ريل گاڏي
ريل گاڏي
ريل گاڏي
ريل گاڏي: قديم دؤر کان انسان ڊگھي سفر لاءِ پهرين اٺن، گھوڙن، ڍڳي گاڏين وغيره جو استعمال ڪندو آيو، نيٺ سائنسي ترقيءَ سان انجڻ جي ايجاد آمدورفت جي ذريعن کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻايو (ڏسو: انجڻ، جلد پهريون). ريل گاڏي گذريل ٻه سؤ سالن کان مال برادري ۽ سفر لاءِ ڪارگر ذريعو رهي آهي. ريل جي انجڻ سڀ کان پهرين جيمس واٽ (James Watt) ٺاهي هئي، جنهن ٻاڦ جي طاقت کي مشاهدي ۾ آڻي انجڻ ٺاهڻ جو تجربو ڪيو، جنهن جي ايجادن مان اڄ سموري دنيا فائدو وٺي رهي آهي. ٻاڦ جي انجڻ ٺهڻ کانپوءِ اهي انجڻيون پوري انگلنڊ ۾، گھڻو ڪري وڏن ڪارخانن ۾ ڪم اچڻ لڳيون، جنهنڪري ڪارخانن جي پيداوار ۾ ڪافي واڌارو ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ جو ته بنياد پئجي ويو هو، پر انهيءَ انجڻ ذريعي ڦيٿن تي هلندڙ گاڏي تيار نه ٿي سگھي هئي، جڏهن ته ٻاڦ جي انجڻ ذريعي ڦيٿن تي هلڻ واري گاڏي جو ڪم وري هڪ ٻئي سائنسدان جارج اسٽيفين (George Stephenson) ڪري ڏيکاريو. جارج اسٽيفنسن، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ غريب مزدور جو پٽ هو. گهڻي تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيو، پر هو ننڍي هوندي کان ڏاڍو ذهين هو. کيس ڪوئلي جي هڪڙي کاڻ ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ نوڪر رکيو ويو هو، جتي هو ٻاڦ تي هلندڙ پمپ کي ڏسندو رهندو هو. هو پنهنجي ذهانت سبب جلد ئي پمپ جي پرزن کان واقف ٿي ويو ۽ جڏهن پمپ خراب ٿي ويندو هو ته هو انجنيئرن جي مدد کانسواءِ ئي ان کي ٺاهي ويندو هو. ان وقت سندس عمر 17 سال هئي. هن محسوس ڪيو ته تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ سندس شوق پورو نه ٿي سگھندو، تنهنڪري هن 17 سالن جي عمر ۾ ئي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٻن سالن جي عرصي ۾ هن ٻاڦ جي انجڻ بابت جيمس واٽ ۽ ٻين سائنسدانن جا ڪتاب پڙهي ورتا.
جارج اسٽيفنسن پهريون ماڻهو هو، جنهن کي گاڏي هلائڻ واري انجڻ ٺاهڻ جو خيال آيو، جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻيو انجنيئر ’ٽريوي ٿڪ‘ (Trevithick) به اهڙي قسم جي انجڻ ٺاهڻ ۾ رڌل هو. هن هڪ اهڙي انجڻ ٺاهي به هئي، پر ان ۾ ڪافي خاميون هيون. هڪ ته اها انجڻ هيٺاهين ۽ مٿانهين زمين تي هلي نه سگھندي هئي ۽ اڪثر پٽڙين تان لهي ويندي هئي. هن سالن تائين ان خرابيءَ کي دؤر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ڪامياب ٿي نه سگھيو، نيٺ تنگ اچي اهو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيائين. جارج اسٽيفنسن ارادي جو پختو هو، تنهنڪري هو مايوس نه ٿيو ۽ انجڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو. پڙهڻ کانپوءِ هو هڪ ڪوئلي جي کاڻ ۾ چيف انجينئر طور ڪم ڪرڻ لڳو. آخرڪار ٻن سالن جي لڳاتار محنت کانپوءِ هن هڪڙي ريلوي انجڻ تيار ڪئي، جنهن جي طاقت ’ٽريوي ٿڪ‘ واري ريلوي انجڻ کان وڌيڪ هئي ۽ وڏي ڳالهه ته ان انجڻ ۾ پٽڙين تان لهي وڃڻ واري خامي نه هئي. سندس پهرين انجڻ سان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪوئلا ڍوئڻ واري گاڏي تيار ڪئي وئي، جيڪا پنهنجو ڪم بهتر نموني سان سرانجام ڏيڻ لڳي. انهيءَ ڪاميابيءَ کانپوءِ جارج جو حوصلو وڌي ويو ۽ هن ٻاڦ جي انجڻ سان مسافر گاڏي ٺاهڻ لاءِ سوچيو ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي ڪافي ماڻهن مٿس چٿرون ڪيون. پر هن همٿ نه هاري ۽ 1833ع ۾ ’راڪيٽ‘ نالي هڪ انجڻ تيار ڪري ورتي، جنهن ذريعي ماڻهن سان ڀريل گاڏا به آسانيءَ سان هلڻ لڳا. ان کانپوءِ جلد ئي آمريڪا، فرانس، جرمني، ڪئناڊا ۽ يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ريل گاڏين لاءِ جدا جدا شڪلين جون انجڻيون ٺاهيون ويون، جن جون شڪليون بنهه عجيب ۽ ساديون هيون.
جڏهن انگلنڊ ۾ جارج اسٽيفنسن جي ٺاهيل مسافرن لاءِ پهرين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي ته ان کي هلڻ لاءِ فقط چاليهن ميلن جي پٽڙي (Railway Track) ميسر هئي، يعني ان گاڏي کي هلڻ لاءِ 40 ميل پٽڙي ٺاهي ڏني وئي هئي. ان بعد اهو سلسلو ڪامياب ويو ۽ پوءِ مختلف ملڪن ۾ ريل گاڏيءَ ذريعي سامان به کڄڻ لڳو ته سفر ڪرڻ جي به سهولت ٿي.
هندستان ۾ ريلوي نظام انگريز راڄ ۾ متعارف ٿيو. اڪثر ريل گاڏيون عملدارن جي آمدورفت ۽ هٿيارن ۽ ٻئي سامان جي رسد لاءِ استعمال ٿينديون هيون، بعد ۾ عوام لاءِ به اهڙي سهولت ميسر ڪئي وئي.
سنڌ ۾ پهرين ريلوي لائين 1860ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين وڇائي وئي، جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 118 ميل هئي. پاڪستان جي وجود کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻه ريلوي لائينون هيون. هڪڙي اوڀر پاڪستان ۽ ٻي اولهه پاڪستان ريلوي. اولهه پاڪستان واري ريلوي لائين کي ’پاڪستان ويسٽرن ريلوي‘ (P.W.R) ۽ اوڀر پاڪستان واري ريلوي لائن کي ’پاڪستان ايسٽرن ريلوي‘ (P.E.R) سڏيو ويندو هو.
موجوده دؤر ۾ زمين جو هڪ وڏو حصو ريل جي پٽڙين سان ڀريو پيو آهي ۽ اهڙين پٽڙين جي پکيڙ لڳ ڀڳ 15 لک ميلن تائين آهي. ريل جون پٽڙيون وڇائڻ لاءِ جبل کوٽي انهن مان سرنگھون به ڪڍيون ويون آهن. واريءَ ۽ مٽيءَ جي دڙن کي سنوت ۾ آندو ويو آهي، درياهن ۽ ندين مٿان پُلون ٺاهيون ويون آهن. نه رڳو ايترو پر ڏور ڏورانهن شهرن ۽ ملڪن کي به ريلوي پٽڙين ذريعي ملايو ويو آهي. شروعات ۾ ريلوي انجڻ جي رفتار 12 يا 14 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي، اها ان دؤر جي وڏي رفتار هئي ۽ اڳ اهي انجڻيون صرف ٻاڦ تي هلنديون هيون. هاڻوڪي دؤر ۾ ريلوي انجڻ جي رفتار تيز ترين آهي، جيڪا 100 کان 500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. هن جديد دؤر جون انجڻيون ڊيزل ۽ بجليءَ تي به هلن پيون. دنيا جي ترقي يافته ملڪن: جپان، چين، عرب امارات، آمريڪا وغيره ۾ جديد ۽ تيز ترين ريل گاڏيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ڪن ٿيون.
ريل گاڏين جي سڌاري سان دنيا جي تهذيب ۽ ترقيءَ ۾ تمام وڏو سڌارو آيو آهي ۽ وڻج واپار ۾ به تمام گھڻو اضافو ٿيو آهي. گڏوگڏ تيز رفتار ريل گاڏين ۽ مال گاڏين جي ڪري وقت جو تمام وڏو بچاءُ ٿيو آهي. وقت گذرڻ سان ريلوي انجڻ کي پڻ نوان سڌارا، شڪليون ۽ رفتار ڏني وئي آهي. مسافرن جي سهوليت لاءِ ريل گاڏين ۾ تمام سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، ڪيترن ملڪن ۾ ته زير زمين سرنگهون ٺاهي، انهن ۾ ريلوي پٽڙيون وڇائي، تيز ترين اليڪٽرڪ ريل گاڏيون هلايون پيون وڃن، جن سان سفر ۾ وقت جي وڏي بچت ٿي آهي.
هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي نظام ذريعي مسافرن توڙي مال جي آمدورفت ٿئي ٿي. ان کانسواءِ شهرن اندر ڪيتريون ريلوي جون انٽر ريلوي سروسز پڻ موجود آهن، ڪمپيوٽرائيز ۽ اليڪٽرانڪ دؤر هن نظام ۾ وڌيڪ وسعت آڻي ڇڏي آهي، جنهنڪري ريلوي جو نظام اڃا به وڌيڪ سولو ۽ سهڻو بڻجي پيو آهي. ريلوي ڪارگو ذريعي ڳري کان ڳرو مال/ سامان به آسانيءَ سان موڪلي ۽ گھُرائي سگھجي ٿو.
جپان، چين، انگلنڊ سميت ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ به تيز ترين اليڪٽرڪ ريل گاڏيون هلن ٿيون. بجليءَ توڙي مقناطيسي لهرن ذريعي ريل جي رفتار 400 کان 500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ڪئي وئي آهي. هڪ جائزي موجب يورپ جا اڪثر ماڻهو جهازن بدران جديد ۽ آرامده ريل گاڏين جي سفر کي ترجيح ڏين ٿا، جن ۾ سفر دوران نظارا ڏسڻ وارو رجحان به ڏٺو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ريل جو نظام جيتوڻيڪ اڃا ايترو جديد نه ٿيو آهي، پر اُن هوندي به عوام ريل جي سفر کي مناسب ۽ آرامده سمجهي ٿو. هتي ڪراچيءَ کان پشاور، ڪوئٽا سميت ڏورانهن علائقن تائين ريل گاڏيون هلن ٿيون. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ته آباديءَ جو 90 سيڪڙو ريل جو سفر ڪري ٿو، جتي جو ريلوي نظام بهترين آهي.