ريٽا شهاڻي

ريٽا شهاڻي

ريٽا شھاڻي

ريٽا شھاڻي: ريٽا شهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد آهي. هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ هڪ تعليم يافتہ خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو مشھور عالم منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ هو. سندس گهر حيدرآباد ۾، درسگاهن جي ٽمورتي، نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول جي ڀرسان هو. ريٽا جو والد عالم چند موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ تمام سٺو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو. جڏهن 1923ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو تہ عالمچند ملڪاڻيءَ سندس شعري مجموعي ’باغبان‘ (Gardener) مان هڪ گيت ڳائي، کيس مسحور ۽ متاثر ڪيو هو. ريٽا جي پڦي بہ شاھہ جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ هئي. ائين ادب،سنگيت، نرت ڪلا ۽ ماڻهپي واري ماحول ۾ ريٽا زندگيءَ جا 15 سال مس گذاريا هئا تہ بر صغير جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هن جي خاندان، ڀارت جو شھر لکنؤ وڃي وسايو. ريٽا جي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ شادي ٿي ۽ هن پنھنجي مڙس سان پوني جي علائقي فلورينا اسٽيٽ، بوٽ ڪلب ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي اڄ تائين رهي ٿي. ريٽا شهاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن جا 1980ع کان هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار هند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هن سنڌي ادب جي هر صنف: ڪويتا (شاعري)، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. ريٽا شهاڻيءَ جا موضوع نهايت وسيع آهن، جن ۾ قدرت کان وٺي نفسيات ۽ روحانيت جا موضوع اچي وڃن ٿا. هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تھذيب جو بھترين ميلاپ آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ‘ (ناول)، ’ٻپهريءَ جا ٻہ پل‘ (آتم ڪٿا) ۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ بہ ملي چڪا آهن. ريٽا شهاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻبمبئي يونيورسٽيءَ ۾ B.A جي پهرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ‘ پوني يونيورسٽيءَ ۾ B.com جي پهرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو وڃي ٿو. ريٽا شهاڻي، ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن گهڻ ٻوليائي توڙي سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. ان کانسواءِ ’دور درشن‘ جي سنڌي مشاعرن ۾ بہ شامل ٿي چڪي آهي. هوءَ پنهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون اڪثر آڪاشواڻيءَ (ريڊيي) تان پيش ڪندي رهندي آهي. گيانپيٺ جي ’ڀارتييه ڪوتائين -1983‘ ۾، ريٽا شهاڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي عيوضي شاعرہ طور شامل ڪيو ويو.Penguin جي همعصر ڀارتي شاعرائن جي ڪتاب ‘In their own Voice’ ۾ بہ سندس شاعري شامل آهي. اوڙيسا جي رسالن ۾ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا ترجما ڇپجي چڪا آهن. 1998ع ۾ سينٽرل ساهتيہ اڪاڊميءَ جي شايع ڪيل شاعريءَ جي انتخاب ‘Freedom & Fissures’ ۾ سندس هڪ نظم جو انگريزي ترجمو شامل آهي ۽ ساهت اڪادميءَ جي Indian Literature جرنل (1998ع) ۾ سندس هڪ ڪهاڻيءَ جو ترجمو چپجي چڪو آهي. ريٽا شهاڻي، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيہ اڪادميءَ جي ميمبر ۽ مهاراشٽر رياست جي ’ٽيڪسٽ بوڪ بيورو‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر رهي چڪي آهي. هوءَ ’راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد‘ (NCSPL) جي صلاحڪار بورڊ تي ٻن مدتن لاءِ ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. ريٽا شهاڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي گيت رامايڻ‘ تي آڌار رکندڙ، سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ ڀارت جي ڪيترن شهرن ۾ ’نرت ناٽڪ‘ اسٽيج ڪيو ويو آهي. سالياني ڏياري پرچي ’ورثي‘ جي هوءَ اٺن سالن کان ايڊيٽر رهندي اچي ٿي. ريٽا شهاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ’پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1982ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگهارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، (10) ’پرھہ جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12) ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (13) ’ٻپهريءَ جا ٻہ پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (14) ’ڇُھي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (15) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: 1996ع)، (16) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1996ع)، (17) ’لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (18) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (19) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع)، (20) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)، (21) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (22) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (23) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (24) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (25) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (26) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: 2008ع)، (27) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع)، (28) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع)، (29) ’روبرو‘ (سوانح: 2012ع)، (30) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2010ع)، (31) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2008ع)، (32) ٻيپهريءَ جا ٻہ پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، 2004ع) وغيرہ. سندس 5 ڪتاب، رشتن جو رقص، اڪثر ڪهاڻي ڪبير، روبرو، سفر در سفر ۽ ٻپهريءَ جا ٻہ پل، سنڌ ۾ ڇپيا آهن، جيڪي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ سندس چار هندي ڪتاب بہ ڇپيل آهن، جن ۾ ناول ’رنگريزواني رنگ دي‘ ۽ ’سنڌي ساهتيہ ۾ ناري‘ شامل آهن. کيس هيٺيان انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن: (1) ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران سندس ڪتاب ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘ تي انعام (1987ع)، (2) بيسٽ سڀا، بمبئيءَ پاران سندس ڪتاب ’ٻپهريءَ جا ٻہ پل‘ کي انعام (1994ع)، (3) ڪوشي ڏيئلداس ٽرسٽ پاران 1996ع جو انعام (1997ع)، (4) سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران برک ليکڪا جو انعام (1997ع)، (5) آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام (97-1998ع)، (6) انتر راشٽريه سنسڪرتي، ڪلا پريشد پاران ’گديه سرجن پُرسڪار‘ سندس هندي ڪتاب ’رنگريزوا ني رنگ دي‘ تي (جنوري 1999ع)، (7) مهاراشٽر سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران ’لائيف لانگ اچيومنٽ اوارڊ‘- 1998ع لاءِ فيبروري (1999ع)، (8) ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ (2000ع)، (9) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2000ع)، (10) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2008ع)، (11) سنڌو سڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ (2012ع)، (12) سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اوارڊ (2012ع). ريٽا شهاڻي، هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام رکي ٿي. هن ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آهي، پر هوءَ بنيادي طور فڪشن رائيٽر (ناول نگار/ ڪهاڻيڪار) آهي. هن جي ادبي سفر ۾ سندس ڪٿا رچنا (Story writing) جو ڏانءُ وڌيڪ پختو آهي. هن ڪهاڻين ۾ ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل ۽ ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جهاتي پائي، انهن جو اندر اپٽي رکيو آهي. سندس ماحول ۽ ڪردار ڀارت جي شھري زندگيءَ جي مٿئين طبقي جي عڪاسي ڪن ٿا. هوءِ ٻہ ڀيرا سنڌ جو سفر بہ ڪري چڪي آهي، سندس سفرنامو جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ سنڌ جو سفرنامو آهي. ريٽا شهاڻيءَ، 15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پھر ۾، پنھنجي بوٽ ڪلب واري گهر، پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو


لفظ ريٽا شھاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.24  عيسوي

ريٽا شهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد آهي. هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ ٿيو،


2013.09.15  عيسوي

ريٽا شهاڻيءَ، 15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پهر ۾، پنهنجي بوٽ ڪلب واري گهر، پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيس گل عباسي
سنڌو پياسي
سيد عبدالحسين موسوي
ٺاڪر چاولا
عبدالرزاق قريشي
ستيش روهڙا
روپ ڪمار گهايل
محمد سومار شيخ
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
شاهنواز فقير نظاماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون