ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ (راند): هن راند ۾ جيترا بہ رانديگر ننڍا ٻار ۽ ڇوڪرا هوندا آهن. هڪٻئي کي پٺيان چولن کان جهلي، قطار ڪري بيهندا آهن، جيڪو ٻار اڳيان هوندو آهي سو ڪوُڪ ڪري انجڻ ٿي ڇُھہ-ڇُھہ يا ڇُڪ ڇُڪ ڪري هلندو آهي، اهڙي طرح ريل وانگر هڪ ٻئي جي پويان قطار ۾ هلندا آهن، جيڪڏهن وڏا ٻار هوندا تہ چوندا آهن:
ڇھہ ڇھہ پئسا ٻہ ٻہ آنا،
ڄُل ڪلڪتي، ڄل ڪلڪتي.
ان موقعي تي ٻار ڪڏهن ڪڏهن ڪشنچند بيوس جو ٻاراڻو گيت بہ دهرائيندا آهن:
ڇھہ ڇھہ پئسا، ٻہ ٻہ پايون،
اچو تہ ننڍڙي ريل هلايون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو