ريواچند نهالچند

ريواچند نهالچند: نامور تعليمي ماهر ۽ جي. ايم. سيد جو استاد، ماستر ريواچند نهالچند، ڳوٺ ڀيان، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري جو رهاڪو هو. سندس وڏا اصل گوپانگن جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ڀين جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. فائنل پاس ڪرڻ بعد سنڌي استاد مقرر ٿيو. پهرين آگسٽ 1911ع کان 28 فبروري 1912ع تائين سن شھر جي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو. ان دوران جي. ايم. سيد وٽس پڙهيو. وٽانئس ٻيو درجو پاس ڪيائين. سندس اکر سھڻا هئا ۽ ٽيئي سال ڪاليج جا پاس ڪيا هئائين. ماستر ريواچند راڳ بہ سٺو ڳائيندو هو. ناٽڪ ۾ بہ دلچسپي هوندي هئس. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفي شاعرن جي ڪلام جو بياض وٽس موجود هوندو هو. هو پنهنجن شاگردن ۾ بہ راڳ جو شوق پيدا ڪندو هو. 1912ع ۾ ٻيهر سن جي اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو ۽ وري سال بعد بدلي ڪيو ويو. ان بعد ٽيون ڀيرو 1917ع ۾ سن جي اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو، جتي جون 1919ع تائين رهيو. ريواچند نهالچند 25 آڪٽوبر 1944ع تي جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.08.01  عيسوي

نامور تعليمي ماهر ۽ جي. ايم. سيد جو استاد، ماستر ريواچند نهالچند، ڳوٺ ڀيان، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري جو رهاڪو هو. سندس وڏا اصل گوپانگن جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ڀين جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. فائنل پاس ڪرڻ بعد سنڌي استاد مقرر ٿيو. پهرين آگسٽ 1911ع کان 28 فبروري 1912ع تائين سن شهر جي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو. ان دوران جي. ايم. سيد وٽس پڙهيو.


1944.10.25  عيسوي

ريواچند نهالچند 25 آڪٽوبر 1944ع تي جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد فقير صوفي
ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي
حاجي خان خشڪ
شاهد ڀٽو
امام بري
محمد بخش سميجو
شاھہ وردي خان
ڀائي ڪيشورام
حامد ﷲ ٻيلوي مولانا
شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون