
ريٻاري

ريٻاري

ريٻاري
ريٻاري: ريٻاري يا رٻاري هڪ قديم قبيلو آهي. ريٻاري سنڌ کان سواءِ راجسٿان، گجرات، پنجاب، هرياڻا، اتر پرديش ۽ مڌيه پرديش ۾ بہ رهن ٿا. هنن کي ڊيسائي، ڏيواسي، هرونشي ريواڙي ۽ رائڪا جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. لفظ ريٻاريءَ جي معنيٰ آهي ’ٻاهريون‘. هنن کي ٻاهريون، ٻهراڙين ۾ رهڻ ڪري سڏيو ويو، ڇاڪاڻ جو هي ماڻهو اٺ ۽ ٻڪريون چارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا، جنهنڪري کين رهڻ لاءِ وڏي ايراضيءَ جي ضرورت پوندي هئي، جيڪا کين شهرن ۾ ميسر ڪا نہ هئي. اصل ۾ هي مالوند ماڻهو هئا، سندن گذر سفر رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن چارڻ تي رهيو آهي. ريٻارين بابت ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون مشھور آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي تہ هو اصل ۾ شِوَ جا پوڄاري آهن. هو هندو آهن، پر ڪي سک مذهب بہ رکن ٿا. سندن خيال آهي تہ مال چارڻ سبب ماتا ديويءَ جو مٿن پاڇو آهي. سندن روايتن موجب کين پارپتيءَ (پاروتيءَ) جنم ڏنو هو، پر ڪي بشريات جا ماهر چون ٿا تہ هي هُنن (Huns) جا پونير آهن، جن سنڌ، گجرات، ڪڇ وغيرہ تي، پنجين صدي عيسويءَ ۾ حڪمراني ڪئي هئي. ريٻارين جي بادشاھہ ميهرڪل (Mihirkul) ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هندومت کي قبوليو ۽ شِوَ جو پوڄاري ٿيو. اڄ بہ ريٻاري پاڻ کي راجپوتن جي ڪَل مان سمجهن ٿا. جيئن راٺوڙ (Rathore)، سولنڪي (Solanki)، ڀٽي (Bhatti)، پرمار (Parmar)، پنور (Panwar) ۽ چوهاڻ (Chauhan) وغيرہ. مشھور انگريز تاريخدان جيمس ٽاڊ پنھنجي ڪتاب ’راجسٿان‘ ۾ کين ڀٽي سمجهي ٿو. ڀٽي، جيڪي شري ڪرشن جي ستين زال ڀدرا مان پيدا ٿيا، هي گهڻو عرصو راجسٿان واري پاسي رهيا، پر هڪ واقعي کين اتان لڏڻ تي مجبور ڪيو.
نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو پنھنجي ڪتاب ’در در جا مسافر‘ ۾ لکي ٿو تہ تقريباً ڇھہ سئو ورهيہ اڳ ڪڇ جو راجا ڄام جاڙيجو رڻ ۾ شڪار سانگي اچي نڪتو. اتي هن هڪ حسين ريٻارڻ کي ڏٺو ۽ عاشق ٿي پيو. ريٻارين جي چڱي مڙس کي گهرائي چيائين اهو سڱ ڏيو. في الحال تہ هنن راجا کي آسرو ڏئي موٽائي ڇڏيو. پويان ست راڄيءَ فيصلو ڪيو تہ نہ اڳي سڱ ٻاهر ڏنو اٿئون نہ هاڻي ڏينداسين ۽ سڀ ڪجهہ ڇڏي راتو رات رڻ پار ڪري اچي دودي سومري سان مليا، جنهن سام جهلي. ڄام جاڙيجي دودي کي نياپو ڪيو، پر دودي سومري جواب موڪليو تہ جنگ ڪبي، پر سام نہ موٽائبي. جنگ لڳي، ڄام جاڙيجو مارجي ويو، ترت علاؤالدين وڳھہ ڪوٽ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ دودو مارجي ويو. تنهنڪري ريٻارين پنھنجي محسن جي موت تي ڪارا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، ڪڏهن اڇو نہ اوڍيائون، چوڙا پائڻ ڇڏيائون، کٽ تي سمهڻ ڇڏي ڏنائون، سندن اهو سوڳ ڇھہ سئو سال هليو. پوءِ 1970ع ڌاري فتح ٽيڪسٽائيل مِل جي مالڪ فتح ڀائي سومريون نياڻيون ميڙ وٺي سندن سوڳ ٽوڙايو.
