ريٽا شهاڻي

ريٽا شهاڻي

ريٽا شهاڻي

ريٽا شهاڻي: ريٽا شهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد آهي. هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو مشهور عالم منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ هو. سندس گھر حيدرآباد ۾، درسگاهن جي ٽمورتي، نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول جي ڀرسان هو. ريٽا جو والد عالم چند موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ تمام سٺو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو. جڏهن 1923ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو ته عالمچند ملڪاڻيءَ سندس شعري مجموعي ’باغبان‘ (Gardener) مان هڪ گيت ڳائي، کيس مسحور ۽ متاثر ڪيو هو. ريٽا جي پڦي به شاهه جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ هئي. ائين ادب،سنگيت، نرت ڪلا ۽ ماڻهپي واري ماحول ۾ ريٽا زندگيءَ جا 15 سال مس گذاريا هئا ته بر صغير جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هن جي خاندان، ڀارت جو شهر لکنؤ وڃي وسايو. ريٽا جي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ شادي ٿي ۽ هن پنهنجي مڙس سان پوني جي علائقي فلورينا اسٽيٽ، بوٽ ڪلب ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي اڄ تائين رهي ٿي. ريٽا شهاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن جا 1980ع کان هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار هند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هن سنڌي ادب جي هر صنف: ڪويتا (شاعري)، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. ريٽا شهاڻيءَ جا موضوع نهايت وسيع آهن، جن ۾ قدرت کان وٺي نفسيات ۽ روحانيت جا موضوع اچي وڃن ٿا. هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تهذيب جو بهترين ميلاپ آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ‘ (ناول)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا) ۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ به ملي چڪا آهن. ريٽا شهاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻبمبئي يونيورسٽيءَ ۾ B.A جي پهرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ‘ پوني يونيورسٽيءَ ۾ B.com جي پهرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو وڃي ٿو. ريٽا شهاڻي، ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن گھڻ ٻوليائي توڙي سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. ان کانسواءِ ’دور درشن‘ جي سنڌي مشاعرن ۾ به شامل ٿي چڪي آهي. هوءَ پنهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون اڪثر آڪاشواڻيءَ (ريڊيي) تان پيش ڪندي رهندي آهي. گيانپيٺ جي ’ڀارتييه ڪوتائين -1983‘ ۾، ريٽا شهاڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي عيوضي شاعره طور شامل ڪيو ويو.Penguin جي همعصر ڀارتي شاعرائن جي ڪتاب ‘In their own Voice’ ۾ به سندس شاعري شامل آهي. اوڙيسا جي رسالن ۾ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا ترجما ڇپجي چڪا آهن. 1998ع ۾ سينٽرل ساهتيه اڪاڊميءَ جي شايع ڪيل شاعريءَ جي انتخاب ‘Freedom & Fissures’ ۾ سندس هڪ نظم جو انگريزي ترجمو شامل آهي ۽ ساهت اڪادميءَ جي Indian Literature جرنل (1998ع) ۾ سندس هڪ ڪهاڻيءَ جو ترجمو چپجي چڪو آهي. ريٽا شهاڻي، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي ميمبر ۽ مهاراشٽر رياست جي ’ٽيڪسٽ بوڪ بيورو‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر رهي چڪي آهي. هوءَ ’راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد‘ (NCSPL) جي صلاحڪار بورڊ تي ٻن مدتن لاءِ ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. ريٽا شهاڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي گيت رامايڻ‘ تي آڌار رکندڙ، سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ ڀارت جي ڪيترن شهرن ۾ ’نرت ناٽڪ‘ اسٽيج ڪيو ويو آهي. سالياني ڏياري پرچي ’ورثي‘ جي هوءَ اٺن سالن کان ايڊيٽر رهندي اچي ٿي. ريٽا شهاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ’پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1982ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، (10) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12) ’گھنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (13) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (14) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (15) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: 1996ع)، (16) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1996ع)، (17) ’لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (18) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (19) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع)، (20) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)، (21) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (22) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (23) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (24) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (25) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (26) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: 2008ع)، (27) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع)، (28) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع)، (29) ’روبرو‘ (سوانح: 2012ع)، (30) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2010ع)، (31) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2008ع)، (32) ٻيپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، 2004ع) وغيره. سندس 5 ڪتاب، رشتن جو رقص، اڪثر ڪهاڻي ڪبير، روبرو، سفر در سفر ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل، سنڌ ۾ ڇپيا آهن، جيڪي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ سندس چار هندي ڪتاب به ڇپيل آهن، جن ۾ ناول ’رنگريزواني رنگ دي‘ ۽ ’سنڌي ساهتيه ۾ ناري‘ شامل آهن. کيس هيٺيان انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن: (1) ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران سندس ڪتاب ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘ تي انعام (1987ع)، (2) بيسٽ سڀا، بمبئيءَ پاران سندس ڪتاب ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ کي انعام (1994ع)، (3) ڪوشي ڏيئلداس ٽرسٽ پاران 1996ع جو انعام (1997ع)، (4) سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران برک ليکڪا جو انعام (1997ع)، (5) آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام (97-1998ع)، (6) انتر راشٽريه سنسڪرتي، ڪلا پريشد پاران ’گديه سرجن پُرسڪار‘ سندس هندي ڪتاب ’رنگريزوا ني رنگ دي‘ تي (جنوري 1999ع)، (7) مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ’لائيف لانگ اچيومنٽ اوارڊ‘- 1998ع لاءِ فيبروري (1999ع)، (8) ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ (2000ع)، (9) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2000ع)، (10) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2008ع)، (11) سنڌو سڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ (2012ع)، (12) سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اوارڊ (2012ع). ريٽا شهاڻي، هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام رکي ٿي. هن ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آهي، پر هوءَ بنيادي طور فڪشن رائيٽر (ناول نگار/ ڪهاڻيڪار) آهي. هن جي ادبي سفر ۾ سندس ڪٿا رچنا (Story writing) جو ڏانءُ وڌيڪ پختو آهي. هن ڪهاڻين ۾ ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل ۽ ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جھاتي پائي، انهن جو اندر اپٽي رکيو آهي. سندس ماحول ۽ ڪردار ڀارت جي شهري زندگيءَ جي مٿئين طبقي جي عڪاسي ڪن ٿا. هوءِ ٻه ڀيرا سنڌ جو سفر به ڪري چڪي آهي، سندس سفرنامو جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ سنڌ جو سفرنامو آهي. ريٽا شهاڻيءَ، 15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پهر ۾، پنهنجي بوٽ ڪلب واري گهر، پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو


لفظ ريٽا شهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.24  عيسوي

ريٽا شهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد آهي. هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ ٿيو،


2013.09.15  عيسوي

ريٽا شهاڻيءَ، 15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پهر ۾، پنهنجي بوٽ ڪلب واري گهر، پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
عقيل عباس جعفري
حشمت پارواڻي
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
حڪيم محمد يعقوب قاضي
سانول جمالي
چيٽرجي شرت چندر
ظفر حسن
عبدالحق عظيم
عاجز ڪريم پوري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون