ريفريجريٽر
ريفريجريٽر
ريفريجريٽر (Refrigerator): ريفريجريٽر هڪ ٺارڻو، برفدان، سردخانو يا ٿڌو ڪندڙ آلو آهي، جنهن کي عام طور تي فرج (Fridge) به چئبو آهي. ريفريجريٽر هڪ اهڙي مشين آهي، جيڪا جلد خراب ٿيندڙ کاڄرو شين کي خراب ٿيڻ کان بچائيندي آهي. اسين فرج ۾ کاڄڙو شيون رکندا ۽ سانڍيندا آهيون، جيڪي هڪ مقرر گرمي پد/ ٿڌاڻ تي ڪجهه وقت لاءِ هلي سگهنديون يا کائڻ لائق رهنديون آهن. عام طور تي جيڪو گرمي پد اسان جي ماحول يا گهرن ۾ رهي ٿو، اُهو کاڌي پيتي جي شين کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي.
ريفريجريٽر جي ٿڌاڻ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ بيڪٽريا (Bacteria) جي واڌ يا سينور وغيره ٿيڻ ڪونه ٿي ڏئي، جنهنڪري کاڌ خوراڪ جون شيون ڪجهه وقت لاءِ سالم ۽ تازيون رهن ٿيون. ريفريجريٽر ايتري ٿڌاڻ رکي سگهي ٿو، جيڪا پاڻيءَ جي ڄمڻ پد کان وڌيڪ ٿئي ٿي. عام طور تي ريفريجريٽر فريزر (Freezers) سان گڏ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ريفريجريٽرن سان گڏ هڪڙو خانو فريزر جو به ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به شيءِ کي ڄمائڻ يا يخ ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.
رڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي ڀيٽ ۾ فرج جي ايجاد جديد دؤر ۾ ٿي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ آئيس باڪسن (Ice box) گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ عام شيءِ هئي، ۽ آئيس باڪس ڏيڍ سئو سالن تائين گهرن ۾ استعمال ٿيندا رهيا. اڄ به ڪٿي ڪٿي ريفريجريٽر کي آئيس باڪس سڏيو ويندو آهي.
تجارتي مقصدن لاءِ ڪتب ايندڙ ريفريجريٽرن کي ٻين ڪيترن نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو، جڏهن ته گهريلو مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ ريفريجريٽر اڄ کان ڪو مني صدي اڳ ۾ مروج هئا، جيئن ته اهي امونيا جهڙي زهريلي گئس وسيلي هلندڙ هئا، تنهنڪري گهرن لاءِ خطرناڪ سمجهيا ويندا هئا، جڏهن ته 1920ع جي ڏهاڪي اهڙا ريفريجريٽر متعارف ڪرايا ويا، جن ۾ غير زهريليون ۽ اڻ ڀڙڪندڙ گئسون ۽ مصنوعي ٺاريندڙ استعمال ڪيون ويون، جهڙوڪ: فرئيان (Freon) يا آر-12، جنهن کانپوءِ 1930ع ۾ اهڙن ريفريجريٽرن جي قيمت گهٽجڻ کانپوءِ اهي عام جام ٿي ويا. اهڙي پهرين مصنوعي ٿڌاڻ جو تجربو وليم ڪالن (William Cullen) يونيورسٽي آف گلاسگو ۾ سن 1700ع جي ڏهاڪي دوران ڪري ڏيکاريو هو، جنهن جي سڄي ٿڌاڻ اهڙن بخارن تي مدار رکندڙ هئي. مائيڪل فيريڊي (Michael Farady) هڪ اوائلي ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ مشين جو نمونو تيار ڪيو، جنهن ۾ پاڻيٺ بدران بخار استعمال ڪيا ويا ۽ 1902ع ۾ جڏهن وليم ڪالن هڪ ايئر ڪنڊيشنر جو تجربو ڪري ڏيکاريو ته انهي عرصي دوران ڪيترن ماهرن ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ مشينن ۾ اڻ ڳڻيا سڌارا ۽ واڌارا آندا.
1930ع جي ڏهاڪي ۾ فرجن ۾ فرئيان جي متعارف ڪرائڻ سان ريفريجريٽرن جي مارڪيٽ ۾ زبردست واڌارو ٿيو ۽ فريزر وارا ريفريجريٽر وڌيڪ عام ٿيڻ لڳا، 1940ع جي ڏهاڪي ۾ اهڙين فرجن جي گهر وڌڻ لڳي. ٻيءَ عالمگير جنگ کانپوءِ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ يونٽ ٿوڪ جي حساب سان ٺهڻ لڳا. 1950ع کان 60ع جي ڏهاڪي دوران ريفريجريٽرن ۾ ڪيترائي فني سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا، جهڙوڪ: آٽوميٽڪ، ڊيفراسٽنگ ۽ آٽوميٽڪ آئيس ميڪنگ وغيره. 1970ع کان 80ع جي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ جديد ريفريجريٽر ٺهڻ لڳا. هن وقت دنيا جي وڏن ننڍن شهرن جي هر گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ريفريجريٽر موجود آهي، جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون سانڍي رکيون وڃن ٿيون، گوشت، مڇي جهڙين شين کي يخ ڪري سانڍيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڀاڄين، تازن ميون کي مقرر پد تي ڪجهه عرصي لاءِ هلايو وڃي ٿو. ان کان سواءِ رڌل شيون پڻ گهڻي عرصي تائين سالم حالت ۾ رکڻ ريفريجريٽر جي ڪري ممڪن ٿي پيو آهي.