اڄ بہ هنن جون ڪيتريون ئي نکون ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ رهن ٿيون. ڪجهہ قبيلا هاڪڙي درياھہ جي ڪناري تي رهن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي تہ ٿر ۾ جيڪي ريٻاري رهن ٿا، اهي لاکي ڦلاڻيءَ جي ڊپ کان هتي اچي رهيا آهن. لاکي ۽ راءِ کنگهار وارو جهيڙو، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جا دوست جسو ۽ جسراج، چئنچل جي چالن سبب مارجي ويا هئا، اها ريٻارڻ هئي، بعد ۾ اهو جهيڙو وڌي ويو ۽ لاکي کي سندس مامي راءِ کنگهار مارائي ڇڏيو هو. ريٻاڙين جو ڌنڌو ڌڻ پالڻ رهيو آهي. هن قسم جي مالوند ماڻهن جون ٻيون ذاتيون بہ برصغير ۾ پکڙيل آهن، جيئن ملڌاري، ڍانگر، گروڙا وغيرہ. اهي ماڻهو هزارن سالن کان هتي رهن ٿا. هي ماڻهو ئي آهن، جن سنڌوءَ جهڙي شاندار تھذيب کي جنم ڏنو. پراڻين تاريخن ۾ هنن کي دراوڙ سڏيو ويو آهي. هاڻي اها ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ دراوڙ يا آريا هتي جا ئي هئا، فرق صرف طبقي جو هو. دراوڙ ٻهراڙين جا ۽ آريا شهرن جا رهاڪو هئا. (تفصيل لاءِ ڏسو اين. ڪي. ڀوس جو انگريزي ڪتاب ’Castes‘، جيڪو انسٽيٽيوٽ فار هيومن اشوز واري شعبي فيلڊيلفيا آمريڪا ۽ انڊيا مان 1937ع ۾ ڇپايو هو). اهي اصل هتان جا قبيلا آهن، جن کي پنهنجا لکيل شجرا نہ هجڻ سبب ڌڪاريو ويو يا مذهبي آڙ ۾ کين نيچ ڏسيو ويو. ريٻارين جون 133 نکون چيون وڃن ٿيون، جن مان ڪي هي آهن: اندر (Ander)، اهيارو (Ahiyaru)، اهير ((Ahar، ڀرواد (Bharwad)، ’ڀراوادرو (Bharavadaru)، ڍنگر (Dhangar)، دنگاڙ يا ڌڻوار (Dhandar/ Dhanwad)، ڍنڪا (Dhanka)، دوڍي (Doddi)، گڙيريا (Gadaria)، گڌيريا (Gadhariya)، گووڙا (Gowda)، گادري (Gadri)، گــُرجــر (Gurjar)، گولاواڙ (Golla Vadu)، گونڊر (Gounder)، هـلـوماٿا (Halumatha)، هگاڙيز (Haggades)، اڊيار (Idyar)، ڪروڪ (Kruck)، ڪوڙا (Kuda)، ڪروبا (Kuruba)، ڪرونبا (Kurumba)، ڪرمار (Kurmar)، ڪلاوار (kalavar)، ڪروما (Kuruma)، ڪروماوار (Kurumavaru)، ڪرکي (Kurkhi)، ڪُروپُو (Kurupu)، ملڌاري، مير (Mer)، نيڪر (Naiker)، اوران (Oran)، پل (Pal)، پلارا (Palara)، پالاڪا تريا (Paala kyatriya)، پودوار (Podowar)، يادو (Yadav) ۽ پشوپلڪ (Passupalak)، ڪڇي (Kachhi)، دٻاريا (Dubaria)، واگهاڏيا (Waghadia) وغيرہ. اهي ذاتيون هڪٻئي سان ويجهيون نہ سهي، پر سلهاڙيل ضرور آهن. هي ماڻهو ڌارين کي نہ سڱ ڏين نہ وٺن، نہ وري اهڙي حرڪت ڪن جو سندس نسل ۾ ملاوت ٿئي. هي خالص دراوڙي نسل آهن. سندس بدن مضبوط ۽ منهن مهانڊو سھڻو رڳو سندن خوراڪ جي مضبوطيءَ سبب آهي، نہ تہ دراوڙن لاءِ مشھور آهي تہ اهي رنگ جا ڪارا ۽ بيڊولا هوندا هئا، پر اها نفرت سماجي نابرابري سبب هئي، نہ تہ نسل تہ ٿوري ڦيرڦار سان ساڳيو آهي. ڀاڄ سبب ڪي ريٻاري بلوچستان هليا ويا، جن بروهين وٽ پناھہ ورتي. اهي هاڻي بروهڪي زبان کي پنھنجي ڪري چڪا آهن، پر ڪن عالمن جو چوڻ آهي تہ هي بروهي آهن. بروهڪي زبان لاءِ عام راءِ آهي تہ اها ٻولي دراوڙي خاندان مان آهي.
