رينگا

رينگا: رينگا شاعريءَ جي صنف آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لکت موجب جپان جي ڊگهي نظم ٽنڪا/ ٽانڪا جنهن ۾ ’پنج، ست، پنج، ست، ست‘ ماترائن جو هڪ بند هوندو هو. ٽنڪا نظم ۾ اهڙا ڪيترائي بند هوندا آهن. هلندي هلندي ٽانڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو ۽ ان کي رينگا سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ٽانڪا جي هڪ بند وارو (پنج، ست، پنج، ست، ست ماترائون) ئي رهيو، جيڪو بلڪل ائين ئي هو. جيئن قصيدي مان غزل نڪتو. اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو هڪ ڌار گهاڙيٽو ٿي پيو ۽ ان کي ’هائيڪو‘ (Haiku) يا ’شروعات‘ سڏيو ويو. هن صنف جون پهريون ٽي سٽون، وزن ۽ قافين جي لحاظ کان هائيڪو وانگر هونديون آهن، جن جي پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم وزن ۽ مھم قافيا هونديون آهن. جڏهن تہ ٻين سٽن سان چوٿين ۽ پنجين سٽ هم وزن ۽ هم قافيا هونديون آهن. هن صنف جو نمونو هن ريت آهي:
ماڻهن ليکي راند
مون لئہ ڪوتا جوڙڻ آهي.
سسي نيزي پاند،
ڄڻ ڪي تارا ٽوڙڻ آهي.
وقت سندو منهن موڙڻ آهي.
(اياز گل)
رينگا‘ سنڌيءَ ۾ مختيار ملڪ، مير محمد پيرزادي، تاج جويي، اياز گل ۽ ٻين لکيا آهن.


لفظ رينگاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو