ريلائي سيد عبدالغفار حڪيم

ريلائي، سيد عبدالغفار، حڪيم: نامور حڪيم سيد عبدالغفار ريلائيءَ جو اصل نالو سچيڏنو شاھہ ولد پير زمان شاھہ هو. سندس جنم 1301ھہ ڌاري ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ريلڻ ۾ ٿيو. سندس والد پڻ پنھنجي وقت جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس خاندان جو بزرگ سيد علي مڪي حسيني مڪي شريف مان 1883ع ۾ هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ لڪي شاھہ صدر، تعلقي سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سيد عبدالغفار شاھہ طبي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ سندس ئي مطب مان طب جي سند حاصل ڪيائين. والد جي وفات بعد پاڻ مطب هلائي عام توڙي خاص ماڻهن جون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. هن حڪيم جي هٿ ۾ ڪافي شفا هئي، ڪيترائي لا علاج مريض سندس علاج بعد شفاياب ٿيا. پري پري کان مريض اچي وٽانئس علاج ڪرائيندا هئا. هن حڪمت ۾ ڪافي نالو ڪمايو. سيد عبدالغفار 1359ھہ/ 1941ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ سندس ڳوٺ ۾ آهي. هن حڪيم جو ذڪر نامور حڪيم ۽ شاعر نياز همايونيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ ۾ پڻ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو