ريڊيئيشن

ريڊيئيشن (Radiation): ريڊيئيشن/ تابڪاري شعاع اصطلاح مان مراد‏، توانائيءَ جو ڪنهن خلا يا مادي مان پيدا ٿيڻ ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رهڻ آهي. ساڳئي وقت بکندڙ توانائيءَ کي به شعاع سڏجي ٿو. ريڊئيشن ۾ برق مقناطيسي (Electromagnetic) آوازي/ صوتي/ سمعي (Acoustic)، جزن جا شعاع ۽ هر قسم جا آيونائيزنگ (Ionizing) شعاع به اچي وڃن ٿا، جڏهن ته عام طور شعاعن جو مطلب برق مقناطيسي پٽي/ اليڪٽرو ميگنيٽڪ اسپيڪٽرم (Electromagnetic Spectrum) جو ورتو وڃي ٿو. سڀ شعاع خلا رستي روشنيءَ جي رفتار (186,000 ميل يا 300,000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ) سان سفر ڪن ٿا، جڏهن ته انهن جي لهري ڊيگهه جا ماپا مختلف ٿين ٿا. ڪوانٽم اصول (Quantum theory) مطابق توانائيءَ کي برق مقناطيسي شعاعن جي روپ ۾ ننڍڙين ڳٺڙين يا ٿهن جو ٺهيل تصور ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي هر بنڊل کي فوٽان (Photon) سڏجي ٿو. سج اهڙي گهڻي بکندڙ توانائيءَ جو ذريعو آهي، جيڪا سج جي روشنيءَ ۽ گرميءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن ته گرم شعاع انفرا ريڊيئيشن ٿين ٿا. هر قسم جو برق مقناطيسي شعاع نه رڳو موڙ کائي ٿو. روشنيءَ وانگر جذب ٿي وڃي ٿو. آوازي شعاع- آوازي لهرن جي صورت ۾ پکڙجن ٿا. تابڪاريت ۾ جزن/ پارٽيڪل شعاع جا مثال الفا (Alpha) ۽ بيٽا (Beta) ڪرڻا، ڪيترن قسمن جا ايٽمي ۽ سب ايٽمي جزا/ پارٽيڪل، جهڙوڪ: ميسان (Mesons)، نيوٽران (Neutron)، پروٽان (Proton) ۽ ڳوريون نيوڪلياءِ آهن. شعاعن لاءِ عام طور اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته اهي ڪنهن به ذريعي مان سڌين ليڪن وانگر سفر ڪن ٿا، جڏهن ته انهن جي گسن تي ٻاهرين زورن جو اثر پئجي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو