
ريڊنگ لارڊ
ريڊنگ لارڊ: هندستان جو وائسراءِ، سياستدان ۽ وڪيل، لارڊ ريڊنگ 1850ع ۾ انگلنڊ ۾ پيدا ٿيو. 1910ع ۾ اٽارني جنرل مقرر ٿيو. 1913ع کان 1921ع تائين انگلنڊ جو چيف جسٽس ۽ 1921ع کان 1926ع تائين گڏيل هندستان جو وائسراءِ رهيو. اهو زمانو هندستاني حڪومت لاءِ مشڪلاتن جو زمانو هو، ڇو تہ برطانيا، هندستان جي حڪومتي سرشتي ۾ جيڪي تبديليون آنديون هيون، تن کان مقامي سياستدان مطمئن نہ هئا. لارڊ ريڊنگ، سختگير وائسراءِ ثابت ٿيو ۽ هن وقتي طور مخالفتن ۽ احتجاجن کي دٻائي ڇڏيو، پر ان سان برطانوي حڪومت کي هندستان ۾ ڪو مستقل اطمينان نصيب نہ ٿيو.