
ريني ڊيڪارٽ
ريني ڊيڪارٽ (Rene Descartes): ريني ڊيڪارٽ 31 مارچ 1596ع تي جنم ورتو. هو فرانس جو مشھور فلسفي، سائنسدان ۽ رياضيدان هو. هن ’ڪاليج آف لا فيچ‘ مان تعليم پرائي. ويهن سالن جي ڄمار ۾ هن يونيورسٽيءَ آف پوئي ٿيرز مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. هن جو خيال هو تہ ڪنهن بہ شعبي ۾ اعتبار جوڳي علم جو مقدار صفا گهٽ آهي سواءِ رياضيءَ جي. پنھنجي تعليم جاري رکڻ جي بدران هن سڄي يورپ گهمڻ ۽ دنيا کي اکين سان ڏسڻ جو سوچيو. هڪ خوشحال گهراڻي جو فرد هو. ان ڪري کيس گهمڻ ڦرڻ ۽ سير سفر ۾ ڪنهن بہ مشڪلات جو منهن نہ ڏيڻو پيو. 1616ع کان 1628ع تائين ڊگها سفر ڪيائين. ٿوري عرصي لاءِ هن ٽن مختلف فوجن ۾ بہ شموليت اختيار ڪئي، جن ۾ هالينڊ بويريا ۽ هنگريءَ جون فوجون شامل هيون، پر هو ڪنهن جنگ ۾ شريڪ نہ ٿيو. هو اٽليم پولينڊ، ڊينمارڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ويو. انهن سالن ۾ هن پنھنجي نظرئي جي جوڙجڪ ڪئي، جنهن کي هن ’سچ جي ڳولا‘ جو عمومي قاعدو قرار ڏنو. ٻٽيهين سالن جي ڄمار ۾ هن فيصلو ڪيو تہ هو پنھنجي طريقي (Method) کي ڪائنات جي جامع تصوير بنائڻ لاءِ صرف ڪندو، هو هالينڊ ۾ ترسي پيو، ڇو تہ هالينڊ ۾ ذهني آزادي وڌيڪ هئي ۽ هن پئرس جي سماجي انتشار کان پري رهڻ پئي چاهيو. 1629ع ڌاري هن ’ذهن جي وهڪري جا قانون‘ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنھنجي ڪم جو خاڪو بيان ڪيو. جڏهن ڪتاب مڪمل ٿيڻ وارو هو تہ کيس پتو پيو تہ اٽليءَ ۾ ڪليسا جي اختيارين ’گليلو‘ تي ’ڪو پرنيڪس‘ جي انهيءَ نظرئي جي حمايت جي الزام هيٺ ڪيس هلايو آهي تہ زمين سج جي چؤڌاري ڦري ٿي. پوءِ هن فيصلو ڪيو تہ ڏاهپ انهيءَ ۾ آهي تہ هو ڪتاب نہ ڇپائي، ڇو تہ انهيءَ ۾ هن ’ڪوپر نيڪس‘ جي نظرئي جي حمايت ڪئي هئي. ان جي بدران هن پنهنجو مشھور ڪتاب ’عقل جي مناسب رهنمائي ۽ علم جي سچائيءَ جي ڳولا لاءِ طريقيڪار تي بحث‘ ڇپرايو. ’ذهن جي وهڪرن جا قانون‘ ڪتاب سندس وفات کان پنجاھہ سال پوءِ ڇپيو. هن انهيءَ بحث کي لاطينيءَ بدران فرانسيسيءَ ۾ لکيو تہ جيئن انهن ماڻهن سميت جن جي ڪلاسيڪي علم ۾تربيت ڪانهي، سڀئي اهل علم پڙهي سگهن. ان مباحثي ۾ ٽي مقالا شامل آهن. ڊيڪارٽ انهن ڳولائن جا مثال پيش ڪيا، جن کي پهرئين مقالي ۾ هن ’روشنيءَ جي انصاف جو قانون‘ پيش ڪيو (جنهن کي کانئس اڳ والبرڊ سنل ڳولي چڪو هو) جنهن ۾ هن شيشن ۽ ڏسڻ جي مختلف اوزارن تي بحث ڪيو آهي. روشنيءَ جو نظريو پڻ لکيو آهي. انهيءَ جو ٻيو ضميمو ’ميٽرولاجي‘ جي پهرئين بحث تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن مينهن ڪڪرن ۽ انڊلٺ جي درست وضاحت ۽ انهيءَ جي تصور خلاف دليل پيش ڪيا آهن (پر اهو نظريو کانئس اڳ فرانس بيڪن ۽ ٻيا پيش ڪري چڪا هئا). ٽئين ضميمي ۾ هن پنھنجي سڀ کان اهم ايجاد پيش ڪئي، يعني شيشن جي علم جي تشريح (اها هڪ اهم رياضياتي اڳڀرائي هئي). ڊيڪارٽ پنھنجي فلسفي ۾ ذهن ۽ مادي جسمن ۾ موجود فرق تي زور ڀريو آهي. 1641ع ۾ ڊيڪارٽ ٻيو مشھور ڪتاب ‘Meditation’ شايع ڪيو، اهي ٻئي لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. ريني ڊيڪارٽ يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ مذهبي رواداريءَ جو حامل هو. هن تي دهريت جو الزام هنيو ويو. هن جا اهل ڪليسا سان بہ اختلاف پيدا ٿيا.
ريني ڊيڪارٽ، 11 فبروري 1650ع تي نمونيا سبب وفات ڪئي.
1596.03.31 عيسوي
ريني ڊيڪارٽ 31 مارچ 1596ع تي جنم ورتو.
1650.02.11 عيسوي
ريني ڊيڪارٽ، 11 فبروري 1650ع تي نمونيا سبب وفات ڪئي.