ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات (Radio Astronomy): ريڊيائي فلڪيات، فلڪيات جي اهڙي شاخ آهي، جنهن ۾ تارن ۽ خلا ۾ موجود مادي جي ڪڪرن مان موڪليل ريڊيائي لهرن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ڪيتريون ڪهڪشائون، تارا ۽ سج ريڊيائي لهرون موڪليندا رهن ٿا، جيڪي ڏسي نہ سگهبيون آهن ۽ نہ وري عام دوربين وسيلي انهن جو پتو لڳائي سگهبو آهي، پر رسدي ايريئلن (Receiving Aerials) وسيلي عام ريڊيائي نشريات وانگر انهن جو پتو لڳائي سگهبو آهي. هي لهرون ايريئلن ۾ هلڪا برقي وهڪرا پيدا ڪن ٿيون، جن کي آواز ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر خلائي رسدگاهن ۾ انهن لهرن کي هڪ خاص قسم جي رسدي اوزارن (Receivers) تي آندو ويندو آهي، جن کي ’ريڊيائي دوربينون‘ (Radio Telescopes) چئبو آهي. ريڊيائي دوربينيون تمام وڏيون ٿينديون آهن تہ جيئن خلا مان وڌ ۾ وڌ لهرون جهٽي سگهن. انهن سمورين لهرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن منجهائن پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرو ايترو نمايان هجي، جو آسانيءَ سان رڪارڊ ڪري سگهجي. ڪن ريڊيائي دوربينن کي وڏيون پيالي جهڙيون آرسيون، (رفليڪٽرز) هونديون آهن، جن جو منهن آسمان جي ڪنهن بہ حصي ڏانهن آسانيءَ سان ڦيرائي سگهجي ٿو. ڪي رفليڪٽر سوين فوٽ قطر جا هوندا آهن. رفليڪٽر جي سامهون ايريل هوندي آهي، جيڪا سڀني لهرن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪندي آهي. لهرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرا خود ڪار اوزارن وسيلي رڪارڊ ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪاغذ تي لهرن واريءَ ليڪ وانگر نظر ايندا آهن. انگلنڊ ۾ ’جاڊريل نديءَ‘ جي ڪناري تي قائم ڪيل رسدگاھہ ۾ هڪ تمام وڏي ريڊيائي دوربين موجود آهي. هيءَ رسدگاھہ دنيا جي وڏين رسدگاهن مان هڪ ليکي وڃي ٿي، تنهن کان سواءِ هڪ هزار فوٽ قطر واري هڪ ريڊيائي دوربين ويسٽ انڊيز جي ’پيورٽو رڪو‘ (Puerto Rico) نالي هنڌ تي ٺاهي وئي آهي. اتي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري هڪ وڏي کڏ ٺھي پئي هئي، جنهن کي پالش ڪيل اليومينم جو استر ڏيئي ريڊيائي دوربين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هيءَ دوربين هونئن تہ ڏاڍي ڪارگر آهي، پر ان کي چوري پوري نٿو سگهجي. عام دوربينن جي مقابلي ۾ ريڊيائي دوربين خلا ۾ تمام اتاهين ڳولا ڪري سگهي ٿي.


لفظ ريڊيائي فلڪياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو