ڏيڻ کانپوءِ چڳن کي اوبرن تي چاڙهي، ويڙهي ’ڇڙيون‘ ٺاهيون وينديون آهن. انهن ڇڙين کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ڪم لائق بڻائيندا آهن. ڇنڊڇاڻ مان نڪتل ڏُڪريءَ مان جُتين، گجن ۽ جهالرن جا ٽونئر ٺاهيا ويندا آهن. ريشم جي ٻين قسمن مان ڏورا، سڳيون، اڳٺ ۽ ڄاريون ٺهن ٿيون. ڀرت جي گهڻي ڪم ۾ ريشم جو استعمال ٿئي ٿو. عورتون هٿ جي ڀرت ۾ ريشم جو استعمال گهڻو ڪنديون آهن. اڄڪلهه ڪارخانن ۾، مشينن ذريعي ريشم جا ڪپڙا تيار ٿين ٿا.