
ريڊان گئس
ريڊان گئس (Radon Gas): هي گئس سمورين گئسن ۾ سڀ کان ڳوري گئس آهي. هيءَ گئس هڪ تابڪار عنصر آهي، جنهن جي نشاني Rn ۽ ائٽمي نمبر 86 آهي. هيءَ گئس هائڊروجن گئس کان 11105دفعا ڳري ۽ بي رنگ گئس آهي. ريڊان جي تابڪاري حيثيت جي ڪري، هيءَ گئس ڪينسر جي علاج لاءِ گهربل تابڪاريءَ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هيءَ گئس، پاڻيءَ جي چشمن ۽ ندين کان سواءِ هوا ۾ بہ ٿوري مقدار ۾ ملي ٿي. هن گئس کي 1908ع ڌاري وليم ريمزي (William Ramsay) دريافت ڪيو هو. هن گئس کي پهرين غير اهم سمجهيو ويندو هو، پر 1962ع ڌاري ڪيميادان هن گئس کي استعمال لائق بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.