ريٻاري ماتا ديويءَ کي پوڄين ٿا. گهڻا ريٻاري ماتا ديويءَ جي مندرن ۾ پروهت بہ آهن، جن کي ڀوپا سڏجي ٿو. ريٻاري ’گوگي مهراج‘ کي بہ مڃين ٿا، جنهن لاءِ چون ٿا تہ اهو ساڳيو گوگو چوهاڻ آهي، جنهن بهادريءَ سان پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي سندن ڳئن ۽ ٻڪرين جي حفاظت ڪئي هئي، پر نانگن وارو شايد ڪو ٻيو گوگو چوهاڻ هو، نہ تہ هي بہ ويراڳ وٺن ها، نانگ پوڄين ها، پر اهڙي روايت ڪا نہ ٿي ملي. ڪڇي، دٻاريا ۽ واگهاڏيا، ماموئي ماتا جا پوڄاري آهن، جنهن جا مندر گهڻوڪري گجرات ۾ آهن. هي هر سال نوراتڙي سڄي قبيلي سان گڏجي ملهائيندا آهن، جنهن کي هو ’ڀوڄ‘ چوندا آهن. ڪڇي ريٻارڻ ڪنن ۾ اهڙيون ڪيوٽيون وجهندي آهي، جيڪي نانگ جي نموني هونديون آهن. سندن پوشاڪ پنھنجي پنھنجي خطي جي نمائندگي ڪري ٿي. 1970ع کان اڳ سنڌ جا ريٻاري سواءِ ڪاري پوشاڪ جي رنگين پوشاڪ، چوڙا، زيور وغيرہ نہ پائيندا هئا. ريٻاري ڳائڻ وڄائڻ جا سريلا ٿين ٿا. ريٻاري عورتون پنھنجي پياري جي مرڻ تي بہ سُرَ سان آلاپ ڪنديون آهن. راڳ ۽ سونهن سندن سرير ۾ سمايل آهي. اڳي هو رولاڪ تصور ڪيا ويندا هئا. سندس ڪو مقرر ماڳ مڏي ڪا نہ هئي، جتي رهندا هئا ڇپرا اڏي يا ڪچين جاين ۾ هئا. سندن گهر جو سڄو ڪاروهنوار عورتون هلائين. کير مکڻ گڏ ڪرڻ، کپائڻ، سودا ڪرڻ سڀ عورتن جي وس آهي. مرد رڳو مال سان هوندا آهن. عورتون قد جون ڊگهيون، مضبوط ۽ بيهڪ ۾ سهڻيون ٿين، مرد بہ سهڻا، ۽ قداور ۽ مضبوط ٿين ٿا. هي سال ۾ سوين ميل پنڌ ڪري پنھنجي مال لاءِ چراگاھہ ڳوليندا آهن تہ جيئن سندن مال خوش گذاري. ريٻاري، گجرات طرف ڌوتي ٻَڌن ٿا، هٿ ۾ وڏي ڏانگ کڻن ٿا، جڏهن تہ هاڪڙي نديءَ جي ڪناري نهٽي وٽ رهندڙ ريٻاري ڪجهہ مختلف آهن. سندن لباس ۾ شلوار خاص قسم جي آهي، جيڪا کڙين کان گوڏي تائين سوڙهي ٿئي، جنهن کي بيگي چوندا آهن. قميص تي وري ڇاتيءَ ۽ ٻانهن تي پٽيون پيل هونديون آهن، جيڪي اڳي اُن جون ٺهيل هيون، هاڻي سوٽي ڪپڙي جون آهن. مٿي تي اڇو يا ڳاڙهو پٽڪو ٻَڌن ٿا. عورتون بنا پُٺئي وارا ڪارا ڪپڙا پائينديون هيون، جيڪي هاڻي سوٽي ڪپڙا پهرين ٿيون. هاڪڙي وارا ريٻاري ٿر وارن ريٻارين کي پنھنجي ذات يا قبيلي ۾ ڪونه ڳڻين. اصل ۾ هاڪڙي ۽ سکپور وارن ريٻارين جو ڪلچر مٽجي ويو آهي، پر ٿر ۽ راجسٿان وارا ريٻاڙي پنهنجو ڪلچر رکيو ويٺا آهن. سندن شاديون ننڍي هوندي ٿين ۽ گهڻو ڪري هڪ ئي ڏينهن گهڻيون شاديون ٿينديون آهن.
هاڻي ريٻاري لاڏائو قبيلو نہ رهيا آهن، جتي بہ رهن اتان جي علائقي جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن ٿا، لکن پڙهن ٿا. هاڻي تہ ريٻاري راجسٿان ۽ سنڌ جون سرحدون ڇڏي آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ بہ گهر وسائي ويٺا آهن ۽ سڌريل جاتيءَ ۾ شمار ٿين ٿا.
سنڌ ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر، لاڙ ۾ يعني بدين ضلعي ۽ هندستان جي گجرات رياست ۾ ريٻاري وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.