گهريلو ريفريجريٽرن ۾ هڪ وئپر ڪمپريسر استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ مادو جهڙوڪ فرئيان، ڪمپريسر ۾ ٽهڪڻ پد تي بخارن جي صورت ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو دٻجي ڪمپريسر مان هڪ تمام گهڻي تيز بخار جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿو ۽ اهو بخار ڪنڊيسر جي هڪ حصي مان گذري اتان جي تيز گرميءَ کي ٺارڻ رستي خارج ڪري ڇڏي ٿو، پوءِ اهڙا بخار ڪنڊيسر جي باقي حصي مان گذري هڪ پاڻيٺ جي صورت ۾ ٽهڪڻ پد تي دٻجي وڃن ٿا.
اهڙي ٺاريندڙ پاڻياٺ جڏهن ايڪينيشن وال جنهن کي (ٿروٽل وال) به سڏجي ٿو، منجهان گذري ٿي ته ان جو دٻاءُ هڪدم گهٽجي وڃي ٿو. دٻاءُ گهٽجڻ جي نتيجي ۾ پاڻيٺ جي هڪ حصي جي فليش اويپوريشن (Flash evaporation) ۽ آٽو جنريشن (auto generation) ٿئي ٿي. ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ مادو مڪمل طور تي بخار ٿي وڃي ٿو ته اهو هوا مان گرمي ڪڍي پوءِ واپس انهن خانن ڏانهن موڪلي ڇڏي ٿو، جتي کاڌي پيتي جون شيون رکيل هجن ٿيون. ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ مادو مڪمل طور تي بخار ٿي وڃي ٿو. هوا مان گرمي ڪڍي پوءِ واپس انهن خانن ڏانهن موڪلي ڇڏي ٿو، جتي کاڌي پيتي جون شيون رکيل هجن ٿيون. ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ بخار ڪمپريسر ۾ ننڍڙن سوراخن رستي داخل ٿي پنهنجي ٿرموڊائنامڪ گردش پوري ڪن ٿا.
ڪن ريفريجريٽرن کي هاڻ چئن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جن ۾ مختلف قسمن جا کاڌا رکيا وڃن ٿا:
18° سينٽي گريڊ کان 0° فيرنهائيٽ فريزر
0° سينٽي گريڊ کان 32° فيرنهائيٽ گوشت
4° سينٽي گريڊ کان 40° فيرنهائيٽ ريفريجريٽر
10° سينٽي گريڊ کان 50° فيرنهائيٽ سايون ڀاڄيون.
ڪنهن به ريفريجريٽر جي گنجائش يا ته لٽرن (يورپ) يا ڪيوبڪ فوٽن (آمريڪا) ۾ ماپي وڃي ٿي. عام طور تي انهن جي فريزر جو مقدار 100 ليٽر (3.53 ڪيوبڪ فوٽ) ۽ ريفريجريٽر 140 ليٽرن (4.94 ڪيوبڪ فوٽن) جو ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڪيترائي ريفريجريٽر ان کان ننڍا ۽ وڏا به ٿي سگهن ٿا. ريفريجريٽر ۽ فريزر جي خانن جو گرمي پد پنهنجي مرضيءَ سان گهٽائي وڌائي سگهجي ٿو. اهڙو گرمي پد 1 کان 9 تائين انگن جي نشانن ۾ ڏنل هجي ٿو، اهڙو انگ جيئن جيئن وڌائبو اوتري ٿڌاڻ وڌندي ويندي. فرج جو گرمي پد ڏيکاريندڙ ميٽر، فرج استعمال ڪندڙ کي هوشيار ڪري ٿو. بجلي بند ٿيڻ کانپوءِ ريفريجريٽر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد ٻڌائي ٿو ۽ اها به ڄاڻ ڏئي ٿو ته يخ ٿيل کاڌي جي برف ڳرڻ شروع ٿي آهي يا منجهس ڪي روڳي بئڪٽيريا ته موجود ناهن. يخ ٿڌو پاڻي ۽ برف، در کولڻ بنا ڪڍي سگهجي ٿي، ريفريجريٽر جي اندر هڪ اهڙو انڊيڪيٽر به لڳل ٿئي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪڏهن پاڻيءَ جو فلٽر مٽائڻو آهي، ريفريجريٽر جي دروازي ۾ فريزر مان پهچندڙ هوا، کير يا جوس کي سٺيءَ طرح سان ٿڌو ڪري سگهي ٿي. اهڙيءَ فرج ۾ لڳل ايل. سي. ڊي (LCD) اهو به ٻڌائي ٿي ته ڪهڙن قسمن جا کاڌا ڪيتري گرمي پد تي سانڍي سگهجن ٿا ۽ کاڌي پيتي جون جيڪي شيون رکيون ويون آهن، اهي ڪيستائين استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ٻيون اهڙيون شيون جن جو کاڌي پيتي جي شين کي ٿڌي ڪرڻ سان واسطو نٿو ٿئي، جهڙوڪ: ٽي. وي، اها فرج جي دروازي ۾ لڳائي سگهجي ٿي.