
ريشم گلي بازار حيدرآباد
ريشم گلي بازار حيدرآباد: ريشم بازار يا ريشم گلي حيدرآباد جي انتهائي پراڻي، مشھور ۽ مصروف بازار ۽ خريداريءَ جو اهم مرڪز آهي. ريشم گلي، ڪوھہ نور سئنيما چؤنڪ کان صرافه مارڪيٽ، سري گهاٽ ۽ شاهي بازار تائين پکڙيل آهي. ريشم گليءَ ۾ ضرورت جي هر شيءِ جا دڪان، اسٽور ۽ گاڏا لاتعداد موجود آهن، جن تان ماڻهو خريداري ڪري سگهن ٿا. سڄي سنڌ جون عورتون توڙي مرد شادين، مرادين، عيد براد يا ٻين موقعن جي خريداريءَ لاءِ ريشم گليءَ ۾ اچن ٿا.
هن بازار جو بنياد ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان بہ اڳ پيو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دڪانن جون سلسلو وڌندو ويو. ان وقت ريشم جي خريدوفروخت سبب هن بازار تي ريشم بازار نالو پيو، هن وقت ان کي ريشم گلي (گهٽي) سڏين ٿا، جيڪا شھر ۾ خريداريءَ جو اهم مرڪز بڻجي وئي آهي. عيد برات جي موقعن تي هتي خريدارن جي رش/ پيھہ حد کان وڌي وڃي ٿي. ريشم گليءَ ۾ ڪپڙي، زيورن، چوڙين ۽ سونارن جا سوين دڪان آهن. هتي هر طرح جي سون جا زيور بہ دستياب آهن. زندگيءَ جا ستر سال ريشم گلي ۽ صرافه مارڪيٽ ۾ سون وڪڻي گذاريندڙ هڪ ڪاٺياواڙي سوناري جي ڏنل ڄاڻ موجب ريشم گليءَ ۾ ڪروڙن تائين روزانو سون جو واپار ٿئي ٿو، پراڻي دور جا سنڌي گهراڻا، خاص طور وڏيرا پنهنجون عورتون ريشم گليءَ ۾ سون وٺڻ لاءِ وٺي ايندا هئا، جيڪي پنھنجي پسند موجب سون خريد ڪنديون هيون، انهن گهراڻن جون عورتون گهڻو ڪري ڳريون قيمتي سنڌي دهريون ۽ سنڌي پازيب شوق سان وٺنديون هيون. سونارن موجب سنڌي عورتون اڃا بہ دهريون خريد ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون، پر انهن جو تعداد هاڻي گهٽجي ويو آهي ۽ هن وقت عورتون هلڪا زيور ٺهرائين ٿيون.
ريشم گليءَ ۾ چؤ طرف کاڌي پيتي جي شين، ٿانون ۽ رانديڪن ۽ ٻين شين جا ريڙها بہ بيٺل هوندا آهن، جتان ماڻهو ايندي ويندي شوق سان خريداري ڪندا رهن ٿا. ماڻهو هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ لاءِ گل ۽ ٻيو سامان بہ ريشم گليءَ مان خريد ڪن ٿا، ريشم گلي حيدرآباد جي سڀ کان مشھور بازار آهي.