ريڊيائي لهرون

ريڊيائي لهرون

ريڊيائي لهرون

ريڊيائي لهرون (Radio Waves): ريڊيائي لهرون برقي مقناطيسي شعاع (Electromagnetic Radiation) جو هڪ قسم آهن، جن جي برقي مقناطيسي پٽيءَ (Spectrum) ۾ لهري ڊيگهه انفرا ريڊ (Infra Red) روشنيءَ کان وڌيڪ ٿئي ٿي. ريڊيائي لهرن جو تعداد (Frequency) GHz 300 کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 3 KHz جيترو ته لاڳاپيل لهري ڊيگهه هڪ ملي ميٽر کان 100 ڪلوميٽرن تائين ٿي سگهي ٿي. ٻين سڀني برقي مقناطيسي لهرن وانگر اهي روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون. قدرتي پيدا ٿيندڙ ريڊيائي لهرون، موبائيل ريڊيو پيغام رساني، نشريات، ريڊار، جهاز رانيءَ جي نظامن، سيٽلائيٽ پيغام رساني، ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ يا اهڙن ٻين ڪيترن انيڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. زمين جي وايومنڊل (Atmosphere) ۾ ريڊيائي لهرن جون مختلف خاصيتون ٿين ٿيون، جهڙوڪ: ڊگهيون لهرون زمين جي هڪ حصي تي همواريءَ سان سفر ڪن ٿيون. ننڍيون لهرون آئنو اسفيئر/ آئيني منڊل ۾ موڙ کائي سڄي گولي جي چوگرد سفر ڪن ٿيون ته ڪيتريون ننڍڙيون لهرون تمام ٿورڙو مُڙي هڪ سڌيءَ ليڪ ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون.
ريڊيائي لهرن جي سڀ کان اڳ درست اڳڪٿي 1867ع ۾ جئمس ڪلرڪ مئڪسويل (James Clerk Maxwell) ڪئي، جڏهن هن روشنيءَ جي لهرن جهڙيون خاصيتون ۽ انهن ۾ برقي ۽ مقناطيسي هڪجهڙائيءَ جو مشاهدو ڪيو، جنهن جي آڌار تي هن ڪن اهڙين مساواتن (Equations) جون رٿون پيش ڪيون، جيڪي روشني ۽ ريڊيائي لهرن جي برقي مقناطيسيت طور وضاحت ڪندڙ هيون، جيڪي خلا ۾ سفر ڪن ٿيون. 1887ع ۾ هينرڪ هرٽز (Heinrich Hertz) پنهنجي تجربيگاهه ۾ ريڊيائي لهرون پيدا ڪري نه رڳو انهن جو مشاهدو ڪرايو، پر مئڪسويل جي برق مقناطيسي لهرن جي به تصديق ڪئي. ان کان پوءِ ڪيتريون ايجادون ٿيون، جنهن رستي ريڊيائي لهرن کي استعمال ڪري خلا رستي معلومات منتقل ٿيڻ لڳي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو