ريم
ريم (RAM): ريم لفظ ’رينڊيم ائڪسيس ميمَريءَ‘ (Random Access Memory) جو مخفف آهي. ’رينڊم ائڪسيس‘ جي معنيٰ اوچتو لنگهه يا گذر آهي. ’ريم‘ کي ’ريم چِپ‘ يا ’موڊيول‘ به چئجي ٿو. ڪمپيوٽر ۾ ريم جو مثال هڪ سادي ڪاغذ يا آرٽسٽ جي خالي ڪينواس جو آهي. ريم، ميمريءَ جو اهو حصو آهي، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان گهٽائي وڌائي سگهجي ٿو. پروسيسر کي جيڪا به ڊيٽا ملي ٿي، اهو ان کي پروسيس ڪري ريم ۾ موڪلي ٿو. ريم کان پوءِ ان کي ڪنهن اهڙيءَ شيءَ تي لکيو وڃي ٿو، جيڪا سدائين ڊيٽا کي حفاظت ۾ رکي سگهي. ان ميمريءَ ۾ ڊيٽا کي محفوظ به ڪجي ٿو ۽ ان کي پڙهيو به وڃي ٿو. ان ڪري حقيقت ۾ هيءَ ’رائيٽ ريڊ ميمري‘ آهي، جيڪا ڊيٽا کي وقتي طور سنڀالي رکي ٿي. جيستائين ڪمپيوٽر تي ڪيل ڪم کي محفوظ نٿو ڪيو وڃي، تيستائين اهو ڪم ’ريم‘ تي موجود هوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪمپيوٽر جا سمورا پروگرام ريم جي مدد سان ئي کُلندا ۽ هلندا آهن. ڪمپيوٽر جي مڌربورڊ ۾ موجود سلاٽن (Slots) ۾ ريم لڳائبي آهي، ان ميمريءَ کي بيٽريءَ ذريعي ڪرنٽ ڏنو وڃي ٿو، جيئن ڊيٽا گڏ ٿي محفوظ رهي سگهي. ان چپ کي CMOS چئجي ٿو. ان ۾ محفوظ معلومات، ڪمپيوٽر ۾ لڳل ٻين حصن، مانيٽر، ريم، فلاپيءَ وغيره لاءِ هوندي آهي. ريم جي ماپ جا ايڪا، بِٽ، بائيٽ، ڪلو بائيٽ، ميگا بائيٽ، گيگا بائيٽ، ورڊ، ڊبل ورڊ وغيره هوندا آهن.